هنڊوراس
ريپبلڪ آف ھونڊوراس ريپبلڪا ڊي ھونڊوراس (اسپيني ٻولي) | |||||
---|---|---|---|---|---|
| |||||
شُعار: '
| |||||
گادي جو هنڌ | ٽيگوسيگالپا 14°6′N 87°13′W / 14.100°N 87.217°W | ||||
سڀ کان وڏو شهر | ٽيگوسيگالپا | ||||
دفتري ٻوليون | اسپيني | ||||
نسلي گروھ ( ) |
| ||||
مقامي آبادي |
| ||||
حڪومت | وحدانيصدارتي ريپبلڪ | ||||
• صدر |
جوئان آرلنڊو ھرنانڊيز | ||||
• نائب صدر |
رڪارڊو الوئريز آريئاس | ||||
مارسيئو اوليوا | |||||
مقننه | نيشنل ڪانگريس | ||||
آزادي | |||||
•
اعلان b اسپينکان |
15 سيپٽمبر 1821 | ||||
•
اعلان پھرين ميڪسيڪن ايمپائر کان |
1 جولائي 1823 | ||||
• اعلان: ھونڊوراس جي حيثيت ۾ ، فيڊرل ريپبلڪ آف سينٽرل آمريڪا کان |
5 نومبر 1838 | ||||
پکيڙ | |||||
• جملي |
112٬492 km2 (43٬433 sq mi) (101st) | ||||
آبادي | |||||
• 2016 اندازو |
9,112,867[1] (95th) | ||||
• 2007 مردم شماري |
7,529,403 | ||||
• گھاٽائي |
64 /km2 (165.8 /sq mi) (128th) | ||||
جِي ڊي پي (مساوي قوت خريد ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$49.010 ارب ڊالر [2] (104th) | ||||
• في سيڪڙو |
$5,817[2] (133rd) | ||||
جِي. ڊي. پي (رڳو نالي ۾ ) | 2018 لڳ ڀڳ | ||||
• ڪل |
$23.835 ارب ڊالر [2] (108th) |
ھونڊوراس يا ھنڊورس : (انگريزي: Honduras ) (i/hɒnˈdjʊərəs/) [5] Spanish: [onˈduɾas] ( ٻڌو)), جنھن جو سرڪاري نالو ريپبلڪ آف ھونڊوراس آهي، وچ آمريڪا ۾ واقع هڪ ملڪ آهي جنھن جون سرحدون اولھ ۾ گوئٽي مالا سان، ڏکڻ-اولھ ۾ ايل سلويڊور سان، ڏکڻ-اوڀر ۾ نڪاراگوا سان ، ڏکڻ ۾ فونسيڪا واري نار وٽ پيسفڪ سمنڊ سان ملن ٿيون. ۽ اتر ۾ ھونڊوراس جي نار سان ملن ٿيون. ھي ملڪ سورھين صدي ۾ اسپيني بيٺڪيت بڻجڻ کان اڳ ڪيترين ئي ميسوآمريڪي تھذيبن جو مرڪز رھيو ھو جن ۾ سڀ کان مشهور مايا واري تھذيب آھي. اسپين اتي رومن ڪيٿولڪ عقيدو ۽ اسپيني ٻولي سميت ڪيتريون ئي ريتون متعارف ڪرايون جيڪي مقامي ثقافت سان رلي ملي ويون. 1821 ۾ آزاد ٿيندڙ ھي ملڪ تڏهن کان وٺي ھڪ ريپبلڪ رھيو آھي. ان جو اڃان تائين شمار غريب ملڪن ۾ ٿئي ٿو. 1960 ۾ بين الاقوامي انصاف واري عدالت جي فيصلي مطابق ان جي اترئين پاسي ۾ ماسڪئيٽو وارو سامونڊي ڪنارو کيس نڪاراگوا کان مليو.[6] ملڪ جي معيشت زرعي آھي جيڪا قدرتي آفتن جو شڪار ٿيندي رھي ٿي . 1998 وارو مچ نالي سامونڊي طوفان ان جو ھڪ مثال آهي. عام ماڻھو جو تعلق زرعي پوکي سان آهي. دولتمند ماڻھو شھرن ۾ رھندڙ آھن. ھن ملڪ جي انساني ترقي جي اشاريي جي شرح 0.625 آهي جنھن ڪري ان جو شمار وچولي ترقي وارن ملڪن ۾ ٿئي ٿو. ھتان جو سماج گھڻي ڀاڱي ميسٽيزو ماڻهن جو آهي. ان سان گڏوگڏ اتي آمريڪي انڊين، ڪارا ۽ گورا پڻ رھندڙ آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "World Population Prospects: The 2017 Revision". ESA.UN.org (custom data acquired via website). United Nations Department of Economic and Social Affairs, Population Division. حاصل ڪيل 10 September 2017.
- ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 "World Economic Outlook Database, October 2018". IMF.org. International Monetary Fund. حاصل ڪيل 7 March 2019.
- ↑ "GINI index (World Bank estimate)". data.worldbank.org. World Bank. حاصل ڪيل 7 March 2019.
- ↑ "Human Development Report 2019" (PDF). United Nations Development Programme. حاصل ڪيل 10 December 2019.
- ↑ Wells, John C., Longman Pronunciation Dictionary, Longman, ISBN 9781405881180
- ↑ "Mosquito Coast". Encyclopædia Britannica (Britannica Concise Encyclopedia). Archived from the original on 29 September 2007. https://web.archive.org/web/20070929141401/http://concise.britannica.com/ebc/article-9372678/Mosquito-Coast. Retrieved 3 August 2007.