27 رجب
ڏيک
| جمادي الثاني - رجب المُرجّب - شعبان المعظم | ||||||
| ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ | ـــــــ |
| 1 | 2 | 3 | 4 | 5 | 6 | 7 |
| 8 | 9 | 10 | 11 | 12 | 13 | 14 |
| 15 | 16 | 17 | 18 | 19 | 20 | 21 |
| 22 | 23 | 24 | 25 | 26 | 27 | 28 |
| 29 | 30 | |||||
27 رجب جي اهميت
[سنواريو]معراج جي رات الله تعاليٰ پنهنجي آخري نبي، حضرت محمد ﷺ کي مسجد الحرام کان بيت المقدس تائين سفر ڪرايو ويو، جنهن کي اسراءَ چيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ پاڻ ﷺ کي آسمانن جي سير ڪرائي وئي، جتي الله تعاليٰ پنهنجي خاص قدرت جون نشانيون ڏيکاريون ۽ مسلمانن تي پنج وقت نماز فرض ڪئي. هي رات عبادت، دعا ۽ الله جي رحمت حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي.
- سفر جو آغاز: اهو سفر رات جي وقت حضرت ام هاني جي گهر کان شروع ٿيو۔ نبي پاڪ ﷺ حضرت جبرائيل جي ساٿ سان هڪ سواري (براق) تي سوار ٿيا۔
- بيت المقدس جو سفر: براق تي سفر ڪندي پاڻ سڳورا ﷺ سڀ کان پهريان بيت المقدس (مسجد اقصيٰ) پهتا۔
- سڀني نبين جي امامت: مسجد اقصيٰ ۾ پاڻ سڀني نبين ۽ رسولن جي امامت فرمائي۔
- آسمانن جي سير: ان کان پوءِ پاڻ سڳورا آسمانن ڏانهن ويا، جتي مختلف نبين سڳورن سان ملاقاتون ٿيون۔
- نماز جو تحفّو: هن ئي رات تي امت محمدي لاءِ پنج وقت نمازون فرض ڪيون ويون۔