ڪرتار سنگھ سراڀا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪرتار سنگھ سراڀا
پيدائش مئي 24 1894(1894-05-24)ء
ڳوٺ سراڀا، لڌيانہ، صوبو پنجاب (برطانوي ھندستان)
وفات نومبر 26 1915(1915-11-26)ء
لاھور، برطانوي ھندستان
وفات جو ڪارڻ ڦاھي
قوميت ھندستاني
بُڻ بُڻياد پنجابي
تنظيم غدر پارٽي
سياسي تحريڪ ھندستان جي آزادي جي تحريڪ
مذھب سک
فرد جرم غدر سازش
ڏوھ جي سزا ڦاھي (لاھور سازش ڪيس مقدمو)

ڪتار سنگھ سرابھا (انگريزي: Kartar Singh Sarabha)، (گرمکي: ਕਰਤਾਰ ਸਿੰਘ ਸਰਾਭਾ)، (پیيائش: 24 جنوری، 1896ء - وفات: 16 نومبر، 1915ء) ھندستاني سک انقلابي ۽ غدر پارٽي جو ليڊر ھو جن تي مشھور زمانہ لاہور سازش ڪيس نالي مقدمو ھلايو ويو ۽ ھن کي غدر سازش ۾ ان جي ڪردار جي ڏوھ ۾ لاھور سينٽرل جيل ۾ ڦاھي ڏني وئي۔

ابتدائي حالات ۽ تعيیم[سنواريو]

ڪرتار سنگھ 24 جنوري، 1896ء تي ڳوٺ سراڀا، لڌيانہ، صوبو پنجاب (برطانوي ھندستان) ۾ ھڪ سک خاندان ۾ پيدا ٿيو[1][2]۔ ھن جي والد جو نالو سردار منگل سنگھ گريوال ۽ والده جو نالو صاحب ڪور ھو۔ پنھنجي ڳوٺ ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد ھو ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ مالوا خالصہ ھاء اسڪول لڌيانہ ۾ داخل ٿيو۔ ميٽرڪ جي تعليم جي تڪميل کان بعد ھو اڙيسہ جي کالج ۾ داخل ٿيو۔[2]

پندرھن سالن جي عمر ۾ ڪرتار سنگھ کي ان جي خاندان وڌيڪ تعليم جي لاءِ بحري جھاز جي ذريعي آمريڪا موڪلي ڇڏيو جتي ھو ڪيليفورنيا يونيورسٽي، برڪلي ۾ داخل ٿيو۔[2]

غدر پارٽي ۽ اخبار[سنواريو]

21 اپريل، 1913ء تي ڪيليفورنيا جي ھندستانين غدر پارٽي جي بنیاد رکي۔ غدر پارٽي جي قيامجوا مقصد مسلح جدوجھد جي ذريعيبرطانوي سامراج جي غلامي کان آزادي حاصل ڪري قومي جمھوري حڪومت جو قيام ھو۔ پھرين نومبر، 1913ء تي غدر پارٽي غدر جي نالي سان ھڪ ست روزه اخبار جاري ڪئي جيڪا پنجابي، ھندي، اردو، بنگالي، گجراتي، ۽ پشتو ٻولي ۾ شايع ٿيندي ھئي۔ ھن اخبار جو تمام ڪم ڪرتار سنگھ نے ڪيو۔ ھن اخبار جون ڪاپيون تمام ملڪ ۾ جتي ھندستاني وسندا ھئا موڪلي ويندي آھي ۽ ان اخبار جي ذريعي برطانوي سامراج جي ھندستاني حڪومت جو چھرو بي نقاب ڪيو ويو آھي۔[2]۔ آمريڪا ۾ آباد ھندستانين کي ھن تحريڪ ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ جلسا منعقد ڪيو وڃڻ لڳو، جنھن ۾ لاله ھرديال، مولوي برڪت الله ا۽ ڀگوان داس وغيره تقريرون ڪندا ھئا۔ غدر پارٽي جي رڪنن پنجاب جي مختلف شھرن ۾ تعينات ديسي فوج ۾ شامل پنھنجي دوستن ۽ رشتيدارن کي خط لکيا ۽ ان بغاوت ۾ شريڪ ٿيڻ جي اپيل ڪئي، ھن جا ڪيترائي خط پوليس پڪڙي ورتا۔[1]

پنجاب ۾ بغاوت[سنواريو]

