ابراهيم
ابراھيم | |
---|---|
ابراھيم ٽن فرشتن ساڻ | |
ذاتي معلومات | |
پيدائش | ابرام ار ڪسيدم |
وفات | |
آخري آرامگاھہ | الخليل 31°31′29″N 35°06′39″E / 31.524744°N 35.110726°E |
حضرت ابراھيم عليه السلام (عبراني: אַבְרָהָם, جديد اوراھم طبري ابراھام، عربي: ابراهيم) ٽن ابراھيمي مذھبن (يھوديت، عيسائيت ۽ اسلام) جي ھڪ چونڊيل شخصيت آھن. ھنن کي يهوديت ۾، خدا ۽ يھودين جي وچ ۾ هڪ خاص تعلق قائم ڪرڻ جي ڪري، "ميثاق" جو باني سمجهيو ويندو آهي. عيسائيت ۾، هن کي سڀني مومنن (يھودين ۽ غير يھودين) جي پھرين شخصيت سمجهيو ويندو آهي. اسلام ۾، هن کي "ابوالانبيا" (نبين جا پيء) ۽ "خليل الله" (الله جو دوست) جي لقبن سان سڃاتو ويندو آهي.
اسلام ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام
[سنواريو]اسلام حضرت ابراهيم عليه السلام کي نبين جي سلسلي جي هڪ ڪڙي قرار ڏئي ٿو جيڪي حضرت آدم عليه السلام کان شروع ٿئي ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي معرفت حضرت محمد صلي الله عليه وسلم تي پڄاڻي ٿئي ٿي. حضرت ابراهيم عليه السلام جو ذڪر قرآن جي 35هين سورت ۾ ڪيو ويو آهي، ڪنهن به نبي، سواءِ حضرت موسيٰ عليه السلام کان سواءِ، تمام گهڻو آهي. هنن کي "حنيف" (توحيد پرست) ۽ "مسلم" (الله جو تابعدار) ٻئي سڏيو وڃي ٿو ۽ مسلمان کيس الله جو سچو نبي، خالص توحيد پرست، ڪامل مسلم ۽ مڪي ۾ ڪعبي جو معزز تعمير ڪندڙ سمجهن ٿا. اسلامي روايتون ابراھيم عليه السلام کي اسلام جو پھريون علمبردار سمجھن ٿيون (جن کي "ملت ابراھيم" ۽ ”دين ابراھيم“ به سڏيو وڃي ٿو) ۽ اھو ته سندس سڄي زندگي جو مقصد ۽ مشن الله جي وحدانيت جو اعلان ڪرڻ ھو. اسلام ۾، ابراهيم عليه السلام کي وڏن نبين ۾ هڪ اعلي مقام حاصل آهي ۽ هن کي "ابراهيم خليل الله"، مطلب ته "ابراھيم الله جو دوست" جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. ابراهيم عليه السلام الله جي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ معزز ۽ بهترين انسانن مان آهن. ابراهيم عليه السلام جو ذڪر قرآن ۾ پڻ "مسلمانن جي پيء" ۽ امت مسلمه لاء رول ماڊل طور ذڪر ڪيو ويو آهي.
ساره ۽ هاجره
[سنواريو]اسحاق ۽ اسماعيل
[سنواريو]مختصر سوانح عمري
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]خارجي لنڪس
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |