ڳوٺ باز مال کوسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڳوٺ باز مال کوسو (انگريزي:Village Bazmal Khoso) سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڪاڇو واري علائقي ۾ جوهي شهر کان اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر اولھ ۾ واقع آهي. نالو باز مال يا بُز مال مان نڪتل ڀانئجي ٿو. باز معني گهڻو ۽ مال معني ڇوپايو مال ۽ بُز معني رڍ مطلب رڍن وارو مال. هن ڳوٺ ۾ کوسا قبيلو آباد آهي جيڪو گاجي شاھ جو مجاور آهي. گمان غالب آهي ته هت ميان نصير محمد ڪلھوڙو جي زماني ۾ ميانوال تحريڪ کي مريدن طرفان شادماني طور ملندو هو ان جو گهڻو تعداد هن ڳوٺ وارن جي حوالي هوندو هو جيڪي ان جي سار سنڀار لهندا هئا. اڄ به اڪثريت ۾ ڳوٺاڻا گاجي شاھ جي حوالي سان ميانوال سڏائڻ ٿا. هيءُ وڏي آبادي تي مشتمل ڳوٺ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. Says, Muneer Bhurgri. "نئين گاج رحمت به، زحمت به! -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-09-21.