جنس
ڏيک
جنس ____(Gender):[1]
سنڌي ويا ڪرڻ ۾ ٻه جنسون آهن.
- مذڪر (نَرُ) ؛ مذڪر اُهي اسم يا ضمير آهن جيڪي نر جي معنى ڏيکارين، تن کي جنس مذڪر چئبو آهي.
- مؤنث (مادي) ؛ مؤنث اُهي اسم يا ضمير آهن جيڪي مادي جي معنى ڏيکارين، تن کي جنس مؤنث چئبو آهي.
جيئن؛ مذڪر؛- بادشاھ، شهزادو، ڇوڪرو، مرد، گابو، پاڏو، ٻڪر، شينهن، واگھ، ڀاءُ، مڙس، سالو، ٻانهو...
جيئن؛ مؤنث؛- راڻي، شهزادي، ڇوڪري، عورت، گابي، پاڏي، ٻڪري، شينهڻ، واگھڻ، ڀيڻ، زال، سالي، ٻانهي...
بي جان شين جي جنس
[سنواريو]بي جان شين جي جنس جي معلوم ڪرڻ لاءِ هيٺيون قانون آهي.
بي جان شين سان صفت لڳائبي ته جنس مذڪر يا جنس مؤنث معلوم ٿي ويندي.
- گلاب جو گل سهڻو آهي.
- هي ندي سهڻي آهي.
- ليمون ڏاڍو کٽو آهي
- باقي جن واحد اسمن جي آخر ۾ ”و“ آهي سي جنس مذڪر آهن.
جئينː- دلو، ڪؤنرو، اڏام کٽولو، اٽو، لٽو.
2. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ۾ ”پيش“ آهي سي گهڻو ڪري مذڪر ۽ ڪڏهن ڪڏهن مؤنث ٿين.
جئين؛ مذڪر ؛ هٿ، دڪان، ٻڪ، سج، نڪ
3. جن واحد اسمن جي پڇاڙي ۾ ”زبر“ آهي سي گهڻو ڪري مؤنث آهن.
جئين؛ ميز، ڄڀ، کٽ، قبر، پڳ، نٿ.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Gender | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. حاصل ڪيل 2020-02-12.