مواد ڏانھن هلو

آغا عمران پٺاڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

آغا عمران پٺاڻ (انگريزي:Agha Imran Pathan) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪتڙيون ئي ڪهاڻيون شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

آغا عمران جو پورو نالو عمرالحق پٺاڻ آهي. هن سنڌ جي لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي ناليواري شاعر، محقق ۽ شاھ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي گهر ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم

[سنواريو]

آغا پرائيمري کان ڪاليج سطح تائين تعليم لاڻڪاڻي شهر ۾ حاصل ڪئي. هن ايل ايل بي جي ڊگري پڻ حاصل ڪئي.

خدمتون

[سنواريو]

آغا عمران لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي. سندس تربيت ۾ سندس والد جو اهم ڪردار رهيو.[2] سندس خاندان ۾ رضوان گل ۽ ڊاڪٽر احسان دانش پڻ اديب آهن. هن جيڪي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون سي ڪهاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن ۽ ٿيڻ ٿيون. هيءَ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري جج مقرر ٿيو ۽ جج طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.[3][4] ان لحاظ کان سنڌي ادب ۾ جمال ابڙو کان پوءِ ٻيو ڪهاڻيڪار آهي جيڪو اديب سان گڏ جج به آهي. هيءُ ادبي پروگرامن ۾ پڻ شرڪت ڪندو رهيو آهي. کيس مڃتا طور ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ اوارڊ مليل آهن.

حوالا

[سنواريو]
  1. "آغا عمران پٺاڻ". Aziz Kingrani (انگريزي ۾). 2020-11-11. 2020-11-11 تي حاصل ڪيل.
  2. Shakir, Shafique Rehman (2018-05-10). "شاعر ۽ شاعري بلاگ: احسان دانش ؛ نئين غزل جو شاعر". شاعر ۽ شاعري بلاگ. 2020-11-11 تي حاصل ڪيل.
  3. "سيپڪو جوهي جي ايس ڊي او ۽ ايل ايس کي هٿڪڙي لڳي وئي -". 2020-11-11 تي حاصل ڪيل.
  4. onlineindus.com https://onlineindus.com/Sindhi/newsdescription/12180/%D8%B3%D9%8A%D8%B4%D9%86-%D8%AC%D8%AC-%D8%AF%D8%A7%D8%AF%D9%88-%D8%AC%D9%8A-%D8%AD%DA%AA%D9%85-%D8%AA%D9%8A-%D8%AC%D9%88%D9%87%D9%8A-%DB%BE-%D8%B3%D9%88%D9%84-%D8%AC%D8%AC-%D8%AC%D9%88-%D9%BF%D8%A7%DA%BB%D9%8A-%D8%AA%D9%8A-%DA%87%D8%A7%D9%BE%D9%88%D8%8C-%D8%A8%D9%86%D8%A7-%DA%AA%D9%86%D9%87%D9%86-%DA%AA%D9%8A%D8%B3-%DB%BE-%D9%82%D9%8A%D8%AF-%D9%86%D9%88%D8%AC%D9%88%D8%A7%D9%86-%D8%A8%D8%A7%D8%B2%D9%8A%D8%A7%D8%A8--. 2020-11-11 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد)