مواد ڏانھن هلو

گيما ڊيمتري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گيما ڊيمتري
(يوناني ۾: Δημήτρης Λιαντίνης خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
معلومات شخصيت
ڄم جو نالو (يوناني ۾: Δημήτρης Νικολακάκος خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيدائشي نالو (P1477) وڪي ڊيٽا تي
ڄم 23 جُولاءِ 1942   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
موت جُونِ 1998 (55–56 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت يونان   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو ليکڪ ،فلسفي ،شاعر ،ترجميڪار   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي يوناني ٻولي ،جرمن ٻولي ،انگريزي ٻولي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

گيما ڊيمتري (Gemma Dimities Liantinis) يونيورسٽي آف ايٿنز ۾ فلسفي جو پروفيسر هو. هو فلاسافي آف ايجوڪيشن، يوناني مذهب ۽ ادب پڙهائيندو هو. هن جون 9 لکڻيون يا دستاويز آهن. گيما ڊيمتريءَ جي لکڻين جو ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. هن کي آڳاڻٽي يوناني ورثي سان پيار هو ۽ ڊيمتري يوناني ورثي کي اڄوڪي دور سان سلهاڙي ان کي نئي معنا ڏئي رهيو هو ۽ جديد يوناني تعليمي سرشتي سان ڳنڍي ۽ لاڳاپي رهيو هو.

1973ع ۾ هن فلسفي جي هڪ پروفيسرياڻي سان وهانءُ ڪري ورتو.

هن کي نٽشي سان خاص لڳاءُ هو. هن پنهنجي لکڻين ۾ جنهن ڳالهه تي زور ڏنو، ان کي هو جديد يونان جو اخلاقي ۽ انٽيليڪچوئل (ساڃاهه) جو زوال چئي ٿو. هو لکي ٿو ته اَڄ جي يونان جو ڏيک بيڪار (faceless) ٿي ويو آهي. موت جو موضوع هن جي خاص ڌيان وٽان هو. هن لکيو ته آڳاٽي يوناني ثقافت رڳو راندروند ۽ زندگيءَ مان مزو ماڻڻ واري ڪونه هئي پر ان ۾ وجود جو اڻمحدود ڏک ۽ اداسي به هئي. هي اهو خيال هو، جنهن جي حوالي سان سندس محبوب فلسفي نٽشي هو.

هو موت کي آخري ۽ اَٽل سمجهندو هو، هو سمجهندو هو ته موت کان پوءِ ڪا به زندگي ناهي. موت کان پوءِ ملڻ واري ڪنهن به انعام ۾ هو يقين نه رکندو هو. هن لکيو ته، انسان جي اندر ايترو اخلاقي حوصلو هئڻ گهرجي ته اهو موت جي حقيقت ۽ سچائي کي مڃي ته ڪو به انسان هڪ ڀيرو پڄاڻيءَ تي پهتو ته معنا سدائين لاءِ پڄاڻيءَ پهچي ختم ٿي ويو. ڇو جو موت اڻٽر ڪائناتي قانون ۽ سچ آهي.

ڊيمتري، هومر جو هڪ منظر بيان ڪري ٿو. جتي هيرو ويڙهه جي ميدان ۾ پنهنجي دشمن جي آڏو آهي ۽ ان کي چئي ٿو ته ”انساني نسل وڻ جي پنن وانگر آهي. اسان به ساڳي ئي نموني ڪنهن وڻ جي شاخن تي ڪجهه ڏهاڙا ساوا ستابا رهون ٿا ۽ پوءِ مينهنَ ۽ هوائون وغيره اسان کي اڏائي وڃن ٿيون ۽ پوءِ پوءِ هڪ شعر جو هڪ مصرو پڙهي ٿو. اسان انسان ڇا آهيون، ڇانورن جا خواب آهيون، اسان ته پوري نموني ڇانوَ به ڪونه آهيون. اسان رڳو پنهنجون يادگيريون پنهنجي ڪم جي صورت ۾ ڇڏي ويندا آهيون.“ ۽ پوءِ پهرين جون 1998ع تي پروفيسر ڊيمتري غائب ٿي وڃي ٿو. هڪ ٽيڪسي واري ٻڌايو ته ان پروفيسر کي فلاڻي ٽڪريءَ واري هنڌ تي ڇڏيو هو. کيس نيري رنگ جي قميص ۽ اڇي رنگ جا بوٽ پاتل هئا. پروفيسر پنهنجي سوٽ کي چيو هو ته ستن ورهين کانپوءِ ان جڳهه جي باري ۾ سندس نياڻي کي ٻڌائيندو. سندس سوٽ ائين ئي ڪيو ۽ ان هنڌ تان 2005ع ۾ پروفيسر ڊيمتري جون هڏيون پکڙيل مليون. هن پنهنجي نياڻي لاءِ هڪ خط پڻ لکيو هو.

”... ايَ موت مان مرندس جڏهن آئون چاهيندس، ان وقت نه جڏهن تون چاهيندي. ان آخري ايڪٽ ۾ تنهنجي خواهش پوري ڪونه ٿيندي. اها منهنجي خواهش هوندي، جيڪا پوري ٿيندي. مان تنهنجي خواهش جي خلاف وڙهندس. مان تنهنجي سگهه سان وڙهندس. مان تنهنجي سڄي وجود سان وڙهندس. آئون مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ ويندس، جڏهن آئون فيصلو ڪندس، نه ڪي جڏهن تون فيصلو ڪندئين ...“


حوالا

[سنواريو]
  1. GND ID: https://d-nb.info/gnd/1012848396 — اخذ شدہ بتاریخ: 18 آڪٽوبر 2015 — اجازت نامو: Creative Commons CC0 License