ڪوروناوائرس روڳ 2019

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


ڪورونا روڳ 2019
(COVID-19)
Synonyms * 2019-nCoV شديد ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي واري بيماري (ايڪيوٽ رسپائريٽري ڊيزيز)
  • ناول ڪورونا وائرس نمونيا[1]
  • ووهان ڪورونا وائرس، ووهان نمونيا،[2][3] ووهان فلو[4]
  • "ڪورونا وائرس" يا سارس ڪووي 2 جي نالو سان
  • سوشل ميڊيا تي صرف "ڪورونا" جي نالو سان مشهور
خُوردبيني تصوير ۾ SARS-CoV-2 سارس ڪووي 2 ڏسي سگهجي ٿو. وائرس جي ذرڙن جي ٻاهرئين ڪنارن تي چُهنبَ (نوڪ) ڪنهن تاج (crown) سان ملي ٿي، انهيءَ خصوصيت جي سبب کان ئي ان روڳ جو نالو ڪورونا رکيو ويو.
اچار
مھارت موتمار ساهه کڻڻ جي (تنفس) انفيڪشن[5]
آثار بخار، کنگھ، ساهه ۾ ٻُوسَٽ[6]
خرابي وائرل نمونيا، ARDS، گردا فيل
ڪارڻ سارس ڪوي SARS-CoV-2
تشخيصي طريقو rRT-PCR ٽيسٽنگ، اميونوسي، سي ٽي اسڪين
پرھيز هٿ ڌوئڻ، کنگه جا ڳُڻ، بيمارن کان پري رهڻ
علاج علامتي ۽ علاج
موت 13,407[7] (3-4% تصديق ٿيل ڪيس)[8]

ڪورونا وائرس جو مرض 2019 (COVID-19) هڪ پکڙجندڙ بيماري آهي جيڪا انتهائي موتمار تنفسي سينڊروم ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) منجهان ٿيندي آهي.[9] هي مرض سموري دنيا ۾ سال 2019 کان وٺي پکڙجڻ لڳو آهي ۽ جلد ئي عالمگير مها وبا جي شڪل اختيار ڪري ويو آهي.[10][11] ان روڳ (مرض، بيماري) جا عام اُهڃاڻ يا علامتن ۾ بخار، کنگهه ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏُکيائي يا ساهه کڻڻ ۾ ٻُوسٽ ٿيڻ شامل آهن. چيلهه (پٺن) جو درد، ٿُڪ اچڻ ۽ ڳچيءَ جو سُڄي وڃڻ نراليون نشانيون آهن.[6][12] اڪثر ڪيسن ۾ ٿورڙيون نشانيون ڏٺيون ويون،[13] ڪُجھ صورتن ۾ مريض نمونيا ۽ مختلف عضون جي ناڪارگي جو شڪار پڻ ٿي ويندو آهي.[10][14] سُڃاڻپ ٿيل معاملن ۾ موتَ جو تناسب 1 سيڪڙو ۽ 5 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي پر عمر ۽ صيحت جي ٻين حالتن جي لحاظ کان تبديل پڻ ٿي سگهي ٿو.[15][16] انفيڪشن هڪ ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ ۾ ساهه وسيلي پکڙجي ۽ منتقل ٿئي ٿو، جيڪو عام کنگھ ۽ ڇڪون يا نڇون اچڻ شامل آهن.[17][18] عام ٻه ۽ چوڏهن ڏينهن جي وچ ۾ اُهڃاڻ (علامتون) ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اوسطًا پنج ڏينهن۔[19][20] سُڃاڻپ ڪرڻ جو معياري طريقو نيزوفيرينجيئل سويب (nasopharyngeal swab) سان رِيورس ٽرانسڪرِپشن پولیيمِيريز چين ري ايڪشن (rRT-PCR) جي ذريعي سان ڪرڻ آهي. انفيڪشن جون سموريون گڏيل نشانيون، رِسڪ فيڪٽرز ۽ سيني جي سي ٽي اسڪين جي ذريعي نمونيا جون خصوصتون ظاهر ٿيڻ سان پڻ سُڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي.[21][22]مرض کان بچاءُ جي لاءِ تجويز ڪيل مشورن ۾ هٿ ڌوئڻ، ٻين ماڻهن کان پري مفاصلو برقرار رکڻ ۽ ڪنهن جو مُنهن کي نہ هٿ نه لائڻ شامل آهي.[23] ماسڪ جو استعمال عوام جي لاءِ نہ پر وائرس جي شڪي (مشتبا) ماڻهن ۽ اُنهن جي سارَسنڀال (نگهداشت) ڪندڙن جي لاءِ تجويز ڪيل آهي.[24][25] COVID-19 جي لاءِ ڪوبہ ويڪسين يا مخصوص اينٽي وائرل علاج ناهي. ان مرض سان نبرڻ لاءِ ظاهر ٿيندڙ اُهڃاڻ يا علامتن (نشانين) جو علاج ۽ تجرباتي اندازو شامل آهن.[26]

