ابن خلدون
ابن خلدون | |
---|---|
(عربي ۾: عبد الرحمٰن بن مُحمَّد بن خلدون الحضرمي) | |
معلومات شخصيت | |
ڄم | 27 مَئي 1332 [1] تيونس شهر [2] |
موت | 17 مارچ 1406 (74 سال) قاھرہ |
عملي زندگي | |
پيشو | مؤرخ ،جج ،فلسفي ،سياستدان ،ليکڪ [3]،شاعر [4] |
ڪم جي ٻولي | عربي ٻولي [5] |
دلچسپي | اقتصاديات ،سماجيات ،فلسفو ،ائنٿراپالاجي ،سياستدان |
ترميم |
ابوزيد عبدالرحمان ولي الدين، ابن خلدون تيونس ۾ 1332ع ۾ ڄائو. قرآن مجيد حفظ ڪرڻ کان پوءِ فقه، حديث، شعر، ادب ۽ تاريخ جون سندون پنهنجي شهر مان حاصل ڪيائين. تاريخ ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ ڪري هن جي ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ کيس وڏي مڃتا ڏني. کيس تاريخ جو امام سڏيو ويو. جوانيءَ ۾ شاهي درٻار تائين پهتو. جليل القدر عهدن تي فائز رهيو. غرناطه جي امير ۽ قشاله جي حاڪم جي وچ ۾ ٺاهه لاءِ سفير مقرر ٿيو. بعد ۾ قاهره (مصر) پهتو، جتي به هن کي عزت سان نوازيو ويو. سلطان برقوق کيس مالڪي مسلڪ جو قاضي القضاة مقرر ڪيو. آخر ۾ قاهره ۾ ئي 28 رمضان 808ھ/19 مارچ 1406ع ۾ وفات ڪيائين. سندس ڪتاب مقدمه ابن خلدون جا ڪجهه باب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ”ڪمال ۽ زوال“ جي نالي سان ڪتاب حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ ڇپايو هو. ابن خلدون جي شهرت جو وڏو سبب سندس تاريخ جو فلسفو ۽ سماجياتي نظريا آهن، جيڪي هن پنهنجي مشهور ڪتاب ’مقدمه ابن خلدون‘ ۾ قلم بند ڪيا آهن. هن ڪتاب جو ترجمو سنڌي،اردو، انگريزيءَ ۽ ٻين مغربي ملڪن جي ٻولين ۾ به ٿي چڪو آهي. ٻيا اهم ڪتاب ”البرده“ ”الحساب“ ۽ ”المنطق“ آهن.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://apnaorg.com/books/english/ibn-e-khuldun/ibn-e-khuldun.pdf
- ↑ اجازت نامو: Creative Commons CC0 License
- ↑ full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library — مدیر: Charles Dudley Warner — عنوان : Library of the World's Best Literature
- ↑ full work available at URL: https://www.bartleby.com/lit-hub/library
- ↑ CONOR.SI ID: https://plus.cobiss.net/cobiss/si/sl/conor/170212451
- ↑ ابن خلدون : (Sindhianaسنڌيانا)