ائنا اخمتووا

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
ائنا اخمتووا

ائنا اخمتووا، جديد روسي شاعرا هئي. هوءَ خاموش مزاج عورت هئي، سندس آتم ڪهاڻيءَ جو ٿورو احوال سندس شاعريءَ مان ظاهر آهي. اخمتووا ڪاري سمنڊ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ اوڊيسا ۾ پيدا ٿي هئي، جيتوڻيڪ هن جي زندگي ۽ شاعري پيٽرسبرگ سان وابسته آهي. هن زارسڪوف سيلو (زار جي ڳوٺ) ۾ پنهنجي زندگيءَ جا 16 سال گذاريا. اهو ڳوٺ پيٽرسبرگ جي ويجھو آهي. 1944ع ۾ جڏهن جنگ کان پوءِ هوءَ لينن گراڊ موٽي وئي، ته پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ هن لکيو ته 1890ع ۾ جڏهن هوءَ ٻار هئي ته اتان جا ساوا ۽ گھِميل خوبصورت باغيچا ۽ واڙا، جتي هوءَ پنهنجي ٻڪريءَ کي گھلي ويندي هئي ۽ پراڻي ريلوي اسٽيشن اهي سڀ کيس ياد ايندا هئا.

1907ع ۾ هن ڪيف ۾ تعليم ورتي ۽ 1910ع ۾ نڪولائي گوميلاف سان شادي ڪيائين، جو روسي شاعريءَ ۾ انقلاب کان اڳ هڪ رنگين مزاج شخصيت هو. هو پهريون شاعر هو، جنهن غير اولهه ملڪن مان نوان موضوع پنهنجي شاعريءَ ۾ آندا هئا. هن آفريڪا جي ملڪن، خاص ڪري ائبيسينيا (حبش) جو سفر ڪيو ۽ اتان جون ڪيئي ڪهاڻيون ۽ خيال پنهنجي تحرير ۾ آندا، پر ان ۾ مذهبي دهشت ۽ خوشيءَ ۾ غم سان بي پرواهيءَ جو عقيدو هو، جنهن هن جي شاعريءَ کي منظر نگاريءَ کان مٿي ڪري بيهاريو هو. اخمتووا هن سان وهانءُ ۾ خوش نه هئي ۽ اهڙو ذڪر هن ڪيترن ئي هنڌن تي ڪيو آهي. هن پهريون ڀيرو اولهه يورپ، گوميلاف سان پنهنجي هَني مون تي ڏٺو، جو هنن پئرس ۾ ملهايو ۽ جڏهن هوءَ ٻيهر 1911ع ۾ وئي. هوءَ مصور مودليانيءَ سان ملي، جڏهن اڃا هو مفلس هو ۽ کيس ايتري مڃتا نه ملي هئي ۽ هن جي موجودگيءَ ۾ فرينچ شاعر ورلين کي پنهنجا ڪيئي نظم ٻڌايائين. مودليانيءَ هن جون ڪيئي تصويرون ڪڍيون، جن مان هڪ بچي وئي، جا پڇاڙيءَ تائين هن جي ديوار تي ٽنگيل هوندي هئي. هن کي پئرس ائين لڳو، ڄڻ اهو هن جي زندگيءَ جو پيٽرس برگ وانگر ٻيو ٿنڀو هو، پر هوءَ روس ۾ پنهنجي مرضيءَ سان موٽي آئي ۽ رهي پئي. 1910ع ۾ هن جي شاعريءَ ۾ اليگزينڊر بلاڪ وانگر اچڻ واري سرد ۽ اونداهي مستقبل، جو اچي رهيو هو، جو تصور ۾ ئي ملي ٿو. 1944ع ۾ هن لکيو ته: ”هن ظالم دور ۾ مون کي ائين پاسيرو موڙيو ويو آهي، جيئن ڪا ندي پنهنجو وهڪرو ڦيرائي ڇڏي.“