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (ڊبليو ايڇ او) 2019–2020 جي ڪورونا پکيڙجڻ کي عالمگير وبا[11] ۽ بين الاقوامي نوعيت جي عوامي صحت جي ايمرجنسي (PHEIC) قرار ڏنو آهي.[27][28] روڳ (مرض) جي مقامي منتقلي جو ثبوت عالمي ادارو صحت (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي تمام 6 علائقن جي ملڪن ۾ مليو آهي.[29]

اُهڃاڻ ۽ نشانيون[سنواريو]

ڪووِڊ-19 جون علامتون
ڪووِڊ-19 جون علامتون
ڪوروناوائرس جي بيماري 2019 (COVID-19) جا اُهڃاڻَ، هي روڳ 2019–20 جي ڪورونا وائرس پکڙجڻ ۾ ڏٺو ويو، ۽ گنڀير پيڙيندڙ ساهہ کڻڻ جي گڏيل اُهڃاڻن (رسپائريٽري سنڊروم) ڪورونا وائرس 2 (سارس ڪو وي-2) جي سببن کان ٿيندو آهي.

وائرس کان متاثر ماڻهن ۾ مستقل علامتون ظاهر ناهين ٿينديون يا وبائي زڪام نما علامتون (بشمول بخار، کنگھ ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي) ظاهر ٿينديون آهن.[6][30][31] دست ۽ ساهه کڻڻ جي مٿئين تنفسي علامتن جهڙوڪ ڇڪون يا نڇون اچڻ، نڪ وهڻ يا ڳلو يا ڳچي ۾ سوزش نرالا يا اڻ لڀ حالتن ۾ ٿي سگهن ٿا.[32] متاثر ماڻهن ۾ هي مرض وڌي نمونيا، ڪيترن ئي عضون جي ناڪارگي ۽ موت جو سبب بڻجي ٿو.[10][14]

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي مطابق نگهداشت مرض جو دور (incubation period) ٻن کان چوڏهن ڏينهن تي مشتمل آهي، اَٽڪل عفونت ۽ علامتن مرض جي ظاهر ٿيڻ وچ ۾ ارتقائي مدت پنج کان ڇهه ڏينهن آهي.[33][34] انيڪ ڪيسن جي لاءِ شروعات کان وٺي طبي شفا يابي تائين جو اوسط وقت لڳ ڀڳ 2 هفتا آهي ۽ موتمار يا خطرناڪ بيماري واري مريضن جي لاءِ 3 کان 6 هفتا آهي. ابتدائي انگ اکرن منجهان خبر پئي ٿي تہ شروعات کان وٺِي موتمار بيماري، بشمول گهٽ آڪسيجني حالت (هائيپوڪسيا) جي نشوونما تائين جي مدت 1 هفتو آهي. جن مريضن جي موت ٿي، ان ۾ علامتن جي شروعات کان وٺي ڪري نتيجي تائين جو وقت 2 کان 8 هفتو تائين هوندو آهي.[35] چين ۾ هڪ اڀياس ۾ خبر پئي تہ سي ٽي اسڪينن 56 سيڪڙو Ground-glass opacities ڏيکاريو، پر 18% سيڪڙو ۾ ڪوئي ريڊيولوجيڪل نتيجا ناهين ٿيا۔ 5% سيڪڙو انتهائي نگهداشت جي شعبن (آءِ سي يو) م۾ داخل ڪيو ويو، 2.3% سيڪڙو کي وينٽيليشن جي ميڪانڪل سپورٽ جي ضرورت هئي ۽ 1.4% سيڪڙو موت ٿي وئي.[36] ٻن طرفو (bilateral) ۽ ٻاهري (peripheral) گرائونڊ گلاس اوپيسيٽي سڀ کان مخصوص سي ٽي نتيجا آهن.[37]

ٻارڙن ۾ وڏن ماڻهن جي بنسبت معتدل علامتون ڏيکاءُ ڏين ٿيون.[38]

علام جي شرحِ [39]
علامت سيڪڙو
بخار 87.9%
سُڪي کنگھ 67.7%
ٿڪاوٽ 38.1%
ٿُڪڻ ٿڪون اڇلائڻ 33.4%
ساهه کڻڻ ۾ ڏُکيائي يا تڪليف 18.6%
پٺن جو درد يا جوڙن جو درد 14.8%
ڳلي يا ڳچي جي سوزش 13.9%
مٿي جو سُورُ (سر درد) 13.6%
سردي لڳڻ 11.4%
الٽي يا اُلٽيون اچڻ 5.0%
نڪ جي بندش 4.8%
دست يا پيچش ٿيڻ 3.7%
خوني کنگھ 0.9%
سوزش ملتحمہ 0.8%

