ڊائريا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊائريا    Diarrhea

”دريا خان“

ماهرن موجب گرمي جو موسم اچڻ سان ئي گھڻي گرمي سبب پيٽ ۾ سور ۽ پيٽ جي مختلف مرضن ۾ واڌارو ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي. ڊائريا جي نشاني ھڪ وقت الٽي ۽ دست اچڻ آھي جنھن ڪري ڊائريا جي پکڙجڻ جا امڪان رھن ٿا.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي تہ ڊائريا کان محفوظ رهڻ لاءِ بازاري تريل شين ۔ سڙيل ميون ۔ شربتن ۽ گرم شين کان پرهيز ڪجي. گرمي ۾ بيسڻ مان تيار ٿيندڙ شين کائڻ کان پرھيز ڪجي ڇوجو اھي شيون نقصان ڏئي سگهن ٿيون. گھڻو پگھر نڪرڻ جي صورت ۾ ٿڌو پاڻي پيئڻ ۽ منجھند جي کاڌي ۾ ھلڪين غذائن سان گڏوگڏ ڏهي جو استعمال ڪجي ۽ رات جي ماني ۾ ڪڪڙ کائڻ کان پرهيز ڪجي.

طبي ماهرن موجب گرمي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڊائريا جا مرض متاثر ٿيندا آهن. ڊائريا جا مرض اڻ صحت وارن کاڌن پيتن وارين شين مان جنم وٺندا آهن. گرم موسم ۾ گھڻو کائڻ کان بہ پرهيز ڪجي جنھن سان آنڊن جا مسئلا بہ جنم وٺندا آهن.

گھڻي گرم موسم ۾ کائڻ پيئڻ ۾ لاپرواهي سان ڊائريا جو مرض جنم وٺندو آهي ۔ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سان ڊي هائيڊريشن ٿيندي آهي ۽ جسم ۾ پاڻي جي کوٽ سان چڪر پڻ اچڻ شروع ٿيندا آهن.

سبب :-

ڊائريا جو وڏي ۾ وڏو سبب گدلو پاڻي استعمال ڪرڻ آھي.

طبي ماهرن مطابق گدلو پاڻي پيئڻ سان ماڻهو نورو وائرس جو شڪار ٿي سگهن ٿا. ڊريڪسل يونيورسٽي جي تحقيق موجب اتر آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ڊائريا ۽ معدي جي مرضن ۾ ورتل ماڻهن تي تحقيق ۾ اها ڳالھ سامهون آئي تہ انهن مرضن جو سبب گدلو پاڻي هو. 10 کان وڌيڪ تحقيقن موجب معدي ۽ آنڊن جي بيماري جو واسطو گدلي پاڻي سان هوندو آهي، جنهن کي نورو وائرس چيو ويندو آهي. ماهرن موجب گدلو پاڻي معدي کي ڪمزور ڪندو آهي، جنھن سبب الٽي، دست ۽ ڊائريا جي شڪايت پيدا  ٿي ويندي آهي. پاڻي گهڻي قدر نڙي ۽ پائيپ لائين جي ڪري گدلو ٿي ويندو آهي يا وري تيز مينهن ۾ بہ پاڻي صاف ناهي رهندو. گهڻي دير تائين بوتل ۾ رکيل پاڻي پيئڻ بہ صحت لاءِ هاڃيڪار آهي ڇو تہ ان ۾ خطرناڪ گئس پيدا ٿي ويندي آهي جيڪا ڊائريا جو سبب بنجي ٿي. تحقيق مطابق پاڻي اُٻاري پيئڻ سان ان مان زهريلا جراثيم ختم ٿي ويندا آهن. پاڻي جو خراب هجڻ ان ڳالھ جي نشاندهي ڪندو آهي تہ ان ۾ مٽي ۽ ٻين جيوڙن جا ذرا موجود آهن.

اپاء :-

جڏھن بہ ڪنھن کي ڊائريا ٿئي ان سڄي پاڙي کي اٻريل پاڻي استعمال ڪرڻ کپي جيئن ڊائريا پکڙجي نہ سگهي.

گھڻي گرم موسم ۾ غيرضروري ٻاهر نڪرڻ کان پرهيز ڪجي.

اس ۾ ڪم ڪار ڪندڙ مٿي تي لٽو رکي ڪري ڪم ڪن.

گرمي ۾ گھڻو پگھر نڪرڻ سان جسم ۾ نمڪيات جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي جنھن ڪري جسم مان جيترو پگھر نڪري اوترو پاڻي پيئڻ گهرجي.

گرم موسم ۾ ڏينھن ۾ پندرهن کن گلاس پاڻي لازمي پيئجن. والدين پنھنجي اسڪول ويندڙ ٻارن کي ٿڌي پاڻي جي بوتل لازمي ڏين.