زڪام
زڪام هڪ عام مرض آهي، جيڪو هر عمر جي ماڻهوءَ کي ٿي سگهي ٿو پر ڪمزور ۽ نازڪ طبيعت وارن ماڻهن تي اوچتو، سدائين ۽ گهڻي ڀاڱي حملو ڪندو آهي. هي هر موسم ۾ ٿيندڙ بيماري آهي، ڏٺو ويو آهي تہ هن بيماريءَ جو حملو اڪثر وچ اونھاري ۽ سياري دوران ٿيندو آهي. هونئن تہ عام زڪام (Acute Coryza) طوفان وانگر ايندو آهي ۽ تڪڙو (هفتي اندر جلدي) ڇڏي ويندو آهي پر جيترو بہ عرصو هوندو آهي اوترو عرصو ماڻهو (مريض) کي بيزار ڪري ڇڏيندو آهي، مريض جي آرام، بک ۽ صحت جي نظام کي ڊانواڊول ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪڏهن هي مرض ماڻهو ۾ ڪُھنو (Chronic Coryza) ٿي پوي تہ زندگيءَ جو هر پل بيقرار ڪري ڇڏيندو آهي ڇو تہ زڪام کڻي عام (Acute) هجي يا پراڻو ڪُھنو هجي، اڪيلو ناهي ٿيندو پاڻ ساڻ گڏ گهڻيون ٻيون بہ تڪليفون آڻيندو آهي.[1]
زڪام ٿيڻ جا سبب (Aetiology)
[سنواريو]ساھ جي سرشتي (Respiratory Tract) جي مٿئين حصي نڪ ۽ وات (Naso-pharnx) جي رستي، رائنو وائرس ”Rhino Virus“پھچي زڪام جو سبب بڻجندو آهي. رائنو وائرس جي ڪري نڪ ۽ وات جي ساھ واري سرشتي سان لاڳاپيل اوڄن (Tissues) ۾ هڪ قدرتي مادو ”Histamine“ وڌي وڃي ٿو جنھن جي ڪري ساه واري سرشتي جي اُن هنڌ واريون رت جون ناڙيون (Blood Vessels) وڌيڪ پکڙجي (ڦنڊجي) ڪشاديون ٿي وڃن ٿيون جنھن جي نتيجي ۾ پاڻيٺ وارين جهلين (Mucus-membrane) ۾ قدرتي طرح پاڻي وڌي ويندو آهي جيڪو زڪام جي صورت ۾ نڪ مان وهندو آهي.[1]
ڦھلاءَ جا سبب (Accessory Causes)
[سنواريو]زڪام جي ٿيڻ يا وائرس جي پکڙجڻ جا ڪيترا اضافي سبب پڻ آهن، جيئن هي وائرس هڪ مريض کان ٻئي صحتمند ماڻهو تائين آمهون سامهون ساھ ڇڏڻ ۽ کڻڻ دوران، مريض جي نڇ (ڇڪ Sneeze) ڏيڻ سان، مريض سان گڏ کاڌو کائڻ، مريض جو اوبر کاڌو کائڻ يا پاڻي پيئڻ، مريض جي ٿانون ۾ کاڌو کائڻ يا گلاس ۾ پاڻي پيئڻ يا مريض جو رومال ۽ ٽوال استعمال ڪرڻ سان آسانيءَ سان پهچي زڪام ڪري وجهي ٿو. تنھن کانسواءِ موسمي ماحول، اوچتو سردي لڳڻ، بدلجندڙ موسم، گرميءَ کان ٿڌ ۽ ٿڌ کان گرمي ۾ تبديلي، تمام گهڻي سردي ۽ گرمي، ٿڌ لڳڻ يا لڪ لڳڻ، گهم، طوفاني (مٽيءَ واريون) هوائون، دز، مٽي، ڌوڙ، گند ڪچري کي لڳايل باھ جو دونھون، گاڏين جو دونھون، سوڙها گهر، برف جو يخ ٿڌو پاڻي پيئڻ، ٿڌ ۾ ٿڌيون شيون (مشروب) پيئڻ، آئسڪريم ۽ گهڻا ڪيميڪل، ڪيميائي مادا، خوشبو (تيز) ۽ ڪاسميٽڪ جو سامان جيڪو الرجي (Allergy) ڪري. هن وائرس جي اثر ٿيڻ ۽ پکڙجڻ جو مکيہ سبب بڻجن ٿا.[1]