سبب[سنواريو]

هن مرض جو سبب انتهائي مهلڪ تنفسي سينڊروم ڪورونا وائرس 2 (SARS-CoV-2) آهي، جنهنکي پهريون 2019 ناول ڪورونا وائرس (2019-nCoV) چوندا هيا.[40] ماڻهن ۾ هي ساهه جي ذريعي پکڙجي ٿي، خاص ڪري کنگھ ۽ ڇڪون يا نڇون اچڻ [18]

ڦڦڙن جي عضون تي وڌيڪ اثر COVID-19 ڪري ٿو ڇو تہ وائرس ميزبان گهرڙن تائين بذريعي ACE2 انزائيم رسائي حاصل ڪري ٿو، هي انزايم ڦڦڙن جي type II alveolar cells ۾ گهڻي مقدار ۾ هوندو آهي. وائرس هڪ خصوصي تهہ گلائيڪو پروٽين استعمال ڪري ٿو، جيڪو "اِسپڪائيڪ" چورائي ٿو، تہ جيئن ACE2 سان منسلک ٿي سگهي ۽ ميزبان گهرڙن ۾ اندر گهري وڃي۔[41] هر بافت ۾ ACE2 جي ڪثافت، اُن بافت ۾ مرض جي شدت سان تعلق رکندي آهي ۽ ڪُجھ سُجهاءُ ڏئي ٿو تہ ACE2 جي سرگرمي گهٽائڻ حفاظتي ٿي سگهي ٿي،[42][43] جڏهن تہ هڪ ٻيو نظريو هي آهي تہ Angiotensin II receptor blocker واري دوائن کي استعمال ڪندي ACE2 کي وڌائڻ پڻ حفاظتي ٿي سگهي ٿو ۽ اهڙي حالتن کي آزمائڻ جي ضرورت آهي.[44] جيئن ئي ڇتدار (alveolar) مرض وڌندو آهي تنفس جو نظام ناڪارہ ٿي موت واقع ٿي سگهي ٿو.[43] وائرس جي لاءِ ACE2 دِل تي حملو ڪرڻ جي راهہ پڻ هموار ڪري سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ شديد دل جو زخم acute cardiac injury ٿي سگهي ٿي۔ جن ماڻه ن۾ اڳ دِل (cardiovascular) ڪيفيتن هونديون آهن تن کي وڌيڪ خطرو آهي[45]

وائرس بابت هڪ خيال هي پڻ آهي تہ هي ڪنهن جانور کان شروع ٿيو۔[46] هي نومبر يا ڊسمبر 2019 ۾ چين جي شهر ووهان ۾ سڀ کان اڳ انسانن ۾ منتقل ٿيو ۽ انفيڪشن جنوري 2020 جي مُنڍ تائين انسانن کان ٻين انسانن ۾ منتقل ٿيڻ لڳو.[47][48] 14 مارچ 2020 تي سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ خبر ڏني تہ صوبو هوبئي سان تعلق رکندڙ 55 سال ماڻهو 17 نومبر 2019 تي هن مرض جو پهريون شڪار ٿيو۔[49] صوبو هوبئي ۾ 14 مارچ 2020 تائني متاثرن جي 67,790 هُئي ۽ موت 3,075 ٿيا؛ 4.54% ڪيس فيٽيلٽي ريٽ (سي ايف آر)۔[49]

سُڃاڻپ[سنواريو]

سي ڊي سي rRT-PCR ٽيسٽ ڪِٽ براءِ ڪووِڊ-19[50]

ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن مرض جي سُڃاڻپ جي لاءِ چند ٽيسٽنگ پروٽوڪول ڇاپي چُڪي آهي.[51] ٽيسٽنگ جو معياري طريقو ريورس ٽرانسڪرپشن پولي ميريز چين ري ايڪشن (rRT-PCR) آهي.[52] ٽيسٽ تنفسي نمونن جي ذريعي پڻ ممڪن آهي ان جي لاءِ نيزوفيرينجيئل سويب يا ٿڪ جو نمونو استعمال ڪيو ويندو آهي۔[53] نتيجو عمومًا چند ڪلاڪن کان ڏينهن ۾ ملندو آهي.[54][55] رت جي ٽيسٽ پڻ ڪري سگهجي ٿي پر ان جي لاءِ ٻن هفتن جي دوران رت (خون) جي ٻن نمونن جي ضرورت پوندي آهي ۽ سُٺا نتيجا پڻ گهٽ ايندا آهن.[56] چيني سائنسدان ڪورونا وائرس جي ڇڪ کي محدود ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هيا ۽ انهن هڪ genetic sequence جينياتي ترتيب جاري ڪئي ته جيئن سموري دنيا جي ليبارٽريون آزاداڻي طور پولي ميريز چين ري ايڪشن (PCR) ٽيسٽ تيار ڪري وائرس سان انفيڪشن جي سُڃآڻپ ڪري سگهن۔[10][57][58]