پيٽرسبرگ موٽي هن تمام سنجيدگيءَ سان نظم لکيا، جيتوڻيڪ هن جي مڙس کي هن جي ڏات جي -باري- ۾ پڪ نه هئي ۽ هن کي ان لاءِ راضي ڪندو رهيو ته هو بئلي ڊانسر ٿئي. هن جڏهن شاعر انينسڪيءَ کي هن جي موت کانپوءِ پڙهيو ته هن کي محسوس ٿيو ته کيس پنهنجو آواز ملي چڪو آهي. اَنينسڪي هڪ علامت پسند هو، پر ٻين علامت پسند شاعرن کان مختلف هو، جيڪي چوندا هئا ته هاڻي ۽ هتي غير حقيقي آهن، هر شيءِ ناس ٿيڻي آهي. خود اليگزينڊر بلاڪ جي تصور کي به اهڙيون حالتون گرمائينديون هيون، جي قيامت وانگر اچڻيون هيون. 1910ع ۾ اهڙي تحريڪ پنهنجي تخليق ۾ سلسليوار نه رهي ۽ 1912ع ۾ ٻه گروپ پيدا ٿيا، -جن- کي فيوچرسٽ ۽ ائڪميسٽ چيو ويندو هو . پهرين جو ليڊر ماياڪووسڪي هو، جيڪو علامت پسنديءَ جو وڏو مخالف هو ۽ عام رواجي -ٻولي- شاعريءَ ۾ ڪم آڻيندو هو ۽ جنهن هر قسم جي تصور کي رد ڪري ڇڏيو. ائڪميزم جو وڏي ۾ وڏو شاعر آسپ ميڊالسٽام هو ۽ ان به علامت پسنديءَ جي مخالفت ڪئي. اخمتووا ميڊالسٽام جي دوست به هئي ۽ هن کان ڪافي متاثر به هئي. هن جي مڙس گوميلاف هڪڙو جدا شاعرن ۽ اديبن جو گروهه ٺاهيو. ميڊالسٽام اخمتووا جي پهرئين جلد تي مهاڳ لکيو. 1911ع ۾ اخمتووا اٽليءَ، جنيوا، فلارنس، وينس ۽ ٻيا شهر ڏٺا ۽ اطالوي مصوريءَ ۽ تعمير جي فن کان ڪافي متاثر ٿي. 1917ع ۾ اخمتووا ائين سمجھيو ته روس خودڪشي ڪئي آهي ۽ روسي چرچ جي بازنطيني روح کي الوداع ڪئي آهي. هن پوءِ ڪجهه ڪتاب لکيا ۽ ميڊالسٽام جي زال ناديزدا جي گهري ساهيڙي ٿي وئي، جڏهن پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته ان ۾ گوميلاف شريڪ ٿي، فرانس ويو ۽ آڪٽوبر انقلاب کان پوءِ موٽيو. 1918ع ۾ ائنا اخمتوا کي طلاق ڏنائين. ان کان پوءِ هن جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال موجود نه آهي، پر هوءَ ميڊالسٽام سان گڏ لينن گراڊ ۾ گھمندي هئي ۽ آرٽ اڪيڊميءَ ۾ وقت گذارڻ کان سواءِ هن کي پنهنجي شاعري پڙهي ٻڌائيندي هئي. هن لينن گراڊ ۾ تمام تڪليف ڏيندڙ وقت گذاريو ۽ ٻي جنگِ عظيم ۾ ته گھڻا سور سَٺا، جن جي عڪاسي شاعريءَ ۾ ڪئي اٿائين. 1921ع ۾ هن جي اڳين مڙس گوميلاف کي بالشيوڪن گولي هڻي ماري ڇڏيو، جن شاعرن ۽ دانشورن کي ڪافي ڇرڪايو. 1923ع کان 1940ع تائين سندس ڪا به تخليق منظرِ عام تي نه آئي، ڇو ته سينٽرل ڪاميٽيءَ اهڙو ٺهراءُ بحال ڪيو هو ته هن جي ڪابه شيءِ ڇپائيءَ هيٺ اچڻ نه کپي، جڏهن سوويت يونين جا نازي جرمنيءَ سان واسطا چڱا هئا ته اخمتووا مقبوضه پئرس ۽ بمباريءَ هيٺان لنڊن ڏانهن پنهنجو توجهه ڪيو ۽ 1940ع ۾ هن جيڪو نظم لکيو، اهو روس ۾ ڇپجي نه سگھيو. اهو هڪ نهايت دردناڪ نظم آهي.

41-1942ع ۾ هوءَ بار بار دوستو وسڪي پڙهندي رهي، جنهن جي مطالعي جو اثر سندس شاعريءَ تي آهي. دوستو وسڪيءَ ۾ ايندڙ تباهيءَ جون اڳڪٿيون هيون. جڏهن لينن گراڊ جو گھيراءُ ٿيو، تڏهن هن پهريون سيارو نهايت سرديءَ ۾ گذاريو ۽ ان کان پوءِ کيس -تاشقند- هوائي جهاز ۾ نيو ويو، جتي هوءَ اڍائي سال رهي ۽ پنهنجو منتخب ڪلام ڇپايائين، جو يڪدم وڪامي ويو. ڪيترن ئي روسين لاءِ هوءَ روس جو آواز هئي، پر اسٽالن هن جو مخالف هو ۽ هن جي جنهن تقريب ۾ عزت افزائي ڪئي وئي هئي، -ان- تي اعتراض ڪيو هئائين. جنگ جي خاتمي کان پوءِ هن اشاعت لاءِ پنهنجا نوٽ لکيا، سوويت ادبي حلقي وٽ پيش ڪيا ۽ هن جي ڪليات جي ڇپائيءَ جو اعلان ڪيو ويو، پر اها هن جي شاعريءَ وانگر نه ڇپجي سگھي، جيتوڻيڪ چيو وڃي ٿو ته -ان- جا پروف به پڙهيا ويا هئا. 14 آگسٽ 1946ع ۾ پارٽيءَ جي مرڪزيءَ ڪاميٽيءَ هن کي روسي اديبن جي انجمن مان خارج ڪيو ۽ هن جي ڪتابن جي ڇپائي تي جهل وڌي وئي، جا 1953ع ۾ جوزف اسٽالن جي موت تائين رهي. گھر جي تلاشيءَ جي ڀَوَ کان هن ڪيتري شاعري ۽ نثر جلائي ڇڏيو هو، هن جي پٽ کي 3 ڀيرا پهريائين قيد ڪيو ويو هو. هن پارٽيءَ جي بندش خلاف پنهنجو ردِ عمل نه ڏيکاريو، ڇاڪاڻ جو اڳ ئي -اسٽالن-، مينڊالسٽام کي مارائي ڇڏيو هو. هوءَ حالتن کان گھٻرائي خاموش ٿي وئي ۽ 1950ع ۾ مري وئي. سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز هن جي شعرن کان گهڻو متاثر هو، کيس دنيا ۾ جيڪي 5-6 وڏيون شاعرائون ٿيون آهن، تن مان هڪ مڃيندو هو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. شيخ اياز جي ڪتاب ’ڪتين ڪر موڙيا جڏهن‘ ڀاڱي ٻئي تان ورتل.