گلابي گينگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اتر پرديش جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ گُهمندڙ زائفائون

گلابي گينگ (انگريزي ٻولي: Gulabi Gang) ڀارت جي نارين جي فعاليت پسند ۽ انتها پسند نارين جي تنظيم آهي، جيڪا گهريلو تشدد، جنسي هيسائڻ ۽ نارين خلاف مارڪٽ (تشدد) جي واقعن سان نبرڻ ۽ کين تي زور طريقي سان روڪڻ جو ڪم ڪندي آهي. هيءَ گينگ 2002ع جي مُنڍ واري وقت ۾ اتر پرديش ۾ اُڀري سامهون آئي، جنهن جو ڪم انهن مُڙسن کي سڌي سنئين واٽَ تي آڻڻ آهي، جيڪي پنهنجي زالن کي مارڪٽ (تشدد) جو نشان بڻائين ٿا يا عورتن کي گاريون ڏيندا آهن. گينگ 16 سال کان وٺي 60 سال تائين جي عمر رکندڙ زائفائن تي جُڙيل آهي.[1]

گينگ جو ڪم[سنواريو]

مڌيا پرديش ۾ ٻهراڙي جون عورتون

اُتر رياست اترپرديش جي پُٺتي پيل پُرڳڻن (ضلعن) ۾ 'گلابي گينگ' نالي سان هيءَ گينگ ڏاج، گهريلو تشدد، ٻالڪپڻ (ٻاروتڻ، ننڍپڻ) جي شادين ۽ ٻين سماجي مسئلن تي ڪم ڪندي آهي. هن گينگ جي ڀاتين جي خاصيت يا انهن جو لباس (يونيفارم) گُلابي رنگ جو آهي. هو گهڻي ريت پنهنجي هٿن ۾ لَٺيون کڻي گُهمنديون ڦرنديون رهنديون. هن گينگ ۾ شامل مايون ڳوٺن ۾ نارين جي طاقت ۽ انهن جي مزاحمت جي نمائندگي ڪنديون آهن. هن گينگ جي رڪن عورتن ۾ ننڍِي ڄمار جي ڇوڪرين کان وٺي وڏي عمر واريون ناني ۽ ڏاڏيءَ جي عمر جون ٻُڍڙيون مايون شامل آهن.[2]

فلم[سنواريو]

گُلابي گينگ کان مُتاثر ٿي باليووڊ جي هل فلم پڻ ٺهي چُڪي آهي. ڀارت جي رياست اترپرديش جي بنديل کنڊ علائقي ۾ عورتن جي گلابي گينگ ٺاهيندڙ سمپت پال جو چوڻ هيو ته هوءَ پنهنجي گينگ تي ٺاهي ويندڙ فلم گلابي گينگ جي نالو سان ٺهي آهي، ريليز نہ ٿيڻ ڏيندي. فلم ۾ ماڌوري دڪشت ۽ جوهي چائولا اهم ڪردارن ۾ جلوا ڏيکاريا آهن. سمپت پال جو چوڻ هيو تہ هوءَ ان فلم جي سينيما گهرن ۾ رليز ٿيڻ کان اڳ ئي بُک هڙتال تي ويهندي. گلابي گينگ جي طرز تي ٺاهي ويندڙ دستاويزي فلم جي فلموگرافي(عڪس بندي) کانپوءِ سمپت ماڌوري ڊڪشت تي ڏاڍي ڪاوڙ ڪَڍندي نظر آئي. ان احتجاج جي سبب کان کيس عالمي مقبوليت جي باوجود هيءَ فلم پنهنجي اصل ملڪ ڀارت ۾ ئي تڪرار جو شڪار ٿي وئي هُئي.

وَڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]