26 فيبروري 2020 تائين، هتي ڪوئي اينٽي باڊي ٽيسٽ يا پوائنٽ پوائنٽ آف ڪيئر ٽيسٽ نه هئي تنهنڪري ان جي تياري جي لاءِ ڪوششون جاري آهن.[59]

ووهان يونيورسٽي جي زونگنان اسپتال مرض جي سُڃاڻپ جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون، جنهن ۾ مطبي خصوصیتن ۽ وبائي مرض جي خطري جي بنياد تي انفيڪشن جي پروڙ لڳائڻ جو طريقو تجويز ڪيو ويو هيو. ان ۾ اهي ماڻهو شامل هيا جيڪي هيٺئين منجهان گهٽ ۾ گهٽٻن علامتن ملن ٿيون، انکانسواءِ ووهان ڄآڻايل يا متاثر شخص سان تعلق رهيو: بخار، نمونيا جي اميجنگ خصوصیت، رت جي اَڇي گهرڙن (ريڊ بلڊ سيل) جو تعداد ۾ گهٽتائي يا لمفي گهرڙن جو تعداد ۾ گهٽتائي.[21] 26 فيبروري 2020 تي وويان جي تونگجي اسپتال ۾ هڪ ٽيم جي ذريعي ڇاپيل هڪ اڀياس منجهان پَروُڙ پئجي سگهي ته ڪووِڊ-19 جي لاءِ سينو يا ڇاتي جو سي ٽي اسڪين، پولي ميريز چين ري ايڪشن (71%) جي مقابلي ۾ گهڻو حساسيت (98%) رکندو آهي.[22] غلط ناڪاري (منفي) نتيجا پي سي آر ڪِٽ جي ناڪامي جي سبب کان اچي سگهن ٿا، يا نموني منجهان ڪنهن هڪ مسئلي يا ٽيسٽ کي انجام ڏيندڙن جي سب کان اچي سگهن ٿا. غلط مثبت نتيجا نيارا نرالا ئي اچڻ جا امڪان هوندا آهن.[60]

بچاءُ[سنواريو]

alt=ڊگهي عرصي تائين انفيڪشنن جي پکڙجڻ جي اثرَ جو خاڪو، جنهن کي موڙي سپاٽ ڪرڻ ڇوندا آهن، خاڪي ۾ سِرن يا مُنهن کي گهٽائڻ سان ماڻهن جي صيحت جي سارَسنڀَالَ جي سهولتن کي بهتر انداز هلائڻ ۽ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو آهي.
ڊگهي عرصي تائين انفيڪشنز جي پکڙجڻ جي اثر جو خاڪو،جنهن کي موڙ کي سپاٽ ڪرڻ (flattening the curve) سڏين ٿا؛ خاڪي ۾ سِر کي گهٽائڻ سان ماڻهن جي صيحت جي سارسنڀال جون سهولتن کي بهتر انداز هلائڻ ۽ وڌيڪ تياري جو وقت ملندو آهي.[61][62][63]
موڙ کي سپاٽ ڪرڻ جا متبادلَ طريقا
موٽ کي سپاٽ ڪرڻ جا متبادل[64][65]

2021 تائين يا جلد سارس-ڪووي-2 جي خلاف ڪوئي ويڪسين تيار ڪرڻ جي اُميد ناهي ،[66] ڪووِڊ 19 جي عالمگير وبا کي قابو ڪرڻ جو اهم حصو وبائي لهر کي گهٽ جڪرڻ آهي، جنهن کي وبائي موڙ (epidemic curve) چئبو آهي، جنهن جي ذريعي انفيڪشنن جي شرح کي گهٽ ڪندڙ قدم کڻڻ ۾ مدد ملي سگهندي آهي.[62] انفيڪشن جي شرح گهٽائڻ جي صيحت جي سهوليتن کي زير ڪندڙ جوکم کي گهٽ ڪرڻ، موجوده ڪيسن جي بهتر علاج ڪرڻ ۽ ويڪسين ۽ علاج جي تياري جي لاءِ وڌيڪ وقت ملڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي آهي.[62]

