2019–20 ڪوروناوائرس مها وبا
هن مضمون ۾ تازاواقعا بيان ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هتي ڏنل معلومات حالتن جي مطابق تبديل ٿي سگهي ٿي۔ جيڪڏنهن پيش نظر مضمون ۾ موجود معلومات کي مستقل تازو ڪيو وڃي ٿو، پر ڪجهه ممڪن آهي ته وقت گزرڻ سان گڏ هن مضمون ۾ درج معلومات تيزيءَ سان تبديل ٿي وڃي۔ تنهنڪري اهڙي صورت ۾ هن ڳالهه جو امڪان موجود آهي ته درج معلومات نا درست يا غير تجديد شدہ هجي۔ |
هي وڪيپيڊيا جو روان سڌارو لاءِ مضمون آهي – ۽ توهان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگهو ٿا ان کي سنواريو! توهان ان کي ڪيئن بهترڪري سگهو ٿا، ان بابت انهيءَ جي بحث صفحو تي بحث ڪريو ۽ مدد ڊيسڪ يا چانهہ گهر تي سوال پُڇو. |
وبائي روڳ جو نقشو، تاريخ 13 مارچ 2020 موجب
10,000+ تصديق ڪيل ڪيسز
1,000–9,999 تصديق ٿيل ڪيس
100–999 تصديق ٿيل ڪيس
10–99 تصديق ٿيل ڪيس
1–9 تصديق ٿيل ڪيس | |
بيماري | ڪورونا وائرس مرض 2019ع (COVID-19) |
---|---|
Virus strain | ساهه کڻن ۾ شديد ڏکيائي ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) |
لوڪيشن | عالمي (مقامَ جي فهرست) |
بيماري جو پهريون ڪيس | 17 نومبر 2019[1] |
تاريخ | 17 نومبر 2019[1] – هينئر تائين هلندڙ |
مُنڍُ | ووهان، هوبئي، چين 30°35′14″N 114°17′17″E / 30.58722°N 114.28806°E |
پَڪ ڪيل ڪيسَ | 145,000+[2] |
Recovered | 72,000+[2] |
Deaths |
5,400+[2] |
Territories |
130+[3] |
ڪوروناوائرس جي وبا، 2019ع - 2020ع (هن کي ووهان ڪورونا وائرس يا چيني نمونيا يا ووهان نمونيا (چيني ٻولي ۾:武漢肺炎) پڻ سَڏيو ويندو آهي) ڊسمبر 2019ع ۾ مرڪزي چين جي شهر ووهان ۾ پکڙجي وئي جتي اَڻڄاتل سبب جي ڪري نمونيا کان مُتاثر مريضن جي هڪ گروپ ۾ ڪورونا وائرس (COVID-19) مليو. بُڻيادي طورتي هي وائرس انهن ماڻُهن ۾ لَڀندو آهي، جيڪي ووهان جي سامونڊري غذائي بازار (چيني ٻولي ۾:華南海鮮市場) ۾ ڪم ڪندا آهن. چين جي سائنسدانن ان روڳ کي ڪوروناوائرس جي هڪ الڳ قِسم سَڏيو آهي ۽ اُن جو نالو COVID-19 ٻُڌايو ويو آهي. اهڙي ريت هي وائرس، سارس ڪورونا وائرس جي جينوم سان 70 سيڪڙو ملندڙ جُلندڙ آهي، پَر هينئر تائين اهو ثابت ناهي ٿي سگهيو تہ سختي ۽ موت ۾ هي سارس وائرس سان مُقابلي ۾ آهي.[4][5][6][7]
سموري دنيا ۾ ھينئر 22 اپريل 2020 تائين ڪوروناوائرس سبب فوت ٿيل ماڻھن جو گڏيل انگُ هڪ لک 66 هزار 235 ٿي ويو آھي.[8]
ظاهري اُهڃاڻ (نشانيون)
[سنواريو]علامت[9] | % |
---|---|
بُخار | 87.9% |
خُشڪ يا سُڪي کنگھ | 67.7% |
ٿَڪُ (ٿڪاوٽ) | 38.1% |
نَڪ جو وهڻُ (نزلو ، زڪام) | 33.4% |
