گوري مندر، نگرپارڪر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گوري مندر
(سنڌي: گوري مندر)
گوري مندر
گوري مندر
گوري مندر، نگرپارڪر is located in سنڌ
گوري مندر، نگرپارڪر
Shown within سنڌ
بنيادي ڄاڻ
جاءِ نگر پارڪر
مقانيت 24°38′02″N 70°36′34″E / 24.63389°N 70.60944°E / 24.63389; 70.60944مڪانيت: 24°38′02″N 70°36′34″E / 24.63389°N 70.60944°E / 24.63389; 70.60944
وابستگي جين مت
Deity پرشوناٿ
ضلعو ٿرپارڪر ضلعو
State سنڌ
ملڪ پاڪستان پاڪستان
تاريخ تعمير 1375 عيسوي
مندر جو افقي منظر

گوري مندر (المعروف گوري جو مندر) ننگرپارڪر ۾ واقع هڪ جين مندر آهي۔[1] هي ويرواه مندر کان 14 ڪلوميٽر اتر اوله ۾ واقع آهي۔[2] هي مندر 1375-1376 عيسوي ۾ تعمير ڪيو ويو هيو۔ مندر خصوصي طور تي 23هين جين ترٿانڪر ڀڳوان پارشوناٿ جي لاءِ مختص ڪيو ويو هيو۔[3]

گوري مندر جو ھڪ منظر

اشتقاق[سنواريو]

هر صدين دوران هن مندر جو نالو ڪيترائي ڀيرا تبديل ٿيو. هي 300عيسوي ۾ هڪ جين پرستار گوريڇوم پاران تعمير ڪرايو ويو هيو.[4]، يا 16هين صدي ۾۔[5]

طرز تعمير[سنواريو]

مندر جو ھڪ گنبذ جو اندروني منظر

گوري مندر ۾ مائونٽ ابو، راجسٿان ڀارت جي ماڻهن جي طرز تي تعير آهي ۔[6] هي مندر 125فٽ ضرب 60 فٽ آهي، ۽ سنگ مرمر سان بڻايو ويو آهي۔ پوري مندر کي هڪ مٿانهين اسٽيج تي تعمير ڪيو ويو آهي جيڪو پٿرن ۾ کوٽڻ واري هڪ سلسلي جي طرف سان پهچي وئي آهي۔ مندر جي اندرئين حصي جون خصوصيتن ۾ مذهب جي تصور سان سجيل آهي جيڪا اتر ڀارت جي جين مندرن ۾ ڪنهن ٻئي مندرن کان پراڻِي آهي ۔ هي گهميل گولدار ۾ بڻايو ويو آهي ۽ مندر جي داخل باب کي جين مذهبي ڪهاڻي جي بيان ڪرڻ واري پينٽنگس سان سجايو ويو آهي. گوري جو (گوري مندر) ۾ تصويرون آهن۔ مندر ۾ 24 ننڍا ننڍا خانا آهن جيڪي جيني تيرٿانڪرن جي آرام جي لاءِ استعمال ڪيا ويندا هوندا۔[7]

گنبذ جو اندروني ڪم

حوالا[سنواريو]

  1. Anis, Ema. "Secrets of Thar: A Jain temple, a mosque and a 'magical' well". DAWN.COM. وقت 16 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-12-21.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  2. "Gori Temple, Tharparkar". heritage.eftsindh.com. وقت 16 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-12-21.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  3. "Gori jo Mandar: Desert rose". The Express Tribune. وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-12-21.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  4. "A glimpse into the many sights, sounds and colours of Hindu temples in Thar". www.thenews.com.pk. وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-12-21.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  5. "Despite past grandeur, temple of Gori stands abandoned in Tharparkar". The Express Tribune. وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-12-21.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  6. "Despite past grandeur, temple of Gori stands abandoned in Tharparkar". The Express Tribune. وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-12-21.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  7. Centre, UNESCO World Heritage. "Nagarparkar Cultural Landscape". UNESCO World Heritage Centre. وقت 7 جنوري 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-12-21.  Check date values in: |archive-date= (مدد)

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:جين ڌرم موضوع