مقام ۾ انفيڪشن جي منتقل ٿيڻ جي موقعن کي گهٽ ڪرڻ جي احتياي تدبيرن ۾ گهر ۾ رهڻ، سفر ۽ عوامي سرگرمين کي ڇڏي ڏيڻ، صابڻ سان هٿ ڌوئڻ عام گرم پاڻي سان گهٽ ۾ گهٽ ويهه سيڪنڊن تائين، بغير ڌوتل هٿن سان اکيون، نڪ ۽ مُنهَن کي هٿ لائڻ کان پاسو ڪرڻ شامل آهن.[67][68] بيمارين کان بچاءُ ۽ ڪنٽرول جي مرڪزن (سي ڊي سي) تجويز ڏني آهي تہ کنگھ يا ڇڪون (نڇون) اڇڻ جي دوران مُنهَن ۽ نڪ کي ٺِشو پيپر سان ڍڪيو يا ٽشو نہ هجڻ جي صورت ۾ هٿ رکي کنگھندا ڪريو يا ڇڪ نڇ اڇي ته به ايئن ڪجي.[67] وڌيڪ اهو تہ کنگھ يا ڇڪ (نڇ) اڇڻ کانپوءِ هٿ کي سُٺِ نوميني ڌوئي ڇڏيو۔[67] ماڻهن کان پري فاصلو ٺاهي رکو ۽ اهڙيون تدبيرن سان متاثر ماڻهو سڀني ماڻهن ۾ پکڙجڻ کي گهٽائي سگهجي ٿو، اسڪول ۽ ڪم ڪرڻ جي جڳهن کي بند ڪرڻ، سفر تي پابندي لڳائڻ ۽ عوامي ميڙ يا هجوم کي ترڪ ڪرڻ کپي.[69]

عالمي ادارو صيحت (ڊبليو ايڇ او) مطابق ماسڪ جو استعمال کنگھ يا ڇڪ نڇ اڇڻ يا شڪي (مشتبہ) ماڻهوءِ جي لاءِ ئي تجويز ڪيل آهي عام ماڻهن جن کي وائرس ناهي لڳو تن لاءِ ناهي.[70]

امريڪا جي بيمارين کان بچاءُ ۽ ڪنٽرول جي مرڪزن (سي ڊي سي) وائرس جي منتقلي کان بچاءُ جي لاءِ تجويز ڏنني آهي تہ متاثر ٿيل ماڻهو گهرن ۾ رهند ۽ صرف علاج جي مقصد سان ٻاهر نڪرن. صيحيت جي سارسنڀال ڪندڙن سان ملڻ کان اڳ فون ڪريو، جڏهن ڪنهن ڪنهن مشتبہ انفيڪشن جي جڳهہ يا فرد سامهون ملو ته مُنهن کي ماسڪ پارايو، کنگھ ۽ ڇڪ نڇ اڇڻ وقت تيشو پيپر سان ڍڪيو، روزانو صابوڻ ۽ پاڻي سان هٿ ڌويو ۽ نجي شين کي گهر وارن کي ڏيڻ کان پاسو ڪريو۔[71][72] سي ڊي سي هي پڻ چيو آهي ته ڪاڪوس (ليٽرين) وڃڻ کان پوءِ يا هٿ گندي لڳايو، کائڻ کان اڳ ۽ نڪ صاف ڪرڻ، کنگھ يا ڇڪ نڇ ڏيڻ کانپوءِ 20 سيڪنڊ تائنين هٿن کي صابڻ ۽ پاڻِي سان هٿ ڌوئو. وڌيڪ ڇيل آهي تہ جڏهن پاڻي يا صابڻ ان مهل نه هجي ته الڪوحل تي ٻڌل هٿ جا جراثيم ماريندڙ (هينڊ سيني ٽائيزر) جنهن ۾ 60% سيڪڙو الڪحل هجي، کي استعمال ڪيريو۔[67] پري ڏُور علائقن جتي جراثيم ماريندڙ مادي آساني سان دستياب ناهي ، ان جي لاءِ ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن گهر ۾ تيار ڪرڻ جا ٻه طريقا ُٻڌايا آهن. ٻنهين طريقن ۾ ايٿينول يا آئيسو پروپائيل الڪوححل کي جراثيم کي ختم ڪرڻ واري سرگرمي کي وڌائڻ آهن انهيءَ جي لاءِ هائيڊروجن پرآڪسائيڊ جي شدت کي گهٽ ڪن ٿا جڏهن تہ گليسرول اهڪ مُرطب (humectant) طور ڪم ڪري ٿو.[73] عالمي ادارو صحت بغير ڌوتل هٿن سان اکين، نڪ يا منهن کي هٿ لاهڻ کي جهلڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.[68] عوامي مرڪزن تي وڃڻ کان پاسو ڪريو۔[74]

