گڊا
ڏيک
گڊا (قبو سعيد خان)
ديھ گڊا | |
---|---|
ديھ | |
Deh Gadra | |
جاگرافي بيهڪ: 27°43′54″N 67°45′46″E / 27.73167°N 67.76278°E | |
ملڪ | ![]() |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قبو سعيد خان تعلقو |
ديھ گڊا (Deh Gadra) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قبو سعيد خان تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا بگودڙو تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1902ع واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ وليداد ماڇي، ھڪ وڏو ڳوٺ شايد ڳوٺ گڊا، ڳوٺ عطا محمد ماڇي واقع ھيا[2]. 1902 ۽ ان کان اڳ تعلقو شھدادڪوٽ ضلعو سرحد جو حصو ھيو جيڪو لاڙڪاڻو ضلعو ٺھڻ بعد ان ۾ شامل ڪيو ويو ۽ ان وقت بہ ھي ديھ تپو بگودڙو ۾ شامل ھئي. ھاڻي ھن ديھ ۾ ڳوٺ بابو ٻرڙو ۽ ڳوٺ محمد پنھل خاصخيلي معروف آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ کوکر، اوڀر ۾ ديھ ڪور محبت ۽ ڪور اسماعيل، اولھ ۾ ديھ ماڇي ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڌيرو ۽ ديھ جاگير 2 واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿي آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,607 ھئي جيڪا 297 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 www.pbs.gov.pk/content/block-wise-provisional-summary-results-6th-population-housing-census-2017-january-03-2018[1]
- ↑ [ http://map.sindhzameen.gos.pk/Taluka.aspx?district=Kamber%20Shahdad%20Kot آرڪائيو ڪيا ويا 2021-07-25 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.]
زمرا:
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- Pages using gadget WikiMiniAtlas
- مضمون with short description
- Short description with empty Wikidata description
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- Coordinates not on Wikidata
- قبو سعيد خان تعلقو
- قبو سعيد خان تعلقي جون ديھون
- قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جون ديھون
- سنڌ جا ڳوٺ