اسم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

اسم __ (Noun):

گرامر جو اصطلاح. ڳالهائڻ جو لفظ. اھو لفظ جو ڪنھن به ماڻھوءَ، ساھواري، شيءِ، جاءِ، ڪم، حالت ۽ خاصيت جو نالو ھجي. جيئن تھ: غلام محمد، شينهن، ميز، ٿاڻو، غريبي، اميري، وغيره.

لفظ اسم[سنواريو]

لفظ اسم عربي ٻوليءِ جو لفظ آهي، جنهن جي معني آهي نـالـو. عربي ٻولي جو لفظ جنھن کي انگريزي ۾ noun چيو ويندو آھي۔ يعني ڪنھن شخص، مقام، فرد، شيء، ڪيفيت يا وصف جو نالو۔ [1]. صوفي شاعريءَ ۾ ’اسم‘ لفظ ’الله‘ لاءِ به ڪم ايندو آهي.[2]

انگريزيءَ جو لفظ نائون (noun) لاطيني ٻوليءَ جي لفظ نومين nōmen مان نڪتل آھي جنھن جي معني نالو آهي.[3]

ڳالھائڻ جي لفظن جي درجہ بندي سنسڪرت ٻوليءَ ۾ پنجين صدي قبل مسيح ۾ ٿي .مشھور گرامردان ياسڪا جي نروڪتا ۾ ڏيکاريل چئن درجہ بندين ۾ اسم پڻ شامل ھيو.[4]

اسـم نالو آهي
ماڻهو پکي جاندار جايون بي جان خاصيتون حالتون ڪم ڪيفيت ڌاتو پاڻياٺ الله جا نالا اڻ ڳڻپ شيون
سالار جھرڪي ماڪڙ اسڪول ميز چالاڪي ننڍپڻ پڙهڻ پيار لوھ پاڻي الرحمان هوا
مهراڻ ڪٻر پلو گھر ڏاٽو اڇاڻ اميري لکڻ ٿَڪُ جست کير الرحيم ساھ
سارنگ تتر لڌڙو اوطاق چنڊ نيڪي غريبي اٿڻ عشق ٽامو شربت القادر باھ

اسم جا قسم[سنواريو]

سنڌي ويا ڪرڻ (گرامر) ۾ اسم جا مکيه ٻه قسم آهن؛

اسم صفاتي[سنواريو]

اهڙا اسم جن کي ڏسي سگجهي ٿو. هن جا ٻه قسم آهن.

اسم خاص[سنواريو]

اسم خاص اهڙا اسم جيڪي نالو آهن ڪنهن خاص ماڻهو ، خاص جانور، خاص شيءِ يا ڪنهن خاص ساهواري جو نالو هجي، انکي اسم خاص چئبو آهي.

مثال طور؛ هير سچل ڪاليج نوابشاھ مان انٽر پاس ڪري چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪرڻ وئي. (خاص نالا؛ هير، سچل ڪاليج، نوابشاھ، لاڙڪاڻو)

نوٽ؛ اسم خاص سان ڪهڙو يا ڪنهن جو سوال ٿي نه سگھندو آهي ڇو نه هو خود خاص اسم هوندا آهن.

اسم عام[سنواريو]

هڪ کان وڌيڪ هڪ جھڙين شين جي نالن کي اسم عام چئبو آهي.

مثال طور؛ سالار ڪتاب خريد ڪري ٿو. هي اسڪول جون ڪرسيون آهن. مينڌرو گھوڙي تي چڙهي گاھ وٺڻ بازار ويو. (عام نالا؛ ڪتاب، ڪرسيون، گھوڙو، گاھ)

نوٽ؛ ميڙ جا نالا پڻ اسم عام ٿيندا آهن. جئين ولر، وڳر، ڌڻ، لشڪر، رعيت، عوام، ٽيم. ٽولو، گروھ، وغيره

اسم ذاتي[سنواريو]

هنن اسمن حواسن زذريعي محسوس ڪري سگھجي ٿو. هن کي اسم ذات پڻ چئبو آهي.

اسم ذات[سنواريو]

اهڙا اسم جيڪي ڪنهن خاصيت حالت ۽ ڪم جو نالو ظاهر ڪن. انهن کي اسم ذات چئبو آهي.

نوٽ؛ اسم ذات اهڙن اسم کي پڻ چئبو جن کي صرف حواسن جي ذريعي معلوم ڪري نه سگھجي فقط محسوس ڪري سگھجي.