حوالا[سنواريو]

  1. (ٻولي ۾ Chinese). نيشنل هيلٿ ڪميشن https://archive.today/20200228040516/http://www.nhc.gov.cn/yzygj/s7653p/202002/18c1bb43965a4492907957875de02ae7.shtml. وقت 28 فيبروري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 9 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد); Missing or empty |title= (مدد)
  2. Charlie Campbell. "The Wuhan Pneumonia Crisis Highlights the Danger in China's Opaque Way of Doing Things". ٽائم. حاصل ڪيل 13 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  3. Daniel Lucey and Annie Sparrow. "China Deserves Some Credit for Its Handling of the Wuhan Pneumonia". فارن پاليسي (رسالو). حاصل ڪيل 13 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  4. Stobbe, Mike (8 فيبروري 2020). "Wuhan coronavirus? 2018 nCoV? Naming a new disease". فارچون (ميگزين). Associated Press. https://fortune.com/2020/02/08/wuhan-coronavirus-disease-names/. 
  5. وڌيڪ معلومات جي لاءِ ڏسو سارس ڪووي 2 .
  6. 6.0 6.1 6.2 "Coronavirus Disease 2019 (COVID-19) Symptoms". سينٽرز فار ڊزيز ڪنٽرول ائنڊ پريوينشن. United States. وقت 30 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |archive-date= (مدد)
  7. "Coronavirus COVID-19 Global Cases by Johns Hopkins CSSE". ArcGIS. Johns Hopkins CSSE. حاصل ڪيل 22 March 2020. 
  8. سانچو:Cite document
  9. "Naming the coronavirus disease (COVID-19) and the virus that causes it". ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (WHO). وقت 28 فيبروري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  10. 10.0 10.1 10.2 10.3 "The continuing 2019-nCoV epidemic threat of novel coronaviruses to global health – The latest 2019 novel coronavirus outbreak in Wuhan, China". Int J Infect Dis 91: 264–66. فيبروري 2020. doi:10.1016/j.ijid.2020.01.009. PMID 31953166. 
  11. 11.0 11.1 "WHO Director-General's opening remarks at the media briefing on COVID-19". ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (WHO) (Press release). حاصل ڪيل 12 مارچ 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date= (مدد)
  12. "Q&A on coronaviruses (COVID-19)". ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (WHO). حاصل ڪيل 11 مارچ 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date= (مدد)
  13. Wang, Vivian (5 مارچ 2020). "Most Coronavirus Cases Are Mild. That's Good and Bad News.". نيو يارڪ ٽائمز. https://www.nytimes.com/2020/02/27/world/asia/coronavirus-treament-recovery.html. 
  14. 14.0 14.1 "Q&A on coronaviruses". ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن (WHO). وقت 20 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 جنوري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  15. "Wuhan Coronavirus Death Rate". www.worldometers.info. وقت 31 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  16. "Report 4: Severity of 2019-novel coronavirus (nCoV)" (PDF). وقت 10 فيبروري 2020 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  17. "Q&A on coronaviruses". ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO). وقت 20 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 فيبروري 2020. The disease can spread from person to person through small droplets from the nose or mouth which are spread when a person with COVID-19 coughs or exhales … The main way the disease spreads is through respiratory droplets expelled by someone who is coughing.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  18. 18.0 18.1 "2019 Novel Coronavirus (2019-nCoV)". Centers for Disease Control and Prevention. وقت 7 مارچ 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 18 فيبروري 2020. The virus is thought to spread mainly from person-to-person … through respiratory droplets produced when an infected person coughs or sneezes.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  19. "Symptoms of Novel Coronavirus (2019-nCoV)". www.cdc.gov. وقت 30 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  20. "The COVID-19 epidemic". Tropical Medicine & International Health n/a (n/a): 278–80. مارچ 2020. doi:10.1111/tmi.13383. PMID 32052514. 
  21. 21.0 21.1 "A rapid advice guideline for the diagnosis and treatment of 2019 novel coronavirus (2019-nCoV) infected pneumonia (standard version)". Military Medical Research 7 (1): 4. February 2020. doi:10.1186/s40779-020-0233-6. PMID 32029004. 
  22. 22.0 22.1 "CT provides best diagnosis for COVID-19". ScienceDaily. حاصل ڪيل 2 مارچ 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date= (مدد)
