ڳوٺ ننگر داريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڳوٺ ننگر داريو (انگريزي:Village Nangar Dario) سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ قديم ڳوٺ آهي. هيءَ ڳوٺ ننگر نالي کوسي آباد ڪيو هو جيڪو ميانوال تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي خاص معتقدن منجهان هو. مهدوي تحريڪ وانگر ميانوال تحريڪ جا ٻه دائرا هوندا هئا جيڪي پاڪيزگي جي علامت هوندا هئا. هن ڳوٺ ۾ ننگر کوسي دائرو قائم ڪيو هو جنهنڪري ڳوٺ تي نالو ننگر داريو پيو. هيءُ ڳوٺ باز مال کوسو جي قريب آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. Says, Muneer Bhurgri. "نئين گاج رحمت به، زحمت به! -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-21.