مواد ڏانھن هلو

احمد شاڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احمد شاڪر (انگريزي:Ahmed Shakir) سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ليکڪ آهي.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

احمد شاڪر جو اصل نالو احمد علي گائنچو پٽ محمد خان گائنچو آهي. هيءُ 5 فيبروري 1997ع تي سعودي عرب مڪي ۾ پيدا ٿيو پر سندس اباڻو شهر ميهڙ، تعلقو ميهڙ، دادو ضلعو، سنڌ آهي جتي هاڻي رهائش پذير آهي.

اتعليم ۽ ادب

[سنواريو]

هن ننڍپڻ ۾ شاعري ۽ نثر لکڻ شروع ڪيو. هن مسلسل جاکوڙ، محنت ۽ مشقت سان ننڍي عمر ۾ شاعر ۽ ليکڪ طور پاڻ کي مڃايو آهي. هن مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ منجهان پاس ڪيو ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڪاليج ميهڙ مان پاس ڪيائين. شاڪر بي ڪام جي ڊگري شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، شھيد بينظير آباد اڳ (نوابشاھ) مان حاصل ڪئي. احمد شاڪر جي شاعري ۽ توڙي نثر نگاري هند توڙي سنڌ جي سنڌي ٻولي ۾ نڪرندڙ اهم رسالن ۽ اخبارن ۾شايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب، قديم دؤر جون عظيم فلسفي عورتون[1], ڪوتا جِي ڪلا ۽ هڪ نظر هيڏانهن بِه ڇپيل آهن.[2][3][4][5][6][7] احمد شاڪر ڪيترن ئي ڪتابن جو تجزيو به لکيو آهي[8]. شاڪر سماج ۾ ٿيندڙ ناانصافين تي به قلم کنيو آهي.[9]

حوالا

[سنواريو]
  1. "ڪتاب تي تبصرو: قديم دور جون عظيم فلسفي عورتون". SindhSalamat. 2020-03-12 تي حاصل ڪيل.
  2. "Poets and writers". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2014-12-17. 2020-02-27 تي حاصل ڪيل.
  3. "سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ احمد شاڪر سان ڳالھ ٻولھ". SindhSalamat. 2020-02-27 تي حاصل ڪيل.
  4. "شاعري باغ هوندي آهي- 06". 2020-02-27 تي حاصل ڪيل.
  5. "يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari): ڪوتا جِي ڪَلا". يوسف جميل لغاري (Yousif Jameel Laghari). 2019-02-17. 2020-02-27 تي حاصل ڪيل.
  6. هيملٽ. اصل نسخو مان 2020-02-27 تي محفوظ ڪيل. 2020-02-27 تي حاصل ڪيل. {{cite book}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد) آرڪائيو ڪيا ويا 2020-02-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  7. "جوهي ۾ ڪهاڻيڪار سائين بخش رند جي پهرين ورسي، لفظن جي ڀيٽا". Awami Awaz (اردو ۾). 2020-02-24. 2020-02-28 تي حاصل ڪيل.
  8. "دراوڙ ميرڙو آھيان (احمد شاڪر) | پيچرو نيوز سنڌي". www.pechro.com. 2020-03-13 تي حاصل ڪيل.
  9. "۽ بُرش ڀڄي پيو (احمد شاڪر) | پيچرو نيوز سنڌي". www.pechro.com. 2020-03-13 تي حاصل ڪيل.