  23. "Advice for public". ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO). وقت 26 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 25 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  24. CDC. "2019 Novel Coronavirus (2019-nCoV)". Centers for Disease Control and Prevention. وقت 14 فيبروري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  25. "Advice for public". ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO). وقت 26 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 15 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  26. "Coronavirus Disease 2019 (COVID-19)". سينٽرز فار ڊزيز ڪنٽرول ائنڊ پريوينشن (CDCسي ڊي سي). وقت 26 فيبروري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 20 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  27. "Statement on the second meeting of the International Health Regulations (2005) Emergency Committee regarding the outbreak of novel coronavirus (2019-nCoV)". ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO). وقت 31 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 11 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  28. "Hundreds of evacuees to be held on bases in California; Hong Kong and Taiwan restrict travel from mainland China". دي واشنگٽن پوسٽ. 6 فيبروري 2020. https://www.washingtonpost.com/world/asia_pacific/coronavirus-china-live-updates/2020/02/05/114ced8a-479c-11ea-bc78-8a18f7afcee7_story.html. 
  29. سانچو:Cite document
  30. "Epidemiological and clinical characteristics of 99 cases of 2019 novel coronavirus pneumonia in Wuhan, China: a descriptive study" (English ۾). Lancet 395 (10223): 507–13. فيبروري 2020. doi:10.1016/S0140-6736(20)30211-7. PMID 32007143. 
  31. Hessen MT. "Novel Coronavirus Information Center: Expert guidance and commentary". Elsevier Connect. وقت 30 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 جنوري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  32. "Clinical features of patients infected with 2019 novel coronavirus in Wuhan, China". Lancet 395 (10223): 497–506. فيبروري 2020. doi:10.1016/S0140-6736(20)30183-5. PMID 31986264. 
  33. سانچو:Cite document
  34. "Q&A on coronaviruses (COVID-19): How long is the incubation period for COVID-19?". ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO). وقت 20 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  35. "Report of the WHO-China Joint Mission on Coronavirus Disease 2019 (COVID-19); 16-24 فيبروري 2020" (PDF). who.int. 
  36. "Clinical Characteristics of Coronavirus Disease 2019 in China". New England Journal of Medicine. 28 فيبروري 2020. doi:10.1056/nejmoa2002032. PMID 32109013. 
  37. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Bernheim Mei Huang Yang p=200463
  38. "Coronavirus Disease 2019 (COVID-19)". Centers for Disease Control and Prevention. حاصل ڪيل 2 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  39. سانچو:Cite document
  40. Gorbalenya, Alexander E. (11 فيبروري 2020). "Severe acute respiratory syndrome-related coronavirus – The species and its viruses, a statement of the Coronavirus Study Group". bioRxiv. doi:10.1101/2020.02.07.937862. 
  41. "Functional assessment of cell entry and receptor usage for SARS-CoV-2 and other lineage B betacoronaviruses". Nature Microbiology: 1–8. 2020. doi:10.1038/s41564-020-0688-y. PMID 32094589. 
  42. "Angiotensin-converting enzyme 2 (ACE2) as a SARS-CoV-2 receptor: molecular mechanisms and potential therapeutic target". Intensive Care Medicine. مارچ 2020. doi:10.1007/s00134-020-05985-9. PMID 32125455. 
  43. 43.0 43.1 "High expression of ACE2 receptor of 2019-nCoV on the epithelial cells of oral mucosa". International Journal of Oral Science 12 (1): 8. فيبروري 2020. doi:10.1038/s41368-020-0074-x. PMID 32094336. 
  44. "Angiotensin receptor blockers as tentative SARS‐CoV‐2 therapeutics". Drug Development Research. مارچ 2020. doi:10.1002/ddr.21656. PMID 32129518. 
  45. "COVID-19 and the cardiovascular system". Nature Reviews Cardiology. مارچ 2020. doi:10.1038/s41569-020-0360-5. PMID 32139904. 
  46. "Discovery of a novel coronavirus associated with the recent pneumonia outbreak in humans and its potential bat origin". bioRxiv. 23 جنوري 2020. doi:10.1101/2020.01.22.914952. 
  47. "The Epidemiological Characteristics of an Outbreak of 2019 Novel Coronavirus Diseases (COVID-19) – China, 2020". China CDC Weekly 2. 20 فيبروري 2020. https://github.com/cmrivers/ncov/blob/master/COVID-19.pdf. Retrieved 19 فيبروري 2020. 
  48. "COVID-19: what is next for public health?". Lancet 395 (10224): 542–45. فيبروري 2020. doi:10.1016/S0140-6736(20)30374-3. PMID 32061313. 
  49. 49.0 49.1 Walker, James (14 مارچ 2020). "China Traces Cornovirus To First Confirmed Case, Nearly Identfying 'Patient Zero'". نيوزويڪ. https://www.newsweek.com/china-traces-coronavirus-back-first-confirmed-patient-zero-1492327. Retrieved 14 مارچ 2020. 
  50. CDC. "CDC Tests for 2019-nCoV". Centers for Disease Control and Prevention. وقت 14 February 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 12 February 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  51. "Laboratory testing for 2019 novel coronavirus (2019-nCoV) in suspected human cases". ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO). حاصل ڪيل 13 March 2020. 
