مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:ثابتي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڪيپيڊيا ۾ مضمونن جي لاءِ داخلي رستو انهن جي قابل تصديق هجڻ جي حيثيت (Verifiability) سان مشروط آهي نہ ڪي انهن جي سچي پر ناقابل تصديق هجڻ سان۔ هتي قابل تصديق مان مُراد هيءَ آهي ته جيڪي به داخلائون (اندراج) وڪيپيڊيا ۾ ڪيا وڃن انهن جي باري ۾ هيءَ ڳالهہ انتهائي ضروري آهي ته ڪوئي بہ پڙهندڙ ( قاري) انهن جي تصديق ڪري سگهي، يعني ان جي باري ۾ اهو معلوم ڪري سگهجي ته اها معلومات ڪنهن مُعتبر (مُستند) ذريعي پاران شائيع ٿي چُڪي آهي. تهنڪري ليکڪ يا پڙهندڙ جي لاءِ لازمي آهي تہ جيڪڏهن هو اهڙي معلومات درج ڪري تہ جنهن جو حوالو گُهربَل هُجي يا گُهريو وڃي ته ان جو حوالو فراهم ڪري.


حوالا ڏيڻ جي ذميواري

سڀ مواد جي تصديق ٿيڻ لازمي آهي. تصديق جو ثبوت ڏيکارڻ جو بار (دارومدار) ايڊيٽر تي آھي جيڪو مواد کي شامل ڪري يا بحال ڪري ٿو، ۽ اھو ھڪڙي بااعتماد ماخذ (سورس) کي ان لائن حوالو (inline citation) مهيا ڪندي مطمئن آھي جيڪو سڌي طرح ڀاڱيدارين کي پٺڀرائي (سپورٽ) ڪري ٿو.

قابل اعتماد ذريعا

ذريعن جو حوالو ڪيئن ڏيڻ گهرجي

ذريعا جيڪي عام طور تي قابل اعتبار ناهن

سواليہ ذريعا

قابل اعتراض ذريعا اهي آهن، جيڪي حقيقتن کي جانچڻ جي لاءِ ڪمزور- ناڪافي شهرت رکن ٿا، جيڪي معنيٰ خيز ادارتي نگراني کان محروم آهن، يا جن ۾ ظاهري مفادن جو تڪرار آهي.

پاڻ-ڇاپيل ذريعا

ڪو به ماڻهو ذاتي ويب پيج ٺاهي سگهي ٿو، پاڻ ڪتاب شايع ڪري سگهي ٿو، يا ماهر هئڻ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته پاڻ شايع ٿيل مواد جهڙوڪ ڪتاب، پيٽنٽ، نيوز ليٽر، ذاتي ويب سائيٽس، اوپن وڪي، ذاتي يا گروهي بلاگ (جيئن ته نيوز بلاگز، مٿي ڄاڻايل آهي)، مواد فارمز، انٽرنيٽ فورم جون پوسٽون (لکڻيون)، ۽ سوشل ميڊيا پوسٽنگ گهڻو ڪري قابل قبول ذريعا نه آهن. خود شايع ٿيل ماهر ذريعا تڏهن قابل اعتماد سمجهي سگهجن ٿا، جڏهن هڪ قائم ڪيل موضوع واري ماهر پاران تيار ڪيل هجي، جن جو لاڳاپيل فيلڊ ۾ ڪم قابل اعتماد، آزاد اشاعتون اڳ ۾ ئي ڇپيل آهي. اھڙن ذريعن کي استعمال ڪندي احتياط ڪريو: جيڪڏھن سوال ۾ معلومات شامل ٿيڻ لاءِ موزون آھي، ته ڪنهن ٻئي ماڻھو غالباً ان کي آزاد ڀروسي وارن ذريعن ۾ شايع ڪيو هوندو. زنده ماڻهن بابت ٿرڊ پارٽي جي ذريعن طور ڪڏهن به پاڻ شايع ٿيل ذريعن کي ڪڏهن به استعمال نه ڪيو، ڀلي توڙي ايستائين جو جڏهن ليکڪ هڪ ماهر، معروف پيشه ور محقق، يا ليکڪ آهي.