ڏکڻ آسٽريليا
سائوٿ آسٽريليا | |||||||||||||||||||||||||||||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|---|
| Nickname(s): شادياني واري رياست شراب واري رياست | |||||||||||||||||||||||||||||||||
آسٽريليا ۾ ڏکڻ آسٽريليا نمايان ڏيکاريل | |||||||||||||||||||||||||||||||||
| Coordinates: 30°S 135°E / 30°S 135°E | |||||||||||||||||||||||||||||||||
| ملت | |||||||||||||||||||||||||||||||||
| رياست | ڏکڻ آسٽريليا | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| صوبائي حيثيت | حق محفوظ وارو دستاويز 19 فيبروري 1836 | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| ڪالوني جي حڪومت جي شروعات | 28 ڊسمبر 1836 | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| رياست جي حڪومت جو قيام | 22اپريل 1857 | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| آسٽريليا جو وفاق | 1901 | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| آسٽريليا جو ايڪٽ 1986 | 3 مارچ 1986 | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| گادي جو هنڌ | ايڊيليڊ | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| وڏي ۾ وڏو شھر | ايڊيليڊ | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| ڪائونٽيون | 49 ڪائونٽيون | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| حڪومت | |||||||||||||||||||||||||||||||||
| • طرز | آئيني بادشاهت | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| • باڊي | ڏکڻ آسٽريليا جي حڪومت | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| • گورنر | ھَييُو وَان لِي | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| • پريميئر | اِسٽِيوِن مَارشَل (لبرل پارٽي، آسٽريليا سائوٿ آسٽريليا واري شاخ) | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| مقننه | سائوٿ آسٽريليا جي پارليامينٽ
ليجسليٽو ڪائونسل 22 سيٽون سائوٿ آسٽريلين اسيمبلي ھائوس 47 سيٽون | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| آسٽريليا جي عدليه | |||||||||||||||||||||||||||||||||
| وفاقي نمائندگي | آسٽريليا جي پارليامينٽ
| ||||||||||||||||||||||||||||||||
| ايراضي | |||||||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪل | 1,043,514 چورس ڪلوميٽر (402,903 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| • زمين | 983,482 چورس ڪلوميٽر (379,725 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| • پاڻي | 60,032 چورس ڪلوميٽر (23,178 چورس ميل) | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| ايراضي درجو | 4th | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| آبادي (مارچ 2020)[1] | |||||||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪل | 1767247 | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| • درجو | 5th | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| • ڪثافتي درجو | 6th | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| رهاڪو نالو | سائوٿ آسٽريلين, ڪروئيٽر (محاورتن)[2]سائوٿ آسي | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| وقتي علائقو | UTC+09:30 (آسٽريلين سينٽرل اسٽينڊرڊ ٽائيم) | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| • اونهارو (ر.ب.و) | UTC+10:30 (ACDT) | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| پوسٽل ڪوڊ | SA | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| آء ايس او 3166 ڪوڊ | AU-SA | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| جي ايس پي جو سال | 2018–19 | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| جي ايس پي (آسٽريلين ڊالر) | $107,990[3] (5th) | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| جي ايس پي في ڪس | $61,965 (7th) | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| ويب سائيٽ | www | ||||||||||||||||||||||||||||||||
| |||||||||||||||||||||||||||||||||
ڏکڻ آسٽريليا (South Australia) آسٽريليا جي ھڪ رياست آهي، جيڪا آسٽريليا جي وفاق ۾ شامل آھي جنھن ڪري ان کي فيڊريٽيڊ رياست پڻ چوندا آهن. اھا رياست آسٽريليا جي وچ ۽ ڏکڻ وارو حصي تي مشتمل آهي. آسٽريليا جو سڀ کان وڏو بنجر علائقو ھن رياست ۾ واقع آهي. ڏکڻ آسٽريليا جي پکيڙ 983482 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ اھا آسٽريليا جي پکيڙ ۾ چوٿين وڏي ۽ آبادي ۾ پنجين وڏي رياست آهي. رياست جي ڪل آبادي 17,60,000 آھي، جن جو 77 سيڪڙو گاديءَ واري شھر ايڊيليڊ ۾ رھندو آھي، جيڪو ھن رياست جو سڀ کان وڏو شھر آھي.[1] رياست جو ٻيون نمبر وڏو شهر مائونٽ گيمبيئر آھي، جن جي آبادي 28,684 آهي. ھن رياست جون حدون اولھه ۾ اولھ آسٽريليا، اتر ۾ نادرن ٽيريٽري، اتر اوڀر ۾ ڪوئينزلينڊ، اوڀر ۾ نيو سائوٿ ويلز ۽ ڏکڻ اوڀر ۾ وڪٽوريا سان ملن ٿيون. رياست جي ڏکڻ ۾ گريٽ آسٽريلين اپسمنڊ واقع آهي.