ساهه ٻُوساٽجڻ/ساهه کڻڻ ۾ تڪليف | 18.6% |
پاسرين جو سُورُ يا جوڙن جو دَردُ | 14.8% |
ڳَلو سُڄڻ | 13.9% |
مَٿي ۾ سُورُ | 13.6% |
بي چيني | 11.4% |
اُلٽي يا دست ٿيڻ | 5.0% |
نڪ جي بندش | 4.8% |
ڊائريا | 3.7% |
خون ٿڪڻ، وات جي رت اچڻ | 0.9% |
اکين جو ڦٿڪو يا ڦڙڪڻ | 0.8% |
ڪويڊ 19 (ڪرونا وائرس) جون نشانيون غير مخصوص آهن. دستاويزن جي جانچ جي مطابق، 80.9٪ سيڪڙو متاثر مريضن ۾ بُخار جو اچڻ ٿيندو آهي،[4] 67.7٪ ۾ عام ڪمزوري ۽ خشڪ کنگھ ٿيندي آهي[4][10] ۽ 18.6٪ ۾ ساهه جي تڪليف ٿيندي آهي.[11][12][10]۔ رَت جي جانچ ۾ رَت جي اَڇن جُزن جي گهٽتائي پڻ ثابت ٿي آهي.[4]مريض ۾ نشانيون مرض جي ظاهر ٿيڻ وچ ۾ ارتقائي مُدت هڪ ڏينهن کان چوڏهن ڏينهن رهندي آهي، اڪثريت ۾ پنج ڏينهن رهي هُئي،[13][14] هڪ مريض ۾ نشانيون مرض ظاهر ٿيڻ جي مهل ارتقائي مُدت 27 ڏينهن پڻ رهي آهي.[15]
جانچ جو عالمي ضابطو
[سنواريو]15 January 2020 تي، عالمي ادارو صحت (ڊبليو ايڇ او) ڪورونا وائرس جي سُڃاڻپ جي لاءِ هڪ ضابطو بڻايو هيوي، جنهن کي جرمني جي چيريٽي اسپتال کان وائرولوجي ٽيم تيار ڪيو هيو.[16]
وبا جي پَکڙجڻ جو مجموعي جائزو
[سنواريو]چيني حڪومتي دستاويزن مطابق،[17] 17 نومبر 2019ع تي ان مرض ۾ سڀ کان پهرئين تصديق ٿيل مريض ووهان، هوبئي، چين جو هڪ 55 سال جي ڄمار واروماڻهو هيو. اڳئين مهيني ۾، هوبي ۾ ڪورونا وائرس جي واقعن جو تعداد آهستي آهستي ٻہ ڄڻا ٿي ويو، انکانپوءِ جنوري 2020ع ۾ انهيءَ وبا جي ستائيل مريضن ۾ تيزي سان واڌارو ٿيڻ لڳو. 31 ڊسمبر 2019ع تي، وائرس جي سبب کان صوبو هوبئي جي راڄڌاني ووهان ۾،[18] صيحت کاتو جي آفيسرن کي نامعلوم نمونيا جي واقعن جي اطلاع ملي هُئي، ۽ ان بيماري جي کوجنا (تحقيق) اڳئين مهيني جي مُنڍَ ۾ شروع ٿي وئي.[19] انهن سَتائين مُتاثرن مانهن جي وڌيڪ تعداد جو تعلق، سامونڊري جانورن جي هڪ بازار کان هيو، جتي زندهہ جانورن جو ڪاروبار ٿيندو آهي، انهيءَ سبب کان ئي هينئن ڇيو پيو وڃي تہ وائرس جو ڪارَڻُ زونوٽڪ ( zoonotic) آهي۔[20]
پهرئين مرحلن جي دوران ۾، هر سَت ڏينهن ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد ٻيڻو ٿيندو ويو.[21]سال 2020 جي مُنڍ ۽ وچ جنوري ۾، چين جي ٻين پُرڳڻن (صوبن) ۾ پڻ هي وائرس پکڙجي ويو، ۽ ان ۾ نئي چيني سال جي اَچڻ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڇاڪاڻ ته چيني نئين سال جي ڪري ماڻهو گڏ ٿيڻ سبب مُتاثر مريض منجهان اهو وائرس ٻين ماڻهن ۾ پڻ وچڙندو رهيو، ووهان چين ۾ اَچُ وَڃَ (ٽرانسپورٽ) جو مرڪز ۽ ريلوي جو هڪ اهم مقام آهي، جنهن جي ڪَري متاثر ٿيل ماڻهو تيزيءَ سان سموري مُلڪَ ۾ پکڙجي ويا.