اسم ذات جو جدول
خاصيتون وفاداري نيڪي ساوڪ هوشياري چالاڪي بيوقوفي روشني سونهن ڪاراڻ ڦڪاڻ ايمانداري
حالتون ننڍپڻ ويڙھ بيماري اميري غريبي پيري مريدي بيوسي گرمي ٿڌ جواني
ڪم پڙهڻ گھمڻ لکڻ ڏسڻ وڃڻ وڄڻ اٿڻ سمهڻ اچڻ هالائڻ ڏيڻ

نوٽ؛ الله تعالي جا سڀئي نالا اسم ذات آهن.

الله، الرحيم، القادر، الوهاب، الغفار....

اسم جا وڌيڪ قسم[سنواريو]

اسم مصدر[سنواريو]

مصدر جي معنى آهي بڻ بنياد، نڪرڻ جي جاءِ

اهڙا اسم جيڪي فعل جي بڻ بنيادي صورت مان هجن، جن مان ڪنهن ڪم يا حالت جي معني ظاهر ٿئي ۽ سندس پڇاڙيءَ وارو اکر "ڻ" هجي اهڙن لفظن کي اسم مصدر چئبو آهي.

جيئن؛ لکڻ، پڙهڻ، اُٿڻ، سمجھڻ، کائڻ، سمهڻ وغيره

امر[سنواريو]

امر جي معنى آهي حڪم، عرض، منٿ

وصف؛ اهڙا لفظ جيڪي اڪثر ڪري حڪم ڪرڻ، عرض ڪرڻ مهل ڪم آڻبا آهن.

نوٽ؛ اسم مصدر مان "ڻ" ڪڍڻ سان امر ٺهندو آهي.

امر جا قسم[سنواريو]
امر حال[سنواريو]
  • امر حال واحد؛ اسم مصدر "ڻ" ڪڍڻ سان ٺهندو آهي
  • امر حال جمع؛ امر واحد ۾ "و" يا جيڪڏهن امر حال واحد جي آخر زير آهي ته "يو" ملائڻ سان امر حال جمع ٺهندو آهي.
امر استقبال[سنواريو]
  • امر استقبال واحد؛ امر حال واحد ۾ "ج" ملائڻ سان يا امر حال واحد ۾ "جان" ملائڻ سان امر استقبال واحد ٺهندو آهي.
  • امر استقبال جمع؛ امر حال واحد ۾ "جو" ملائڻ سان امر استقبال جمع ٺهندو آهي.
اسم مصدر مان امري لفظ ٺاهڻ
اسم مصدر امر حال واحد امر حال جمع امر استقبال واحد "ج"سان امر استقبال واحد "جان"سان امر استقبال جمع
لکڻ لک لکو لکج لکجان لکجو
پڙهڻ پڙھ پڙهو پڙهج پڙهجان پڙهجو
مارڻ مار (آخر ۾ زير) ماريو مارج مارجان مارجو
گھمڻ گھم گھمو گھمج گھمجان گھمجو
ڏسڻ ڏس ڏسو ڏسج ڏسجان ڏسجو

اسم مشتق[سنواريو]

مشتق جي لفظي معنى آهي ”چيرڻ“

وصف؛ اهڙا لفظ جيڪي فعل جي بنياد مان نڪتل هجن پر اسم يا صفت ٿي ڪم اچن، اهڙا لفظ ڳالهائڻ جي لفظن ۾ شمار نه هوندا آهن.

مثال طور؛ ايندڙ کي عزت ۽ ويندڙ کي مانُ ڏجي. ايندي هر ڪو سلام ڪري پر ويندي ڪو به نه پُڇي. ( ايندڙ، ويندڙ، ايندي، ويندي اسم ٿي ڪم آيل آهن جيڪي اچڻ ۽ وڃڻ مان جڙيا آهن.)

اسم حاليه[سنواريو]

فعل جي اسمي صورت ( ”حاليه“ جي معنى آهي “جاري رکندڙ“)

وصف؛ اهڙا لفظ جيڪي فعل جي بنياد مان جڙيل هجن ۽ اسم سان لاڳو هجن يعني ڪو به ماڻهو ڪم ڪندي، ڪنهن ٻئي ڪم کي لڳو. اهڙا لفظ اسم حاليه سڏبا آهن.

مثال طور؛ راڻو بال سان کيڏندو گھمندو گهر پهتو.

نوٽ؛ امر حال واحد جي آخر ۾ پيش هجي ته ”ندو“ ملائڻ سان ۽ جيڪڏهن امر حال واحد جي آخر ۾ زير هجي ته ”يندو“ ملائڻ سان اسم حاليه ٺهندو آهي.

