ضمير (گرامر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ضمير(انگريزي: Pronoun) ھي ڳالھائڻ جي لفظن جو ھڪ قسم آھي.گرامر ۾ ضمير انھن لفظن کي چيو ويندو اھي جيڪي ڪنھن نالي جي بدران ڪم اچن. مثال طور مھتاب ھڪ سلڇڻو ڇوڪرو آھي؛ ضمير ڪتب آڻڻ کانپوءِ جملو ھيئن پڙھبو: ھو ھڪ سلڇڻو ڇوڪرو آهي. ھن جملي ۾ مھتاب جو ضمير ھو آھي.

صفت ضميري[سنواريو]

صفت ضميري (Pronominal)، اهي لفظ جيڪي ضمير هجن ۽ انهن جي اڳيان اچن، جن جي بدران ڪم آيل هجن. مثال طور: هي ماڻهو، اهي ڇوڪريون (ضمير اشارو ويجهو) هو ماڻهو، هو ڇوڪريون (ضمير اشارو ڏور) [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي