ڪوئينزلينڊ
| ڪوينزلينڊ Queensland | |||
|---|---|---|---|
| رياست | |||
| |||
| عرفیت: اُسَ واري رياست | |||
| نعرو: بھادر ۽ وفادار | |||
آسٽريليا ۾ ڪوينزلينڊ رياست | |||
| متناسقات: 23°S 143°E / 23°S 143°E | |||
| ملڪ | |||
| علائقو | اولھه آسٽريليا | ||
| ڪرائون ڪالوني | 6 جون 1859 | ||
| وفاق ۾ شامل رياست جو درجو | 1 جنوري 1901 | ||
| گاديءَ جو هنڌ | برسبين | ||
| سڀ کان وڏو شھر | برزبين | ||
| ڪائونٽيون | ڪل 319 ضلعا | ||
| حڪومت | |||
| • قسم | آئيني بادشاهت | ||
| • مجلس | ڪوينزلينڊ جي حڪومت | ||
| • گورنر | پائول ڊي جرسي | ||
| • پريميئر | ليبر پارٽي | ||
| پکيڙ | |||
| • ڪل | 1,727,000 ڪ.م2 (667,000 ميل2) | ||
| • زمینی | 1,730,620 ڪ.م2 (668,200 ميل2) | ||
| • پاڻي | 121,991 ڪ.م2 (47,101 ميل2) | ||
| پکيڙ ۾ درجو | 2nd | ||
| بلند ترین پیمائش (مائونٽ بارٽل فريئر) | 1,622 ميل (5,322 ft) | ||
| آبادي (March 2020)[1] | |||
| • ڪل | 5,160,023 | ||
1 = postal_code_type?ڪوئينزلينڊgovernment_blank3_titleڪوئينزلينڊgovernment_blank2_titleڪوئينزلينڊmoduleڪوئينزلينڊgovernment_blank1ڪوئينزلينڊgovernment_blank1_titleڪوئينزلينڊgovernment_blank2ڪوئينزلينڊgovernment_blank3ڪوئينزلينڊ
ڪوينزلينڊ [2](انگريزي: Queensland) جنھن جو سرڪاري نالو اسٽيٽ آف ڪوينزلينڊ آهي، آسٽريليا جي اتر اوڀر ۾ واقع آسٽريليا جي پکيڙ ۾ ٻئي نمبر ۽ آبادي ۾ ٽئي نمبر وڏي رياست آھي. اھا پارلياماني نظام واري فيڊريٽيڊ رياست آھي جيڪا آئيني بادشاهت جي ھيٺ آھي. ان جي اولھه ۾ نادرن ٽيريٽري، ڏکڻ اولھه ۾ ڏکڻ آسٽريليا، ڏکڻ ۾ نيو سائوٿ ويلز ۽ اوڀر ۾ پئسيفڪ سمنڊ جو ڪورل سمنڊ واقع آهي. ان جي اتر ۾ ٽوريس سامونڊي لنگھه آسٽريليا جي ڌرتي کي پاپوا نيو گني کان ڌار ڪري ٿو.ھن رياست جي پکيڙ 18,52,642 چورس ڪلوميٽر ۽ آبادي 51 لک آھي،[3] جن جو مرڪز رياست جو ڏکڻ اوڀر وارو پاسو آھي. رياست جي گادي جو هنڌ برسبين آهي، جيڪو آسٽريليا جي سون جي ذخيرن سان ڀرپور زمين تي واقع آهي.