امر حال واحد مان اسم حاليه جو چارٽ
امر حال واحد اسم حاليه امر حال واحد اسم حاليه امر حال واحد اسم حاليه امر حال واحد اسم حاليه امر حال واحد اسم حاليه
مار ماريندو پڙھ پڙهندو ڏس ڏسندو لک لکندو سمھ سمهندو
کاءِ کائيدو پيءُ پيندو ويھ ويهندو ياد ڪر يادڪندو پوک پوکيندو

اسم فاعل[سنواريو]

فعل جون اهڙيو صورتون جيڪي جملي ۾ اسم جي بدران ڪم اچن ۽ اسمن سان لڳي صفت جو ڪم ڏين. اسم فاعل به اسم فاعل به فعل مان ئي جڙندو آهي.

مثال طور؛ ويندڙ کي وڃڻو هو. کٽندڙ رانديگر کي انعام ڏنو ويو. ( ويندڙ ۽ کٽندڙ ٻئي اسم فاعل آهن)

نوٽ اسم فاعل ٺاهڻ جو طريقو؛ نوٽ؛ امر حال واحد جي آخر ۾ پيش هجي ته ”ندڙ“ ملائڻ سان ۽ جيڪڏهن امر حال واحد جي آخر ۾ زير هجي ته ”يندڙ“ ملائڻ سان اسم فاعل ٺهندو آهي.

امر حال واحد مان اسم فاعل جو چارٽ
امر حال واحد اسم فاعل امر حال واحد اسم فاعل امر حال واحد اسم فاعل امر حال واحد اسم فاعل امر حال واحد اسم فاعل
مار ماريندڙ پڙھ پڙهندڙ ڏس ڏسندڙ لک لکندڙ سمھ سمهندڙ
کاءِ کائيندڙ پيءُ پيندڙ ويھ ويهندڙ ياد ڪر يادڪندڙ پوک پوکيندڙ

اسم مفعول[سنواريو]

اهڙا لفظ جن جو بنياد امر حال واحد (بنيادي فعل) هجي ۽ جملي ۾ هن جو استعمال تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن فعل وارو ڪم اڳ ۾ پورو ٿي چڪو هجي.

مثال طور؛ پنهل کٽيل راند هارائي ويٺو. سدوري انعام کٽيو آهي. هي ڪتاب امر سنڌو جو لکيل آهي. ماءُ پيءُ جو پٽيل ڪٿي ٿو سڌري. (کٽيل، کٽيو، پٽيو، اسم مفعول آهن جيڪي فعل جي بنياد مان نڪتل آهن.)

اسم تصغير[سنواريو]

(تصغير معنى آهي ننڍي ۾ ننڍو) اهڙا اسم جن جي اصل حيثيت کي گھٽائي پيش ڪيو وڃي.

اسم مان اسم تصغير
اسم اسم تصغير اسم اسم تصغير اسم اسم تصغير اسم اسم تصغير اسم اسم تصغير اسم اسم تصغير اسم اسم تصغير
هٽُ هٽڙي دڪان دڪانڙو گاڏي گاڏڙي پُٽ پٽڙو گاڏو گاڏڙو اوطاق اوطاقڙي گهر گھرڙو

اسم تڪبير[سنواريو]

(تڪبير جي معنى آهي وڏي ۾ وڏو) اهڙا اسم جيڪي اصل حيثيت کان وڌائي پيش ڪيو وڃي.

اسم مان اسم تڪبير
اسم اسم تڪبير اسم اسم تڪبير
لپ لپوڙو ماٽي ماٽو

اسم ڪيفيت[سنواريو]

اهڙا اسم جيڪي ڪنهن ڪيفيت کي ظاهر ڪن انهن کي اسم ڪيفيت چئبوآهي.

جيئن؛ ٿَڪُ، خُمارُ، عشقُ، نشو، ننڍ

اسم منسوب[سنواريو]

(منسوب جي معنى آهي تعلق رکڻ) ڪنهن به اسم سان منسوب ٿيل لفظ اسم منسوب چئبو آهي.

جيئن؛ حنگلي، جرمني، عيسائي، هندي

اسم ڪنايه[سنواريو]

اهڙا اسم جيڪي مبهم (لڪل) اشاري لاءِ استعمال ٿين.

جيئن؛ هيئن هونئن ڪري ڇڏاءِ. ٽيرُمٽير ڪري هليو ويو. (هيئن هونئن، ٽيرُمٽير اسم ڪنايه آهن.)

اسم صوت[سنواريو]

(صوت جي معنى آهي آواز) پکين ۽ جاندار جان آواز اسم صوت آهن.

اسم صوت (جاندارن جا آواز)
جاندار آواز جاندار آواز جاندار آواز جاندار آواز جاندار آواز جاندار آواز جاندار آواز
ڪوئل ڪوڪو ڪانءُ ڪان ڪان طوطو ٽين ٽين ٻڪري ٻي ٻي ڏيڏر ٽان ٽان ڳيرو گھوگھو جھرڪي چُون چُون

اسم ماضيه يا ماضي معطوفي[سنواريو]

(معطوفي جي معنى آهي ڳنڍڻ) فعل جون اهڙيون صورتون جيڪي ساڳئي فاعل جي ٻن جملن کي ڳنڍي هڪ جملو ٺاهن ۽ فاعل سان لڳي ڏيکارين ته فاعل هڪ ڪم پورو ڪري ٻئي ڪم کي لڳي ٿو، يا لڳو آهي يا لڳندو، تن کي اسم ماضيه يا ماضي معطوفي چئبو آهي.

اسم ماضيه جا مثال
پهريون جملو ٻيو جملو اسم ماضيه
هير نيرن کاڌي. هير اسڪول وئي هير نيرن کائي اسڪول وئي.
پرڀات ڪتاب پڙهيو. پرڀات سُتي آهي پرڀات ڪتاب پڙهي پوءِ سُتي.
هاري ٻني کيڙي. هاري گهر هليو ويو. هاري ٻني کيڙي گھر هليو ويو.

نوٽ؛ هنن جملن ۾ فاعل (ڪم ڪندڙ) هڪ ڪم پورو ڪري ٻئي ڪم کي لڳو.

اسم جي ترڪيب[سنواريو]

سنڌي گرامر( وياڪرڻ) ۾ ترڪيب جو مُک مضمون هتي ڪلڪ ڪري پڙهو.

اسم جي جي ترڪيب لاءِ هيٺين مثال تي غور ڪريو.

نوڪر وفاداريءَ سان پنهل خان جا ڍڳا ٻيلي ۾ چاريا.

هن جملي نوڪر، وفاداري، پنهل خان، ڍڳا، ٻيلي اسم آهن. هاڻي انهن اسمن جو قسم، جنس، عدد، حالت کي ترڪيب جي نموني هن طرح لکيو ويندو.

نوڪر؛ اسم عام، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت فاعلي، فاعل آهي فعل ”چاريا“ جو.

وفاداريءَ؛ اسم ذات، عدد واحد، جنس مزڪر، حالت جري سببان ”سان“ حرف جر جي.

پنهل خان؛ اسم خاص، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت اضافت مالڪي ڏيکاري ٿو ”ڍڳن“ جي.

ڍڳا؛ اسم عام، عدد جمع، جنس مذڪر، حالت مفعولي، مفعول آهي فعل ”چاريا“ جو.

ٻيلي؛ اسم عام، عدد واحد، جنس مذڪر، حالت جري سببان ”۾“ حرف جر جي.

اسم ڦيرو[سنواريو]

اسم جو ڦيرو يا گردان
حالت واحد جمع
1 فاعلي ڇوڪرُ لکي ٿو. ڇوڪرا لکن ٿا.
2 مفعولي ڇوڪرُ سبق پڙهي ٿو. ڇوڪرا سبق پڙهن ٿا.
3 اضافت تو ڇوڪر جو ڪتاب کنيو. تو ڇوڪرن جا ڪتاب کنيا.
4 جري ڇوڪرُ قلم سان لکي ٿو. ڇوڪرا قلم سان لکن ٿا.
5 ندا ايǃ ڇوڪر لِک. ايǃ ڇوڪرا لکو.
1 ڪير ٿو لکي؟ ڪير ٿا لکن؟ ڇوڪر- ڇوڪرا (فاعلي)
2 ڇوڪر ڇا ٿو پڙهي؟ ڇوڪرا ڇا ٿا پڙهن؟ سبقُ - سبقَ (مفعولي)
3 تو ڪنهن جو ڪتاب کنيو؟ تو ڪنهن جا ڪتاب کنيا؟ ڇوڪري جو - ڇوڪرن جو (اضافت)
4 ڇوڪر ٿا سان لکيو؟ ڇوڪرن ڇا سان لکيو؟ قلم سان- قلم سان (جري)
5 لکڻ لاءِ ڪنهن کي چيو وڃي ٿو؟ ڇوڪرَ - ڇوڪرن کي (ندا)

حوالا[سنواريو]

  1. اُردو روئي خط لُغت تي لفظ اسم جو مفھوم
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. سانچو:L&S
  4. Bimal Krishna Matilal, The word and the world: India's contribution to the study of language, 1990 (Chapter 3)