  52. "2019 Novel Coronavirus (2019-nCoV) Situation Summary". سينٽرز فار ڊزيز ڪنٽرول ائنڊ پريوينشن. وقت 26 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 30 January 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  53. "Real-Time RT-PCR Panel for Detection 2019-nCoV". Centers for Disease Control and Prevention. وقت 30 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 February 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  54. "Curetis Group Company Ares Genetics and BGI Group Collaborate to Offer Next-Generation Sequencing and PCR-based Coronavirus (2019-nCoV) Testing in Europe". GlobeNewswire News Room. وقت 31 January 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 February 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  55. Brueck H. "There's only one way to know if you have the coronavirus, and it involves machines full of spit and mucus". Business Insider. وقت 1 February 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 1 February 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  56. "Laboratory testing for 2019 novel coronavirus (2019-nCoV) in suspected human cases". وقت 21 February 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 February 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  57. "New SARS-like virus in China triggers alarm". Science 367 (6475): 234–35. January 2020. doi:10.1126/science.367.6475.234. PMID 31949058. https://mcb.uconn.edu/wp-content/uploads/sites/2341/2020/01/WuhanScience24Jan2020.pdf. Retrieved 11 February 2020. 
  58. "Severe acute respiratory syndrome coronavirus 2 data hub". NCBI. حاصل ڪيل 4 March 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  59. "Potential Rapid Diagnostics, Vaccine and Therapeutics for 2019 Novel Coronavirus (2019-nCoV): A Systematic Review". Journal of Clinical Medicine 9 (3): 623. February 2020. doi:10.3390/jcm9030623. PMID 32110875. 
  60. "Presumed Asymptomatic Carrier Transmission of COVID-19". JAMA. February 2020. doi:10.1001/jama.2020.2565. PMID 32083643. 
  61. Wiles S. "The three phases of Covid-19 – and how we can make it manageable". The Spinoff. حاصل ڪيل 9 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  62. 62.0 62.1 62.2 "How will country-based mitigation measures influence the course of the COVID-19 epidemic?". Lancet. مارچ 2020. doi:10.1016/S0140-6736(20)30567-5. PMID 32164834. "A key issue for epidemiologists is helping policy makers decide the main objectives of mitigation – eg, minimising morbidity and associated mortality, avoiding an epidemic peak that overwhelms health-care services, keeping the effects on the economy within manageable levels, and flattening the epidemic curve to wait for vaccine development and manufacture on scale and antiviral drug therapies.". 
  63. Barclay E. "How canceled events and self-quarantines save lives, in one chart". Vox. 
  64. Wiles S. "After 'Flatten the Curve'، we must now 'Stop the Spread'۔ Here's what that means". The Spinoff. حاصل ڪيل 13 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  65. "How will country-based mitigation measures influence the course of the COVID-19 epidemic?". Lancet. مارچ 2020. doi:10.1016/S0140-6736(20)30567-5. PMID 32164834. 
  66. Grenfell R, Drew T. "Here's Why It's Taking So Long to Develop a Vaccine for the New Coronavirus". Science Alert. وقت 28 فيبروري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 26 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  67. 67.0 67.1 67.2 67.3 Centers for Disease Control. "Coronavirus Disease 2019 (COVID-19): Prevention & Treatment". وقت 15 ڊسمبر 2019 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  68. 68.0 68.1 World Health Organization. "Advice for Public". وقت 26 جنوري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 10 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  69. Maragakis LL. "Coronavirus, Social Distancing and Self Quarantine". www.hopkinsmedicine.org. Johns Hopkins University. 
  70. "When and how to use masks". ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO). حاصل ڪيل 8 مارچ 2020.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  71. "Coronavirus Disease 2019 (COVID-19) – Prevention & Treatment". 
  72. Centers for Disease Control and Prevention. "What to do if you are sick with 2019 Novel Coronavirus (2019-nCoV)". وقت 14 فيبروري 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 13 فيبروري 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  73. "WHO-recommended handrub formulations". World Health Organization. 19 مارچ 2009. https://www.ncbi.nlm.nih.gov/books/NBK144054/. Retrieved 19 مارچ 2020. 
  74. M, Serena Josephine (14 فيروري 2020). "Watch out! Spitting in public places too can spread infections". The Hindu. https://www.thehindu.com/news/cities/chennai/watch-out-spitting-in-public-places-too-can-spread-infections/article30814578.ece.