سائوٿ آسٽريليا جو گورنر، برطانيا جي آئيني بادشاهه، فلپ ٽئي جو نمائندو ھوندو آھي.[4] ڏکڻ آسٽريليا دولت مشترڪه آسٽريليا جي رڪن رياست آهي. ھن رياست جي پارليامينٽ ٻہ ايواني آھن جن ۾ ھڪ ھيٺيون ايوان: سائوٿ آسٽريلين اسيمبلي ھائوس؛ ۽ ٻيون مٿيون ايوان: سائوٿ آسٽريلين ليجسليٽو اسيمبلي شامل آهن. پارليامينٽ لاء چونڊ ھر چوٿين سال ٿيندي آهي. گذريل چونڊ 2018ع ۾ ٿي ھئي.

| سائوٿ آسٽريليا جي پارليامينٽ جي جوڙجڪ | ||
|---|---|---|
| پارٽي | اسيمبلي ھائوس | ليجسليٽو ڪائونسل |
| لبرل پارٽي (سائوٿ آسٽريليائي شاخ) | 24 | 8 |
| ليبر پارٽي (سائوٿ آسٽريليائي شاخ) | 19 | 8 |
| ايس اي بيسٽ | 0 | 2 |
| گرينس | 0 | 2 |
| آزاد | 4 | 1 |
| ايڊوانس سائوٿ آسٽريليا | 0 | 1 |
| ڪل | 47 | 22 |
| ذريعو: انتخابي ڪميشن سائوٿ آسٽريليا | ||
1896ع ۾ ڪالوني واري دؤر ۾ ڏکڻ آسٽريليا آسٽريليا جو پھريون ۽ دنيا اندر نيوزيلينڊ بعد ٻيو نمبر علائقو ھيو جتي عام چونڊن ۾ عورتن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو[5] 1887ع کان ھيٺيون ايوان تہ عوام جي ووٽن سان چونڊيو ويندو ھو پر مٿئين ايوان جي چونڊ جي لاء ووٽ جو حق صرف ملڪيت وارن شھرين کي ھو آخرڪار 1973ع ۾ آسٽريليا جي ليبر پارٽي جي ڊان ڊنسٽن جي حڪومت سڌارا آڻي ووٽر لاء ملڪيت ھجڻ جو شرط ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان ايوان جي اميدوارن جي چونڊ لاء سموري رياست جي ھڪ تڪ مان ٿيل چونڊ مان متناسب نمائندگي ذريعي ايوان جو چونڊ جو طريقو اختيار ڪيو ويو[6]. ڏکڻ آسٽريليا جو لوڪل گورنمينٽ وارو نظام 74 مڪاني ڪائونسلن تي مشتمل آهي جيڪي سائوٿ آسٽريليا جي پارليامينٽ طرفان نافذ ٿيل فرض سرانجام ڏينديون آهن جن ۾ روڊن جو انفراسٽرڪچر ۽ ڪچري جي شھرن مان نيڪال جا ڪم شامل آهن. ڪائونسلن جي آمدني ملڪيتن تي ٽيڪس ۽ حڪومتي گرانٽن تي مشتمل ھوندي آھي.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "National, state and territory population – March 2020". Australian Bureau of Statistics. 24 September 2020. 24 September 2020 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Wordwatch: Croweater". ABC NewsRadio. اصل نسخو مان 15 September 2005 تي محفوظ ڪيل. 11 October 2011 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "5220.0 – Australian National Accounts: State Accounts, 2018–19". Australian Bureau of Statistics. 15 November 2019. 20 November 2019 تي حاصل ڪيل.
- ↑ سانچو:Cite AustLII.
- ↑ "Women's Suffrage Petition 1894: parliament.sa.gov.au" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 29 March 2011 تي محفوظ ڪيل. 2016-07-17 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Dunstan, Don (1981). Felicia: The political memoirs of Don Dunstan. Griffin Press Limited. ص. 214–215. ISBN 0-333-33815-4.