9 ربيع الاول

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
صفر المظفر  -  ربيع الاول  -  ربيع الثاني
ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ ـــــــ
1 2 3 4 5 6 7
8 9 10 11 12 13 14
15 16 17 18 19 20 21
22 23 24 25 26 27 28
29 30

اسلامي سيرت نگارن ۽ مورخن جو نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي جنم جي ڏهاڙي ۽ ولادت جي مھيني تي باري ۾ اختلاف آهي. هي هڪ اهڙو اَمر آهي جنهن جو ڪارڻ پڻ آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ڪنهن کي به هن پاڪ ۽ مبارڪ هستيءَ جي ايندڙ وقت ۽ شان جي باري علم نه هو. تنهنڪري سندن ولادت کي عام ٻارن وانگر سمجھيو ويو هو. [1] امام الانبيا جناب حضرت محمد مصطفا ﷺ جي ڄمڻ جي تاريخ تي مسلمان محققن ۾ تمام گهڻو اختلاف آهي. ڪو 12 ربيع الاول چئي ٿو، ڪو 8 ته ڪو 9 ربيع الاول ته ڪي وري 10 محرم الحرام چون ٿا. [2] پيران پير حضرت شيخ عبدالقار جيلاني جي مطابق نبي پاڪ حضرت ۾حمد مصطفا ﷺ جي ڄمڻ جي تاريخ 10 محرم الحرام آهي. [3] پر هاڻي فلڪيات يا نجميات جي ماهرن جي تاريخي حوالن ۽ ثبوتن سان ثابت ڪيو آهي ته نبي پاڪ صلي الله عليه و سلم جي ڄمڻ جي تاريخ 9 ربيع الاول آهي.

پيدائشون[سنواريو]

9 ربيع الاول پيغمبر اسلام جناب حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي 'ڄمڻ جو ڏهاڙو' آهي.

واقعا[سنواريو]

مسلمان محقق، ماهر فلڪيات ۽ رياضيدان پنهنجي تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ته سومر جو ڏينهن ربيع الاول جي نائين تاريخ ٿئي ٿو ۽ شمسي ڳڻپ جي حوالي سان 20 اپريل 571ع ٿئي ٿي. پاڻ سڳورن جي ولادت شعب بني ھاشم، ۾ ابو طالب کے گھر مڪي پاڪ ۾ ٿي هئي.

ابو القاسم سھیلي رحمت اللہ فرمائي ٿو: ”فلڪيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورن صلي الله عليه و سلم جي ڄمڻ جو ڏينهن مبارڪ شمسي ڳڻپ جي حوالي سان 20 اپريل ٿئي ٿو. [4]

پروفیسر محمد خضري رحمہ اللہ فرمائي ٿو: ”مرحوم محمود پاسشا، جيڪو مصر جو مشهور ماهر فلڪيات هو، ان گهڻا ئي ڪتاب ۽ تحقيقون ڇاپايون هيون، جيڪو 1885ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، ان ثابت ڪيو هو ته پيغمبر اسلام حضرت محمد مصطفا صلي الله عليه و سلم جو جنم، صبح سويري 9 ربيع الاول بمطابق 20 اپريل 571ع تي ٿيو هو، جيڪو حادثه فيل جو پهريو ورهيه هو.“ [5]


وفاتون[سنواريو]

موڪلون ۽ ڏڻ[سنواريو]


حوالا[سنواريو]

  1. اسلام؛ سوال ۽ جواب پاران الشيخ محمد صالح المنجد
  2. امام الانبیاء ﷺ جي تاریخ ولادت ليکڪ؛ محمد رفیق طاھر
  3. غنیۃ الطّالبین 2/392، طبع بیروت
  4. الروض الأُنُف (1 / 282)
  5. نور اليقين في سيرة سيد المرسلين " ( ص 9 )، ساڳي نموني ڏسو: " الرحيق المختوم " (ص 41)