گھايل لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گھايل لغاري

گھايل لغاري (انگريزي:Ghayal Laghari) سنڌ ۾ جنم وٺندڙ سنڌي ٻولي جو شاعر ۽ ليکڪ آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن.[1]

زندگي جو احوال[سنواريو]

گھايل لغاري جو اصل نالو غلام حيدر لغاري آهي. گهايل لغاري سنڌ جي دادو ضلعو جي جوهي تعلقو جي ڳوٺ بچل لغاري ۾ 15 نومبر 1976ع  تي فيض محمد لغاري جي گهر ۾ پيدا ٿيو.[2][3]

تعليم[سنواريو]

گھايل لغاري مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول جوهي مان پاس ڪئي. انٽر سائنس گورنمينٽ ڪاليج جوهي ۽ بعد ۾ بي اي پاس ڪيائين.

شاعري[سنواريو]

گھايل لکڻ ۽ شاعري جي شروعات 1990ع کان ڪئي. سندس شاعري ٽماهي مهراڻ [4]۽ سنڌ جي ٻين اهم رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهي. سندس ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. گهايل سنڌي ادبي سنگت شاخ جوهي جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو جو رابطه سيڪريٽري بہ رهيو آهي.[5] شاعري جي گڏيل ڪتاب وڻ وڻ منجهان واس ۾ پڻ سندس شاعري شامل آهي.[6]

اوارڊ[سنواريو]

  • شاھ لطيف ايوارڊ، سنڌ

سيڪريٽيريٽ نان گزيٽيڊ ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي سنڌ طرفان 1996ع.

  • بهترين ڪارڪردگي ايوارڊ 2016ع ضلعا رابطا سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت سنڌ.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. رھاڻ, Sangat Roh Rehan سنگت روح. "Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ : غزل يادن جو پڙلاء ڏئي ويو گهايل لغاري". Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ. حاصل ڪيل 2021-08-23. 
  2. "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2021-08-23. 
  3. 3.0 3.1 "ڄاڻ سڃاڻ - وڻ وڻ منجھان واس (گڏيل شاعري)". SindhSalamat Kitab Ghar (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-08-25. 
  4. "Sindhi Adabi Board Online Library (Stories)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2021-08-25. 
  5. yasir_operator. "سنڌي ادبي سنگت ڦلجي اسٽيشن پاران حڪيم محمد قاسم "شاداب” پنهور جي ياد ۾ ادبي ويهڪ" (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2021-08-23. 
  6. "Sangat Roh Rehan سنگت روح رھاڻ". sangatroh.blogspot.com. حاصل ڪيل 2021-08-23.