[9] 20 جنوري تي، چين هڪ ئي ڏينهن ۾، 140 نوان متاثر تٿيل ماڻهن جي تصديق ڪئي، جن منجهان هڪ ماڻهو بيجنگ جو رهاڪُو ۽ ٻيو شينزين جو رهواسي هيو. [22] انکانپوءِ جي سرڪاري انگ اکرن منجهان پَروڙ ملي ٿي تہ 20 جنوري 2020 تائين 6،174 ماڻهن ۾ ان وَبا جون اڳ ئي نشانيون ظاهر ٿي چُڪِيُون هُيون. [23]
30 جنوري تي، ڊبليو ايڇ او ان وچڙندڙ وبا کي عوامي صحت جي عالمي هنگامي صورتحال جو نالو ڏنو.[24] 13 مارچ تي ڊبلیو ايڇ او يورپ کي وبا جو نئون مرڪز اعلان ڪري ڇڏيو. As of 15 مارچ 2020[update]، سموري دنيا ۾ مريضن جي سامهون آيل ڳڻپ (تعداد) 159,000 آهي، جن منجهان 5,800 جي موت ٿي چُڪو آهي، جڏهن تہ 75,000 تُندرست (صحت ياب) ٿيا آهن.[2][3] هاڻي مريضن جي تعداد ۾ واڌاري جي رفتار گهٽ ٿيندي نظر اچي رهي آهي، خاص طور تي اهڙِي معاملن ۾ جن ۾ هلڪيون نشانيون هُجن يا ڪو اُهڃاڻ نہ هُجي.[25][26]
ايشيا ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]
چين ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو چين ڪورونا وائرس جي وبا، 2019-2020
هن وائرس جي شروعاتي اُهڃاڻن (نشانين) جي تصديق 3 هفتا اَڳ 8 ڊسمبر 2019ع ظاهر ٿي هئي،[1] ۽ پهريون شڪي واقعو 31 ڊسمبر 2019 ۾ درج ڪيو ويو.[2] 1
= صورتحال جنوري 2020
[سنواريو]جنوري 2020 تي بازار بند ڪيا ويا ۽ وائرس جي علامت کان متاثر ماڻهن کي الڳ ڪيو ويو.[2]سَت سئو 700 کان وڌيڪ ماڻهن کي نگراني ۾ رکيو ويو، ۽ اَٽڪل 400 ماڻهن کي ان جي علاج ۽ صحت جي سارَسَنڀال لاءِ رکيو ويو.[3] انفيڪشن جي سُڃاڻپَ (تشخيص) جي لاءِ هڪ پولرمررز چرن رد عمل (PCR) ٽيسٽ تيار ڪيو ويو هيو، ان انتهائي نگهداشت سان گڏ ووهان جي 41 ماڻهن جي گروپ ۾ هڪ نئين ڪورونا وائرس جي دريافت جي تصديق ٿي.[4][5] انهن ۾ ٻه ماڻهن ويجهر ۾ شادي ڪئي هئي. انهن منجهان هڪ بازار پڻ نہ ويو هيو. ۽ ڪجهه ماڻهو ان سامونڊري غذائي بازار ۾ ڪم ڪندڙ خاندان منجهان هيا.[6][7] ان وائرس کان متاثر پهرئين موت 9 جنوري 2020 تي ٿي هُئي.[8]
- 20 جنوري 2020 تي، چيني وزير اعظم لي ڪي چيانگ زور ڀريندي چيو تہ نئين ڪورونا وائرس جي سبب کان ٿيندڙ وبا کي روڪڻ ۽ ان سان نبرڻ جي لاءِ فيصلائتي ۽ اثرائتي ڪوشش ڪئي وڃي.[9]