پھرين مھاڀاري جنگ جي ابتدا ۾ غدر اخبار جي 5 اگست، 1914ء جا شماري برطانوي سامراج جي خلاف اعلان جنگ جو فيصلو شايع ڪيو ۽ ان شماري جون ھزارين ڪاپيون ھندستان ڀر ۾ ڳوٺن، ٻھراڙين، شھرن ۽ ھندستان کان ٻاھر موجود عوام ۽ خاص ڪري ڇاوڻين ۾ موجود ھندستاني فوجين ۾ ورھايون ويون ۔ 15 سيپٽمبر، 1914ء تي ڪرتار سنگھ غدر پارٽي جي اڪنن وشنو گنيش پنگل ۽ ستين سين ساڻ ڪولمبو کان ٿيندي ھندستان واپس آيو ۽ ڪلڪتي ۾ پڙاءُ وڌو۔ وشنو گنيش پنگل ساڻ ھن بنارس (وارناسي) ۾ ھن جي ملاقات راس بھاري بوس سان ٿي ۽ ھن کي ٻڌايو تہ غدر پارٽي ۾ جلد ئي 20 ھزار وڌيڪ رڪن شامل ٿيڻ وارا آھن۔ بدقسمتي سان ھي معلومات برطانوي سرڪار کي پھچي وئي ۽ ھزارن جي تعداد ۾ غدر پارٽي جا رڪن ۽ قائد ھندستاني بندرگاھن کان گرفتار ٿي ويا۔ ان جي باوجود غدر پارٽي جا رڪن لڌيانہ جي ويجھو لڌوال ۾ جمع ٿيا ۽ فيصلو ڪيو تہ مسلح جدوجھد جا خرچ پورا ڪرڻ جي لاءِ اميرن جي گھرن ۾ چوريون ڪيو وڃن۔ ان ئي سلسلي ۾ ٻه غدر ڪارڪنن وريام سنگھ ۽ ڀاءُ رام رکا بم ڌماڪي ۾ فوت ٿيا۔[2]

25 جنوري، 1915ء تي راس بھاري بوس بغاوت جي انتظامن جي نگراني جي سلسلي ۾ امرتسر پھتو۔ 12 فيبروري، 1915ء جي ميٽنگ ۾ مسلح بغاوت جي تاريخ 21 فيبروري، 1915ء مقرر ٿي۔منصوبي جي مطابق ميان مير ۽ فيروزپور ڇانوڻين تي مسلح حملو ڪرڻ ھو ۽ ان جي لاءِ انبالا ۾ مڪمل تيار رھڻو ھو۔ [2]

سزا ا۽ ڦاھي[سنواريو]

بد قسمتی سان غدر پارٽي ۾ موجود ڪرپال سنگھ نالي پوليس مخبر بغاوت جو سڄو منصوبو برطانوي حڪومت کي ٻڌايو ۽ ھيئن 19 فيبروري، 1915ء تي وڏي تعداد ۾ حريت پسندن کي گرفتار ڪري ورتو ويو، ھندستانی نزاد فوجين کي غير مسلح ڪري ڇڏيو۔[2]

بغاوت ۾ ناڪامي کان بعد ڪرتار سنگھ، ھرنام سنگھ ٻين ساتٿين ساڻ چڪ نمبر 5 سرگوڌا ھليو ويو ۽ اتي 22 ڪيولري جي ھندستاني جوانن ۾ بغاوت جي ڪوشش ڪئي پر رسالدار گنڊا سنگھ ڪرتار سنگھ ۽ ان جي ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ھن تي مقدمو ھلايو ويو جنھن کي لاھور سازش ڪيس جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آھي۔ سيپٽمبر، 1915ء تي مقدمي جو فيصلو ٿيو جنھن ۾ ڪرتار سنگھ کي ڦاھي جي سزا ٻڌائي وئي[2]۔ڪرتار سنگھ کي 19 سالن جي عمر ۾ 16 نومبر، 1915ء تي لاھور سينٽرل جيل ۾ ڦاھي ڏني وئي[1][2]۔مجموعي طور تي 145 ھندستانين کي ڦاھي ڏني وئي، جن ۾ 62 فوجي ھيا۔ ڪالي پاڻي جي سزا حاصل ڪندڙ 190 فوجي ھيا۔ انھن کي ماندلَي (برما) ۽ انڊمان ٻيٽن جي جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو، جتي اڪثر قيدي پوليس تشدد سان ماريا ويندا ھئا۔[1]

اعزازات و یادگار[سنواريو]

  • ڪرتار سنگھ (ڪرتار سنگھ جي زندگي تي مبني پاڪستاني پنجابي فلم آھي جيڪو 18 آڪٽوبر، 1959ع ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي وئي)
  • صحت ۽ تعليم جي فروغ لاءِ شھيد ڪرتار سنگھ سراڀا چيرٽيبل فائونڊيشن جو قيام۔
  • شھيد ڪرتار سنگھ سراڀا ڊينٽل ڪاليج اينڊ ھاسپيٽل جو قيام سراڀا، لڌيانہ[3]۔

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]