زڪام جا قسم (Types of Coryza)
[سنواريو]عام (وقتي) زڪام (Acute Coryza)
[سنواريو]هن قسم جو زڪام اوچتو ٿيندو آهي ڪجهه ڏينهن رهندو آهي پوءِ جلدي گهاٽو ٿي سنگهہ ۾ بدلجي پوءِ پاڻهي ڇڏي ويندو آهي. هن قسم جو زڪام علاج کانسواءِ پاڻهي ڇڏي ويندو آهي. ڏٺو ويو آهي تہ ڪيترا ماڻهو هن قسم جي زڪام جو علاج نہ ڪرائڻ باوجود ٺيڪ ٿي ويندا آهن. عام ماڻهن جو تہ اهو خيال هوندو آهي تہ هن قسم جي زڪام کي ٽن ڏينهن تائين ڇڏي ڏجي، وهي وهي پاڻهي خشڪ ٿي ڇڏي ويندو ۽ ائين ئي ٿيندو آهي.[1]
ڪُھنو يا دائمي زڪام (Chronic Coryza)
[سنواريو]ھن قسم جو زڪام گهڻي وقت تائين هلندو آهي جنهن جو سبب ساھ جي سرشتي جي پاڻيٺ وارين جهلين ۾ دائمي سوڄ (Inflamation) جي ڪري هر وقت پاڻيٺ وارين جهلين (Mucus Membrane) مان پاڻي رسندو رهندو آهي. هن پاڻيءَ ۾ واڌ ان وقت ٿيندي آهي جڏهن مريض اهڙيون شيون واپرائيندو آهي، جنھن جي ڪري کيس الرجي ٿيندي آهي ۽ الرجيءَ جي ڪري ساھ جي سرشتي سان لاڳاپيل اوڄن ۾ ”Histamine“ مادو وڌي ويندو آهي جنھن جي ڪري ساھ جي سرشتي جي رت جي نتيجي ۾ پاڻيٺ وارين جهلين ۾ اڳي کان بہ وڌيڪ پاڻي (زڪام جو پاڻي) وهندو آهي. الرجي (Allergy) ڪرڻ وارين شين (مادن Substance) ۾ خاص ڪري ڌُوڙِ، دزِ، مٽي، ڀتين جو ڄارو، وڻن جا سُڪل پن، ٻج، ٻُورو، گهر جي قالين جي مٽي، گند ڪچري کي لڳايل باھ جو دونھون، تيز خوشبو واريون هار سينگار جون شيون، عطر، يوڊي ڪلون، يوڊي ٽوائليٽ، صابڻ، پائوڊر، باڊي لوشن، ماسڪ ۽ فيشول جنهن ۾ 80 سيڪڙو اسٽرائيل الَڪَوهَل Steryle Alcohol ۽ کٽي تيز خوشبو وارو سٽرونيلا تيل (Citronella Oil) مليل هوندو آهي، تنھن کانسواءِ کوڙ ڪيميائي مادا ۽ ڪيميائي گئسون جيئن سلور ڊاءِ آڪسائيڊ، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ خاص ڪري نائيٽروجن آڪسائيڊ (جيڪو گاڏين جي دونهي ۾ خارج ٿيندو آهي) سڀني قسم جون اهڙيون ڪولڊ ڊرنڪس (ٿڌيون بوتلون Cold Drinks) جن ۾ سٽريٽ (Citrate) ۽ ڪاربان گئس هوندي آهي، ۽ ڪجهہ کاڌن کان حساسيت اهي اهڙا عنصر آهن جيڪي الرجي ڪري وجهن ٿا. انهيءَ کانسواءِ هوا، ڌوڙ، دز ۽ مٽي وغيره ۾ موجود رائنو وائرس جڏهن ٻيهر ساھ جي سرشتي ۾ داخل ٿيندو آهي تہ مريض ۾ اڳي ئي موجود زڪام جو مرض ويتر وڌي ويندو آهي.[1]