- 22 January 2020 تي ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي زير اهتمام هڪ ايمرجنسي ڪميٽي چُونڊي وئي، جنهن ۾ صحت جي عالمي قانونن جي مطابق عام صحت جي تُرت ڌيان جي ضرورت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.[10] ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ان مرض جي وڏي پيماني تي پکڙجڻ جو شڪ (خدشو) ظاهر ڪيو، ۽ چيني نئون سال جي سفر دوران وڌيڪ وَڌي سگهي ٿو. ان کانسواءِ وائرس جي تيزيءَ سان غير متوقع طورتي پکڙجڻ، ان وائرس جي مرڪز ووهان ۽ علاج ۽ نگراني بابت سوالَ وغيرہ پڻ بحث هيٺ آيا.[11][12][13][12][14][15][16]
- 22 جنوري 2020 تائين 17 موت ٿي چڪا هيا، سمورا موت چين ۾ ٿيا. هي ان ڳالهہ جو دليل هيو تہ هي وائرس هڪ کان ٻئي ماڻهو ۾ پکڙجي رهيو آهي. پوءِ وڏي پيماني تي جاري چڪاس (ٽيسٽ) جي وسيلي 540 کان وڌيڪ ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، متاثرن منجهان ڪيترائي ماڻهو علاج ۽ نگراني ۾ ڪم ڪندڙ پڻ هيا.[17][18]
- 23 جنوري 2020 تي چيني حڪومت ان وائرس جي مرڪز، اَٽڪل 11 ملين جي آبادي تي ٻَڌل شهر ووهان کي بند ڪرڻ جو پڌرنامو جاري ڪيو. ان کان اڳ 600 متاثرن ۽ 17 موتَ درج ٿي چُڪا هيا[19]۔ ثم قررت الصين فرض الحجر الصحي بحكم الأمر الواقع، على مدينة ثانية، لتعزل بذلك ما مجموعہ أكثر من 18 مليون مواطن في المدينتين، بهدف منع انتشار الوباء[20]
- 24 جنوري 2020 تي موتن جو تعداد 41 ۽ متاثرن جو تعداد 1106 تائين پهچي ويو.[21]
- 25 جنوري 2020 تي چين ۾ موت جي تعداد 55 تائين ٿي وئي.[22] سنيچر جي صبح، ذميدارن جي بيان مطابق ملڪ جي مختلف ڀاڱن ۾ 400 نون ماڻهن ۾ ان وائرس جي سُڃاڻپ ٿي هئي، اهڙي طرح نيئن بيانن مطابق متاثرن جو گڏيل تعداد 1741 تائين پهچي ويو. ووهان ۽ 12 ٻين متاثر ٿيل شهرن ۾ اَچ وَڃ کي روڪيو ويو، تہ جيئن چيني نئون سال جو چشن متاثر نہ ٿي سگهي.[23]
اسپتال جي اَڏاوت
[سنواريو]24 جنوري جمعو جي ڏينهن چين جي حڪومت 1000 بسترن جي گنجائش واري هڪ اسپتال 10 ڏينهن ۾ ٺاهڻ جو وعدو ڪيو.[24]
سماچار پهچائيندڙ ادارو روئٽرز زانجيانگ ڊيلي جي حوالي سان نقل ڪيپ تہ ڏهہ بلڊوزر ۽ تيرنهن جي لڳ ڀڳ کوٽائي ڪندڙ مشينن خميس جي شام 23 جنوري تي ووهان جي نئين اڏاوت ٿيل اسپتال جي جڳهہ تي پهتا۔[24]
حڪم ڏيندڙن (آفيسرن) جي مطابق اميد آهي تہ 3 فيبروري تائين 270،000 چورس فٽ تي اسپتال جي اڏاوت مڪمل ڪئي ويندي.[25]
ايران ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ايران ۾ ڪورونا وائرس جي وبا، 2020
ايران ايشيا ۾ ڪورونا مها وبا کان متاثر ٿيندڙ ٻيو وڏو مُلڪُ آهي ۽ سموري دنيا ۾ ان مها وبا کان متاثر ٿيل ماڻهو تعداد جي لحاظ کان ان ٽئين درجو تي آهي. 15 مارچ 2020 تائين ايران ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 29،406 آهي، مرنندڙ ماڻهن جو تعداد 2،234 آهي ۽ نئوان ڪيسز جو تعداد 1209 آهي.
ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا، 2020
ڏکڻ ڪوريا ايشيا ۾ ڪورونا وبا کان متاثر ٿيندڙ ٽيون وڏو مُلڪُ آهي ۽ سموري دنيا ۾ ان وبا کان مُتاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد جي لحاظ کان چوٿين نمبر تي آهي. 15 مارچ 2020 تائين متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 8162 آهي، مرنندڙ ماڻهن جي ڳڻپ (تعداد) 75 هُئي ۽ نون ڪيسن جو تعداد 76 آهي.
سارڪ مُلڪن ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو سارڪ ملڪن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا، 2020
سارڪ ڏيهَن ۾ ڪورونا وائرس جو تعداد چين ۽ ايران جي ڀيٽَ ۾ ڪُجهه گهٽ آهي. 15 مارچ 2020 تائين سارڪ مُلڪن ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو ڪُل تعداد 218 رهيو.
هندستان ۾ متاثر ٿيل ماڻهجن جو تعداد 111 آهي.
پاڪستان ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جي ڳڻپ (تعداد) 53 آهي.
سري لنڪا ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 18 آهي.
مالديپ ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 13 آهي.
بنگلا ديش ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 5 آهي
ڀوٽان ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 1 آهي.
افغانستان ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 16 آهي.
نيپال ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 1 آهي.
اوڀر مرڪزي ايشيا ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اوڀر مرڪزي ايشيا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا، 2020
اوڀر مرڪزي ۾ اڪثر ملڪن ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 15 مارچ 2020 تائين سئو کان وڌي چُڪو آهي. سڀ کان وڌيڪ ڪورونا متاثر ٿيل مانهو قطر ۾ آهن. جن جو تعداد 401 آهي. اسرائيل ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 213 آهي. عراق ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 116 آهي. ڪويت ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 112 آهي. سعودي عرب ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 103 آهي. گڏيل عرب امارات ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 98 آهي. عمان ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 22 آهي.
يورپ ۾ ڪورونا وائرس وبا
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو يورپ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا، 2020
اٽلي ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اٽلي ۾ ڪورونا وائرس جي وبا، 2020
يورپ ۾ ڪورونا وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ اٽلي آهي. مارچ جي مهيني ۾ اٽالي جي حڪومت پهريون 60 ملين مانهن جي اَچ وَڃ (آمدورفت) بند ڪئي ۽ پوءِ پوري ملڪ جي آزاداڻي اَچ وَڃ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
- 14 مارچ 2020 تائين اٽلي ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 21,157 ۽ مرندڙ ماڻهن جو تعداد 1441 رهيو، صرف هڪ ڏينهن ۾ 250 ماڻهو مري ويا. 1966 ماڻهو صحتياب ٿي چُڪا آهن.
- 22 اپريل تائين اٽليءَ ۾ 23 هزار 660 موت ۽ هڪ لک 78 هزار متاثر ماڻھو شامل آھن.[26]
اسپين ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو اسپين ۾ ڪورونا وائرس جي وبا، 2020
يورپ ۾ ڪورونا وائرس کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ اٽلي کانپوءِ اسپين جو نمبر ٻئي نمبر تي آهي. سموري دنيا ۾ ڪرونا وائرس جي متاثر ٿيل ماڻهن جي حساب سان اسپين جو پنجون نمبر آهي.
- 14 مارچ 2020 تائين سپين ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 6391 ۽ مرنندڙ ماڻهن جو تعداد 196 رهيو، صرف هڪ ڏينهن ۾ 122 ماڻهو مري ويا. هينئر تائين 517 ماڻهو صحتياب ٿي چُڪا آهن.
