لاڙي لهجو
ڏيک
لاڙي لهجو (Lari Dilect) سنڌ جي لاڙ ۾ رهندڙ سنڌي کي ”لاڙي“ چيو ويندو آهي. سنڌو درياھ جي پڇڙي ۽ سمنڊ واري ڇوڙ وارن علائقن کي ”لاڙ“ چيو ويندو آهي. لاڙ معنيٰ لڙيل يا هيٺانهون ڀاڱو، جيڪو سمنڊ سان وڃي لڳي ٿو. لاڙ ۾ بدين، ٽنڊو باگي، بلڙي شريف کان ويندي ٺٽي ۽ ڪراچيءَ وارو حصو اچي وڃي ٿو. هتان جي ٻولي لاڙي لهجو سڏبي آهي. شاھ جو رسالو، شاھ ڪريم جو ڪلام وغيره هن لهجي ۾ آهن. لاڙي لهجي ۾ وسرڳ (ھ اچار وارا اکر) گهٽ ٿين، هو ڊگهو بدران چون ڊگو، گهڻو بدران چون گڻو، گهر بدران چون گر ۽ گهوڙي کي چون گوڙو، چڙهيو بدران چون چريو ۽ ماڻهوءَ بدران چون ماڙو. ”توکان“ جي بدران چون ’توهان‘ جيئن شاھ صاحب چوي ٿو: ”ساريان ڪانہ سوير ۾ طاقت توهان ڌار“ اهڙي نموني پڇاڙيون بہ نرالي انداز سان استعمال ڪندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.