جيمز ڪڪ
جَيمز ڪُڪ | |
---|---|
نيشنل ميري ٽائيم ميوزم، گرينوچ ۾ رکيل جيمز ڪڪ جو پورٽريٽ | |
پيدائش | 7 نومبر [قديم تاريخ 27 آڪٽوبر] 1728 مارٽن، مڊلسبرا, يارڪ شائر، انگلينڊ |
وفات | 14 فيبروري 1779 (عمر 50 سال) ڪيئالا ڪيڪوئا اپسمنڊ, ھوائي |
وفات جو ڪارڻ | چاقو جي ڌڪ سان |
قوميت | برطانوي |
تعليم | پوسٽيج اسڪول، گريٽ ايٽون |
پيشو | کوجنا ڪندڙ، جھازران، ڪارٽوگرافر |
لقب | ڪيپٽن (ڪپتان)، رايل نيوي |
جيون ساٿي | ايلزبيٿ بئٽس (ش. 21 December 1762) |
ٻار ٻچا | 6 |
ماءُپيءُ | جيمز ڪڪ
گريس پيس |
سڃاڻپ نشان | |
ڪيپٽن جَيمز ڪُڪ(انگريزي: James Cook ) برطانيا جو مشھور جھازران ، کوجنا ڪندڙ ۽ نقشي سازي جو ماھر ۽ برطانيا جي رايل نيوي جو ڪيپٽن يا ڪپتان ھيو جيڪو آسٽريليا جي اوڀرندي ڪناري تي پھچندڙ پھريون يورپي ھو ۽ جنھن سڀ کان پھريون ڀيرو نيوزيلينڊ جي چوڌاري ڦيرو لڳايو ۽ ھوائي ٻيٽن تي يورپين مان پھريون دفعو قدم رکندڙ ھيو. ھن پئسفڪ سمنڊ جا ٽي وڏا سامونڊي سفر ڪيا ۽ ھوائي تائين پھتو. ھن نيو فائونڊ لينڊ جو نقشو پڻ ليڪيو. ھي ننڍپڻ ۾ ئي برطانوي مرچنٽ نيوي ۾ شامل ٿيو ۽ 1755ع ۾ رايل نيوي ۾ شامل ٿيو. ھن فرانس سان ٿيل ستن سالن واري جنگ کي اکين سان ڏٺو. ھن ڪيوبڪ واري محاصري دوران ٿيل ابراھام جي ميدانن واري جنگ ۾ سينٽ لارنس ندي جي کوجنا ڪندي ندي ذريعي داخل ٿيڻ جو نقشو ليڪيو جنھن بعد کيس برطانوي سمنڊ پار کوجنا واري مھم لاء مقرر ڪيو ويو جنھن ۾ ھن ٽي وڏا بحري سفر ڪيا جن م ھن ھزارين ميلن جو رستو طئي ڪيو. ھن نيوزيلينڊ کان ھوائي تائين زمين جو نقشو ليڪي ٻيٽن جا اھڙا تفصيل نقشن ۾ ظاھر ڪيا جن جو پھرين نقشن ۾ اڳين کوجنا ڪندڙن اڃان ذڪر نہ ڪيو ھو. 1779ع ۾ پنھنجي آخري ٽئين سفر دوران ھن ھوائي ۾ پنھنجي چوري ڪيل ڪٽر ٻيڙي جي واپسي لاء اتان جي شاھي حڪمران کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن ۾ ھي مارجي ويو.