- 15 مارچ 2020 تي ملڪ ۾ اٽلي جي طرز تي لاک ڊائون (نظر بند) ڪيو ويو. صرف ڏينهن ۾ 1500 نوان ڪيس سامهون آيا. مرندڙ ماڻهن جو تعداد 190 تائين وڃِي پهتو.
- 22 اپريل تائين اسپين ۾ مُتاثر ٿيل ماڻھن جو انگُ 23 لک ٿي ويو.[26]
جرمني ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو جرمني ۾ ڪوروناوائرس وبا، 2020
يورپ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيندڙ ٽيون وڏو ملڪ جرمني آهي.
- 14 مارچ 2020 تائين جرمني ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 4599 ۽ مرنندڙ ماڻهن جو تعداد 9 رهيو. هينئر تائين 46 ماڻهو صحتياب ٿي چُڪا آهن.
فرانس ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو فرانس ۾ ڪورونا وائرس جي وبا، 2020
يورپ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ فرانس چوٿين نمبر تي آهي.
- 14 مارچ 2020 تائين متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد 4469 ۽ مرندڙ ماڻهن جو تعداد 91 هيو. هينئر تائين 12 ماڻهو صحتياب ٿي چُڪا آهن.
ڏکڻ ۽ اُتر امريڪا کنڊن ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]گڏيل آمريڪي رياستن ۾ ڪورونا وائرس
[سنواريو]13 مارچ تي امريڪا ۾ صحت ايمرجنسي لڳائي (نافذ) وئي.
- 14 مارچ 2020 تائين امريڪا ۾ متاثر ٿيل ماڻهن جو تعداد 3044 ۽ مرنندڙ ماڻهن جو تعداد 60 رهيو، هينئر تائين 56 ماڻهو صحتياب ٿي چُڪا آهن.
پڻ ڏسو
[سنواريو]ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- نِڪور تازا معاملن جي معلومات جي لاءِ بنيادي مضمون 2019–20 ڪورونا وائرس وبائي مرض جو اڀياس ڪريو يا عالمي ادارو صحت (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ، ڊبليو ايڇ او) پاران تازي صورتحال بابت رپورٽ ڏسو
2019–20 ڪوروناوائرس مها وبا بابت وڌيڪ ڏسو وڪيپيڊيا جي ڀينر رٿائن ۾: | |
تصويرون ۽ وڊيو ڏسو وڪي ڪامنز تي | |
نيوز اسٽوريز وڪي نيوز تان |
Government health agencies
- ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن: COVID-19 (Questions & Answers)
- European Centre for Disease Prevention and Control: COVID-19 (Q&A)
- China National Health Commission: COVID-19
- Singapore Ministry of Health: COVID-19 (Q&A آرڪائيو ڪيا ويا 2021-06-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.)
- U.S. Centers for Disease Control: COVID-19 (Q&A)
- National Institute for Occupational Safety and Health, Coronavirus Disease 2019
- Filtering out Confusion: Frequently Asked Questions about Respiratory Protection, US National Institute for Occupational Safety and Health
Data and maps
- Coronavirus disease (COVID-2019) situation reports by the ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (official numbers of confirmed cases by country)
- Coronavirus COVID-19 Global Cases and historical data by جان هاپڪنز يونيورسٽي
- Covid-19 latest news and resources by دي بي ايم جي
- COVID-19 Resource Centre by دي لينسيٽ
- Coronavirus Resource Hub by سيل پريس
حوالا
[سنواريو]- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ 2.0 2.1 {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ Schnirring, Lisa. "China releases genetic data on new coronavirus, now deadly". CIDRAP. وقت 11 January 2020 تي [11 January 2020 اصل] Check
value (مدد) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 January 2020. Unknown parameter|url=
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedHui14Jan2020
- ↑ Lu, Hongzhou; Stratton, Charles W.; Tang, Yi-Wei (16 January 2020). "Outbreak of Pneumonia of Unknown Etiology in Wuhan China: the Mystery and the Miracle" (en ۾). Journal of Medical Virology. doi: . ISSN 1096-9071. https://onlinelibrary.wiley.com/doi/10.1002/jmv.25678.