علامتون (Clinical Symptoms)
[سنواريو]وقتي- عام زڪام ۾ زائنو وائرس جڏهن ساھ جي سرشتي (نڪ ۽ وات) ۾ پھچندو آهي تہ پھريائين نڪ ۾ خارش ۽ سُرڪو ٿيندو آهي ۽ ان سان گڏ نڇون (ڇڪون Sneezing) شروع ٿي وينديون آهن، نڙي خشڪ ٿي ويندي آهي، آهستي آهستي مرض وڌڻ ساڻ نڙيءَ ۾ سور، سُرڪو ۽ تپش (Inflammation) ٿيندي آهي، مٿي ۾ ٻُٽَ ۽ بارُ ٿيندو آهي. انهيءَ وچ ۾ اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن ۽ انهن ۾ سرڪو ۽ خارش ٿي پوندي آهي. انهن سڀني علامتن جي ظاهر ٿيڻ کانپوءِ نڪ مان پاڻي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن وائرس جو حملو ڀرپور هوندو ته اکين مان بہ ڪورائيندڙ يا سادو پاڻي وهڻ شروع ٿي ويندو آهي ۽ نڙيءَ ۾ سور ٿيندو آهي ۽ ڪن مريضن کي پگهر ايندا آهن، پوءِ بخار ٿي پوندو آهي، اهڙي ڪيفيت ٽن چئن ڏينھن تائين رهندي آهي تنهن کانپوءِ نڪ جو پاڻي آهستي آهستي ڄمي گهاٽو ۽ بلغمي ٿيندو ويندو آهي جڏهن زڪام موٽ کائيندو آهي تہ ڏينھن ٻہ هڪ ناس يا ٻئي ناسون بند ٿي وينديون آهن هن عرصي ۾ مريض وات مان ساھ کڻندو آهي تنھ ڪري کيس ڪافي پريشاني ٿيندي آهي.[1]
زڪام دوران عام تڪليفون (Common Ailments)
[سنواريو]نڇون (ڇڪون) اچڻ (Sneezing)
[سنواريو]زڪام دوران نڇن جو اچڻ هڪ عام ڳالهه آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن هي ايتريون ته گهڻيون اينديون آهن جو مريض کي بي حال ڪري ڇڏينديون آهن. جيتوڻيڪ نڇون اچڻ مريض لاءِ فائديمند پڻ آهي ڇو ته جيڪي زڪام جا وائرس نڪ ۽ ساهه جي سرشتي ۾ گڏ ٿي ويندا آهن، اهي نڇون ڏيڻ سان نڪ ۽ ساهه جي سرشتي مان ٻاهر نڪرندا آهن. اهڙي طرح نڪ ۽ ساهه جو سرشتو زڪام جي وائرس کان آجا ٿي ويندا آهن. اهو ڏٺو ويو آهي ته جيتري گهڻي مقدار ۾ زائنو وائرس نڪ ۽ ساهه جي سرشتي ۾ گڏ ٿيل هوندا آهن اوترو گهڻي مقدار ۾ مريض کي نڇون اينديون آهن ۽ جيتريون گهڻيون نڇون اينديون آهن اوترو جلدي نڪ ۽ ساهه جي رستي مان رائنو وائرس نڪري ويندو آهي.[1]
ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي (Dyspnoea)
[سنواريو]زڪام سبب مريض جو نڪ بند ٿي ويندو آهي. تنهن ڪري کيس ساھ کڻڻ (Inspiration) ۽ ڇڏڻ(Expiration) ۾ تمام گهڻي ڏکيائي ٿيندي آهي. زڪام جو سڄو عرصو مريض جو ساهه گهٽبو آهي.[1]