تمام وڏي ايراضي جي ڪارڻ هن جون جاگرافي جي لحاظ کان گھڻي وصفون آھن، جنهن ۾ جبل، ٻيلا، نديون، ريگستان وغيره شامل آهن. رياست جي آبادي گهڻ-نسلي آهي.[4][5] ڪوئينزلينڊ جا اصل رھاڪو ابارجينل آسٽريلين ۽ ٽوريس ٻيٽ جا رھاڪو ھئا.ا[6][7] ڊچ جھازران وليم جانس پھريون يورپي ھو، جنھن 1606ع ۾ آسٽريليائي سرزمين تي قدم رکيو ۽ ڪيپ يارڪ جزيري نما جي کوجنا ڪئي. 1770ع ۾ ڪئپٽن، جيمز ڪڪ آسٽريليا جي اوڀرندي ساحلي علائقي تي پھتي ان تي برطانيا جي لاء دعويدار ٿيو. 1787ع ۾ آرٿر فلپ اتي نيو سائوٿ ويلز ڪالوني جو بنياد وڌو. ڪوينزلينڊ جي بعد ۾ پوئين ڏھاڪن ۾ کوجنا ڪئي وئي ۽ پوء جان آڪسلي مارٽن بي پينل سيٽلمينٽ برسبين واري جاء تي 1824ع ۾ قائم ڪري اتي آبادي جو آغاز ڪيو ويو. ھن رياست کي 6 جون 1859ع ۾ نيو سائوٿ ويلز رياست مان ڌار ڪري، برطانوي راڻي وڪٽوريا سان منصوب ڪندي ڪوينزلينڊ يا راڻي جي سرزمين سڏي نئين رياست جو درجو ڏنو، جنھن ڪري ان ڏينهن کي ھر سال ملھايو ويندو آهي.[8] ڪوينزلينڊ آسٽريليا جي انھن شروعاتي ڇھه ڪالونين مان ھڪ آھي، جنهن ذريعي پھرين جنوري، 1901ع ۾ آسٽريليا جي وفاق جو بنياد پيو.
C
سياسي نظام
[سنواريو]
|


پھرين جنوري 1901ع ۾ آئيني بادشاهت ھيٺ وفاقي پارليماني نظام جي قيام بعد ھن رياست جو پنھنجو حڪومتي نظام ھڪ علحده آئين جي ذريعي عمل ۾ آيو جنھن کي ڪئينسلينڊ جق آئين سڏين ٿا جنھن جون بنيادي شقون رياست جي پارليامينٽ، عوامي ريفرنڊم کانسواءِ، تبديل نه ٿي ڪري سگھي. بنيادي انساني حقن لاء ھتي ڪئينسلينڊ ھيومن رائيٽس ايڪٽ 2019 پڻ لاڳو ٿيل آھي. ھن رياست جو حڪومتي نظام ويسٽ منسٽر نظام طرز تي جڙيل آهي. رياست جي پارليامينٽ ھڪ ايواني آھي جنھن جو نالو ڪئينزلينڊ جي ليجسليٽو اسيمبلي آهي. رياست جو سربراھ گورنر آھي جيڪو شاھي سربراھ جو نمائندو ھوندو آھي. رياست جي حڪومتي سربراھ کي پريميئر سڏيندا آهن. حڪومت جي گادي برزبين شھر ۾ آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "National, state and territory population – March 2020", Australian Bureau of Statistics, 24 September 2020, حاصل ڪيل 24 September 2020۔
- ↑ Wells, John C. (2008), Longman Pronunciation Dictionary (3rd ڇاپو), Longman, آئي ايس بي اين 9781405881180۔
- ↑ "Archived copy", اصل کان 13 April 2020 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 May 2020۔
- ↑ "Archived copy", Australian Bureau of Statistics, اصل کان 22 June 2019 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 May 2020۔
- ↑ "2016 Census of Population and Housing: General Community Profile" (ZIP), Australian Bureau of Statistics, حاصل ڪيل 31 May 2020۔
- ↑ "How Old is Australia's Rock Art?", Aboriginal Art Online, اصل کان 4 May 2013 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 15 May 2013۔
- ↑ Dortch, C.E.; Hesp, P.A. (1994). "Rottnest Island artifacts and palaeosols in the context of Greater Swan Region prehistory". Journal of the Royal Society of Western Australia 77: 23–32.
- ↑ "Pomona – Quinalow", Place Names of South East Queensland, اصل کان 13 October 2007 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 13 October 2007۔