وڪيپيڊيا:ڊليشن پاليسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هي صفحو وڪيپيڊيا جي حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل آهي،جنهن کي وڪيپيڊيا مرتب ڪندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي گڏوگڏ هي سڀني واپرائيندڙن جي لاءِ واجب پيروي معيار آهي۔ توهان هن صفحي ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، پر خبردار اهو خيال رهي ته توهان جي ڪاءِ به ترميم ڪنهن اتفاق راءِ جي خلاف نه هجي۔

وڪيپيڊيا ڊليشن پاليسي، وڪيپيڊيا ڊانهڻ حڪمت عملي جي تحت انهن مضمونن يا صفحن سان لاڳاپيل اصولن ۽ طريقيڪار ڏانهن اشارو ڪرڻ آهي، جيڪي لاڳاپيل معيارَ جي پٽاندڙ نه هجن، اهڙي ريت انهن صفحن کي ڪنهن طرح ۽ ڪنهن شرطن جي بنياد تي ڊانهيو وڃي. عام طرح وڪيپيڊيا تان روزانو پنج هزار صفحا هيٺ ڏنل طريقي سان ڊانهيا يا ڊليٽ ڪيا ويندا آهن.

وڪيپيڊيا جي ڪنهن صفحي کي ڊانهڻ يا ڊليشن جي نتيجي ۾ ان صفحي جو پيج جي هسٽري يا سنواح پڻ منظر عام تان ختم ٿي ويندي آهي. تخريب ڪاري کانسواءِ جنهن ۾ سمورا واپرائيندڙ سنوار ڪري سگهن ٿا، رڳو انتظام سنڀاليندڙ يا ايڊمن وٽ ڪنهن صفحي کي ڊانهڻ جو اختيار هوندو آهي. اهڙي ريت منتظم يا ايڊمن ڪنهن ڊانهيل (ڊليٽ ڪيل) صفحي کي ڏسي، يا سارسنڀال يا بحال پڻ ڪري سگهي ٿو. وڪيپيڊيا تي انهن سمورن اُپائن جي سنواح ڊليشن لاگ ۾ سانڍيل هوندي آهي.


ڊانهڻ جا ڪارڻَ[سنواريو]

هيٺ ڏنل سببن جي ڪري ڊانهڻ جا ڪارڻ بيان ڪيل آهن، پر اهي ڪارڻ رڳو ذڪر ڪيل معاملن تي ئي ٻڌل ناهين، (ڌيان ۾ رکو ته جيڪڏهن ڪنهن ڀاڱو يا صفحو کي ڊانهڻ کان سبب ڊانحن ختم ٿي وڃن ته مڪمل صفحو کي ڊانهڻ کان اڳ ۾ اهو ڪرڻ بهتر آهي.)