کنگهہ (Cough)
[سنواريو]مريض جون ناسون زڪام جي ڪري بند ٿي وينديون آهن. تنهن ڪري زڪام جو ڳاڙو نڙيءَ رستي ڦڦڙن تي ڪرندو آهي. زڪام جي جنهن ڪيفيت کي Posterior Nares Dribbling چئبو آهي. جنهن جي ڪري مريض کي نڙيءَ ۾ سُرڪو ٿيندو آهي. جيڪڏهن زڪام جو پاڻي تيزابي هجي ته مريض جي نڙي ڪنڊا ڪنڊا لڳندي آهي ۽ نڙيءَ ۾ سور ۽ سوڄ (سوزش Inflamation) ٿي پوندي آهي. نڙيءَ ۾ سُرڪي جي ڪري مريض کي کنگهه ٿي پوندي آهي. جيڪڏهن زڪام جي تڪليف ڪن حالتن ۾ اڃان به وڌي وڃي ۽ نڙيءَ وارو ڳاڙو گهاٽو ٿي وڃي ۽ ڦڦڙن، ساهه وارين نلين ۽ ٿيلهين ۾ ڄمي پوي تہ مريض کي کنگهه سان گڏ سيني ۾ سور ۽ دم به ٿي پوندو آهي.[1]
مٿي ۾ سور (Headache)
[سنواريو]جيترو بہ عرصو مريض کي زڪام هوندو آهي ته مريض کي گهڻو نه ته به ٿورو گهڻو مٿي ۾ سور ضرور هوندو آهي ۽ جي مٿي ۾ سور نه به هجي ته به دماغ (مٿي) تي وزن ۽ دماغ سڄو ٻُٽيو پيو هوندو آهي. اکيون ڳاڙهيون هونديون آهن. جنهن جو سبب زڪام جي ڪري دماغ جي رڳن تي سيٽ ۽ سوڙهه (Contraction ) هوندي آهي.[1]
بُخار (Fever)
[سنواريو]زڪام کي بخار ڄڻ ڏاج ۾ مليل هوندو آهي. زڪام دوران بخار لازم ملزوم هوندو آهي جيڪڏهن مريض کي تيز بخار نہ هوندو آهي ۽ نڇون شروع ٿي وينديون آهن تہ بخار بہ اچي پنھنجا پير ڄمائيندو آهي. شروع ۾ تہ مريض کي جهيڻو تپ (ڪڻس) هوندو آهي پر جيئن زڪام زور ڀريندو آهي تيئن بخار زور ڀريندو آهي. شروع جا ٽي چار ڏينھن جسم ۾ بخار هوندو آهي پر جيئن زڪام جو زور ٽٽي پوندو آهي تہ بخار بہ پويان پير ڪندو آهي.[1]
ڪنن جي تڪليف (Ear Ailments)
[سنواريو]نڪ ۽ ڪنن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو ڳلي کان نڪرندڙ هڪ هوا جي نالي جنهن کي (Eustachintube) چئبو آهي جي وسيلي ٿئي ٿو. زڪام جو پاڻي جڏهن به وڌي ويندو آهي ته نڪ جي بند هجڻ جي صورت ۾ اهو يا ته اکين ۾ هليو ويندو آهي ۽ اتان پوءِ ڳوڙهن جي صورت ۾ وهندو آهي يا وري انهيءَ هوا جي نالي (ٽيوب) جي وسيلي ڪنن ۾ هليو ويندو آهي (جو ان هوا جي نالي (ٽيوب) جو هڪڙو ڇيڙو ڳلي ۾ آهي ۽ ٻيو ڇيڙو ڪنن ۾ آهي). زڪام جو پاڻي ڪنن ۾ گڏ ٿيندو ويندو آهي، جنهن جي ڪري ڪنن ۾ سُرڪاٽ، سُور ۽ سوڄ ٿيو پون. جيڪڏهن هتي زڪام جو پاڻي گهڻي عرصي تائين موجود رهي ته اهو پاڻي گهاٽو ٿي ويندو آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن کانپوءِ گند جي صورت وٺي بيهي ٿو. آخر ۾ اهو گند ڪنن مان وهندو رهي ٿو. هيءَ گند وهڻ جي تڪليف وڏن ماڻهن جي مقابلي ۾ ٻارن کي وڌيڪ ٿيندي آهي. جيڪڏهن هي گند ڪنن مان نه وهي ته ان صورت ۾ گند ڪنن ۾ اندر پکڙجي ويندو آهي ۽ جڏهن اهو ڪنن جي دُهلڙي (ڪنن جي ٻڌڻ وارو مرڪزي-عُضوو) تائين پهچندو آهي ته مريض ٻڌڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي، يعني ٻوڙو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اسين ننڍن ٻارن توڻي وڏن ماڻهن جي ٻوڙائپ جا سبب ڳولينداسين ته ان جو سبب اڪثر زڪام جو بار بار ٿيڻ (Reccurent) ٻيو اهڙي دائمي زڪام (Chronic Coryza) ۾ اهڙو علاج ڪرائڻ (ڪرڻ) جنهن ۾ زڪام جي پاڻيءَ کي زبردستي خشڪ ڪيو ويو هجي يا روڪيو ويو هجي. جنهن جي ڪري گند جلدي گهاٽو ٿي ڪنن جي ٻڌڻ واري مرڪز (دُهلڙيءَ) تي ڄمي ڪنن جي سمعي (Acoustic) قوت کي گهٽ ڪري يا ختم ڪري ڇڏيندو آهي، اهڙيءَ طرح ماڻهو ٻوڙو ٿي ويندو آهي. هتي اهو به ٻڌائجي ٿو ته جيڪڏهن زڪام جو گند تيزابيت وارو هجي ۽ ڪنن ۾ گهڻي وقت تائين گڏ ٿيل هجي ته ان تيزابي گند جي اثر ڪري ڪنن جي ٻڌڻ واري پردي کي (ڪنن جي دهلڙي) يا خود ڪنن جي هڏين کي (جيڪي ڪچين ۽ نازڪ هڏين مان جڙيل هونديون آهن) جن کي ڪُرٽڻو هڏو (Cartilage) چئبو آهي اهو تيزابي پاڻي جيڪو بعد ۾ تيزابي گند بڻجي ويندو آهي انهن کي ڳاري وجهندو آهي، جنهن جي ڪري ڪنن جو ناسور (Carries Of Ear) ٿي پوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هر وقت ڪنن مان گند وهندو رهندو آهي.[1]
عام جسماني تڪليفون (Physical Ailments)
[سنواريو]زڪام جيترو بہ عرصو مريض ۾ هوندو آهي، اهو سڄو عرصو مريض کي جسم ۾ سور، بيقراري، جسم نِستو، ڪاهلي، جسم ڳورو، وات جو ذائقو مري (خراب ٿي ) ويندو آهي. اُن ساڻ گڏ بُک به مري ويندي آهي جسم جي هڏن ۾ سخت پيڙا وارو سور هوندو آهي، جنهن ۾ واڌارو رات جو خاص ڪري ٿڌ ۾ ٿيندو آهي. عام جسماني تڪليفن جو سبب پاڻيٺ وارن پردن (Mucus Membrane) مان گهڻي ڀاڱي (زڪام جي ڪري) پاڻي خشڪ ٿي (وهي وڃڻ) جي ڪري هوندو آهي. ان ڪري زڪام جي مريض کي وڌ ۾ وڌ پاڻي پيئڻ ۽ آرام ڪرڻ گهرجي. ظاهر ۾ تہ زڪام ننڍي بيماري ڏسڻ ۾ ايندي آهي پر هيءَ مرض جيترو بہ عرصو جسم ۾ موجود هوندو آهي اوترو عرصو بدن ۾ گهاڻي واري پيڙا هوندي آهي.[1]