- ↑ Schnirring, Lisa. "Second family cluster found in Wuhan novel coronavirus outbreak". CIDRAP. وقت 16 January 2020 تي [15 January 2020 اصل] Check
value (مدد) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 16 January 2020. Unknown parameter|url=
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Wee, Sui-Lee; Jr, Donald G. McNeil. "China Identifies New Virus Causing Pneumonialike Illness" (en-US ۾). ISSN 0362-4331. Archived from [8 January 2020 the original] on 14 January 2020. https://web.archive.org/web/20200114045821/https://www.nytimes.com/2020/01/08/health/china-pneumonia-outbreak-virus.html. Retrieved 14 January 2020.
- ↑ Qin, Amy; Hernández, Javier C.. "China Reports First Death From New Virus" (en-US ۾). ISSN 0362-4331. Archived from [10 c 2020 the original] on 11 January 2020. https://web.archive.org/web/20200111020017/https://www.nytimes.com/2020/01/10/world/asia/china-virus-wuhan-death.html. Retrieved 11 January 2020.
- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ Newey, Sarah. "WHO refuses to rule out human-to-human spread in China's mystery virus outbreak" (en-GB ۾). ISSN 0307-1235. Archived from [14 January 2020 the original] on 15 January 2020. https://web.archive.org/web/20200115000103/https://www.telegraph.co.uk/global-health/science-and-disease/refuses-rule-human-to-human-spread-chinas-mystery-virus-outbreak/. Retrieved 17 January 2020.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedCohen17Jan2020
- ↑ 12.0 12.1 {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedParry20Jan2020
- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ Field, Field (22 January 2020). "Nine dead as Chinese coronavirus spreads, despite efforts to contain it". Archived from the original on 22 January 2020. https://web.archive.org/web/20200122185855/https://www.washingtonpost.com/world/asia_pacific/nine-dead-as-chinese-coronavirus-spreads-despite-efforts-to-contain-it/2020/01/22/1eaade72-3c6d-11ea-afe2-090eb37b60b1_story.html. Retrieved 22 January 2020.
- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ {{#استدعا:Citation/CS1/ar|citation |CitationClass=web }}
- ↑ "Coronavirus Live Updates: China Reports More Deaths as U.S. Orders Evacuation" (en-US ۾). 2020-01-25. ISSN 0362-4331. Archived from the original on 25 January 2020. https://web.archive.org/web/20200125145226/https://www.nytimes.com/2020/01/25/world/asia/china-coronavirus.html. Retrieved 2020-01-25.
- ↑ 24.0 24.1 "China building 1,000-bed hospital over the weekend to treat coronavirus" (en ۾). 2020-01-24. Archived from the original on 25 January 2020. https://web.archive.org/web/20200125012505/https://www.reuters.com/article/us-china-health-hospital-idUSKBN1ZN07U. Retrieved 2020-01-25.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named:4
- ↑ 26.0 26.1 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs named:1
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- سي ايس 1 جي Urdu ٻولي جو مآخذ
- حوالا ۾ غلطيون: تاريخ
- سي ايس 1 جي Korean ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي Spanish ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي German ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي French ٻولي جو مآخذ
- CS1 maint: Unrecognized language
- سي ايس 1 جي Danish ٻولي جو مآخذ
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- سي ايس 1 جي Slovenian ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي Icelandic ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي Russian ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي Azerbaijani ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي Macedonian ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي Chinese ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي Catalan ٻولي جو مآخذ
- سي ايس 1 جي Ukrainian ٻولي جو مآخذ
- صفحا مع يو آر ايل غلطيون
- هاڻوڪا واقعا
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- بهترين مضمون
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- Articles containing potentially dated statements from مارچ 2020
- All articles containing potentially dated statements
- Flagdeco with missing country data templates
- وائرس
- ايپيڊميولوجي
- ڪوروناوائرس مها وبا 2019- 2020