مواد ڏانھن هلو

گھايل لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گھايل لغاري (انگريزي:Ghayal Laghari) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ليکڪ آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[1]

زندگي جو احوال

[سنواريو]

گھايل لغاري جو اصل نالو غلام حيدر لغاري آهي. گهايل لغاري سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ بچل لغاري ۾ 15 نومبر 1976ع  تي فيض محمد لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو.[2][3]

تعليم

[سنواريو]

گھايل لغاري مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان پاس ڪئي. انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج جوهي ۽ بعد ۾ بي اي پاس ڪيائين.

شاعري

[سنواريو]

گھايل لکڻ ۽ شاعري جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعري ٽماهي مهراڻ [4]۽ سنڌ جي ٻين اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. گهايل سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو جو رابطه سيڪريٽري بہ رهيو آهي.[5] شاعري جي گڏيل ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس ۾ پڻ سندس شاعري شامل آهي.[6]

اوارڊ

[سنواريو]
  • شاھ لطيف ايوارڊ، سنڌ

سيڪريٽيريٽ نان گزيٽيڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي سنڌ طرفان 1996ع.

  • بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ 2016ع ضلعا رابطا سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت سنڌ.[3]

حوالا

[سنواريو]
  1. رھاڻ, Sangat Roh Rehan سنگت روح (02 آگسٽ 2020), "Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ : غزل يادن جو پڙلاء ڏئي ويو گهايل لغاري", Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ, حاصل ڪيل 23 آگسٽ 2021۔
  2. "Poets and writers", Aziz Kingrani (ٻولي ۾ انگريزي), 17 ڊسمبر 2014, حاصل ڪيل 23 آگسٽ 2021۔
  3. 1 2 "ڄاڻ سڃاڻ - وڻ وڻ منجھان واس (گڏيل شاعري)", SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 25 آگسٽ 2021۔
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)", www.sindhiadabiboard.org, حاصل ڪيل 25 آگسٽ 2021۔
  5. yasir_operator, "سنڌي ادبي سنگت ڦلجي اسٽيشن پاران حڪيم محمد قاسم "شاداب” پنهور جي ياد ۾ ادبي ويهڪ" (ٻولي ۾ اردو), حاصل ڪيل 23 آگسٽ 2021۔
  6. "Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ", sangatroh.blogspot.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 23 آگسٽ 2021۔