ڪلر 2 (قمبر)
ڏيک
ڪلر 2 (قمبر) ديھ ڪلر 2 | |
---|---|
ديھ | |
Deh Kalar 2 | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°35′02″N 67°56′07″E / 27.58389°N 67.93528°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | قمبر تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 4,644 |
ديھ ڪلر 2(انگريزي: Deh Kalar 2) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي قمبر تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪلر تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1907 کان 1932ع تائين واري ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ واقع ڳوٺن ۾ ڳوٺ احمد شاھ، ڳوٺ لعل باز خان، حامد وارو مقام، لکٽيا مقام ۽ ھڪ ننڍڙو غيرمعروف ڳوٺ شامل ھيا. ھاڻي بہ اھي ٻہ معروف ڳوٺ برقرار آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ ڪلر 1، اوڀر ۾ ديھ قمبر، اولھ ۾ ديھ لکٽيا ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چنڱڙو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ جي اتر واري دنگ تي قمبر غيبي ديرو روڊ گذرندڙ آھي. ديھ جي ڏکڻ ۾ ڪجهه فاصلي تي ڊگھ ڍنڍ واقع آهي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 4,644 ھئي جيڪا 611 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].