آراڙوجو قبرستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(آراڙو قبرستان کان چوريل)
آراڙي جو قبرستان

آراڙو جو قبرستان انگريزي (Graveyard of Araro) سنڌ جي دادو ضلعو، جوهي تعلقو جي شهر جوهي کان اٽڪل 13ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واهي پانڌي روڊ ڳوٺ پٽ سليمان کان اتر طرف 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪاڇو ۾ واقع آهي. هيءُ قبرستان ڪلھوڙن جو دور کان اڳ 17 صدي عيسويءَ جي وچ جو آهي ۽ ديهه آراڙو، تعلقو جوھي، ضلعي دادو، تپي بکر شھيد ۾ موجود آهي. تاريخ مظهر شاهجهاني ۾ آراڙي جو تذڪرو پڻ موجود آهي. مقامي طور ھن کي ٻُٽا قبا به چوندا آھن ڇاڪاڻ ته اڪثر مقبرن کي نيلون نه آهن. روايت آھي ته ھتي ميان وال تحريڪ جا ٻه سپوت عالم خان ۽ گنھور خان ٻئي ذات جا گنهوراڻي لنڊ دفن ٿيل آھن. -تاريخ- ۾ ھن ماڳ جو ذڪر ھيئن ٿيل آھي، ته ھي ماڳ ڪلھوڙن کان اڳ موجود ھو. ھتي ڪل نو مقبرا اڃا موجود آھن. جن مان پنج مقبرا پڪ سرا آھن، جڏھن ته چئن جي مٿان گنبذ موجود ڪونه آھي. صرف ھڪ رانڪ مڪمل نظر آئي جيڪا گنبذ سان ۽ لتل آھي. پنجن پڪ سرن مقبرن جا رڳو بنياد بچيا آھن. مڪمل رانڪ ۾ اندر ٻه قبرون ھيون، جيڪي چن گاري سان لتل ھيون. اندر گل چٽ نڪتل آھن. اندران ڪنڊ جوڙون (squinches) زمين کان مٿي ڇت ڏانھن نڪرن ٿيون. فرش به چن گاري سان لتل آھي. ٻيون به ڪيتريون قبرون چن گاري سان لتل ٽڙيل پکڙيل آھن، جن تي گلڪاري ۽ نقش نڪتل آھن.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. آراڙو قبرستان : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. آراڙو قبرستان | SindhSalamat, وقت 2018-02-24 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-05-10