ھارون رند

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فائل:Haroon rind.jpg
هارون رند

وفات : 2 جولاءِ 2007ع

پي ٽي وي جو مشهور ڊراما پروڊيوسر. پهريان سنڌي ڊراما پروڊيوس ڪيائين ھو سنڌي ٻولي ۽ ادب سان گڏ سنڌي لوڪ سنگيت جي روايت کان بہ آگاه ھيا ۽ اردو ڊراما شروع ڪرڻ کان اڳ سنڌي ڊرامي ۾ نالو پيدا ڪيائون. ايتري تائين جو ھڪ سنڌي ڊرامي کي جرمني جي بين الاقوامي مقابلي ۾ ايوارڊ بہ مليو.[حوالو گهربل]


ڊرامي ۾ ھن جي تربيت عبدالڪريم بلوچ جھڙي ڪهنہ مشق پروڊيوسر ۽ ساقي جھڙي منجھيل اداڪار ڪئي جيڪو رشتي ۾ هارون جي چاچو بہ ھو.

پنجويھ ۽ پنجاھ منٽ دورانيي جا ڪيترائي ناٽڪ پروڊيوس ڪرڻ کان بعد هارون سلسلي وار ناٽڪ ’ديوارين‘ پروڊيوس ڪيو جيڪو ھن کان اڳ ھو سنڌي ۾ بہ ڪري چڪو.

پر ھن ڀيري ھي پنجاھ منٽن جي رنگين اردو سيريل جو ھڪ وڏو منصوبو ھو جنھن ۾ سنڌ جي جاگيرداراڻه نظام ۾ قائم انھن ديوارن جو ذڪر ھو جيڪي انسان کي انسان کان جدا ڪري ڇڏينديون آھن.

ھن سيريل جي شاندار ڪاميابي کان بعد هارون پوئتي موٽي نہ ڏٺو ۽ اڳتي ئي اڳتي وڌندو ويو. سنڌي ٻھراڙين جي ٻنين ٻارن مان ٿيندي ھن جو ڊرامو ڪراچي جي پُرشور بازارن تائين بہ اچي پھتو ۽ ڏيھي معيشت جي ساده رشتن جي جڳھ شهري معاشري جي گنجيل مسئلن وٺي ڇڏي.

ذيابطيس جي ڪارڻ سندن جي وفات ٿي.

حوالو[سنواريو]