مواد ڏانھن هلو

ڏياري

هي هڪ بهترين مضمون آهي. وڌيڪ تفصيل لاءِ ٺِڙڪ (ڪلڪ) ڪيو.
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏياري

رنگولي سجاوٽ، رنگدار پائوڊر يا ريتي استعمال ڪرڻ ديوالي جي دوران مشهور آهن.
عرفيت ڏيپوالي
ملهائڻ وارا هندو, سک, جينز ۽ ٻڌمت[1]
قسم ثقافتي, موسمي, مذهبي
تقريبون ڏيئا ۽ بتيون, گھر کي سجائڻ, خريداري, آتش بازي, پوڄا (عبادت جون تقريبون), تعفا, مذهبي رسمن جي پيروي ڪرڻ, دعوتون ۽ مٺايون ورهائڻ
شروعات ڌنتيرس، ڏياري کان ٻه ڏينهن اڳ
ختم ڀائي ڏوج، ڏياري کان ٻه ڏينهن پوءِ
تاريخ Ashvin Krishna Trayodashi، Ashvin Krishna Chaturdashi، Ashvin Amavasya، Kartik Shukla Pratipada، Kartik Shukla Dwitiya

ڏياري يا ڏيپوالي قديم هندو ڌرم جو ڏڻ آهي، جنهن کي هر سال بهار جي مند ۾ ملهايو ويندو آهي.[2][3] هي ڏهاڙو روحاني حوالي سان اونده کان سھائي ، چريائپ کان ڏاهپ ، لڱائي کان چڱائي ۽ نراسائي کان آس جي طرف وڌڻ جو ڏڻ آهي.[4][5][6] هِن ڏهاڙي جون تياريون 9 ڏينهن اڳ شروع ڪيون وينديون آهن ۽ وڌيڪ رسمون 5 ڏينهن تائين جاري رهنديون آهن. هي ڏهاڙو اماوس جي رات يا نئين چنڊ جي رات ملهايو ويندو آهي. اصل ڏهاڙو شمسي-قمري هندوئن جي ڪلينڊر جي مهيني ڪارتيڪ ۾ اماوس جي رات يا نئين چنڊ جي رات ملهايو ويندو آهي. گريگورين ڪلينڊر جي مطابق هي ڏهاڙو وچ آڪٽوبر يا وچ نومبر ۾ ملهايو ويندو آهي.
ڏياري جي رات کان اڳ هندو پنهنجي گهرن کي رنگ رونڱن ڪري سينگاريندا آهن،[7] ۽ ڏياري جي ڏينهن نوان ڪپڙا پائيندا آهن، روشن دان، در ۽ درين جي سامهو ڏيئا ٻاريندا آهن. ڏيئا گهر جي اندر ۽ گھٽين ۾ پڻ ٻاريندا آهن. دولت ۽ خوشحالي جي ديوي لڪشمي جي پڻ پوڄا ڪئي ويندي آهي. ڦٽاڪا ڦاڙيا ويندا آهن. [8] بعد ۾ سڄي خاندان طرفان دعوتن جو بندوبست ڪيو ويندو آهي ۽ مٺايون ورهايون وينديون آهن. دوستن کي دعوت ڏني ويندي اهي ۽ تعفا ورهايا ويندا آهن. جتي ڏياري ملهائي ويندي آهي اتي ڏياري کي واپار وارو موسم پڻ چيو ويندو آهي. [9]
ڏياري هندو ڌرم جو نه صرف مقدس ڏڻ آهي بلڪه اهم رسم ۽ رواج پڻ آهي. هي ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ خوشي سان ملهايو ويندو آهي.،[10] هندوستان ۾ هي ڏهاڙو ڌنتيراس کان شروع ٿئي ٿو. نرڪ چتردشتي ٻي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ڏياري ٽين ڏينهن، چوٿين ڏينهن زال مڙس جي رشتي مٿان وقف ٿيل آهي، پنجين ڏينهن ڀاءُ ڀيڻ جي رشتي لاءِ هوندو آهي. ان کانپوءِ هي ڏهاڙو ختم ٿي ويندو آهي. عام طور تي ڌنتيراس، دسهيرا جي 18 ڏينهن کانپوءِ ٿيندو آهي. جنهن رات هندو ڏياري ملهائيندا آهن ان رات جين ڌرم جا پوئلڳ مهاوير جي آزادي (موڪش) ملڻ جي خوشي ۾ ڏيئا ٻاريندا آهن. [11][12] سِک هِن ڏينهن کي بند چوڙ ديوس جي نالي سان ملهائيندا آهن.[13]
هندستان ۾ ڏياري دوران عام موڪل هوندي آهي.[14] نيپال، موريشس، سري لنڪا، ميانمار، گيانا، جمهوريه ترنيداد ۽ توباگو، سرينام، ملائيشيا، سنگاپور ۽ فجي ۾ ڏياري سرڪاري ڏهاڙو طور ملهايو ويندو آهي.

نالو

[سنواريو]

ڏياري (ڏيپاولي) [2] سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي. ڏيپاولي لفظ (ڏيئي) مان نڪتل آهي. ڏيپ يا ديپ جي معنيٰ شمع يا روشني آهي. والي جي معنيٰ صف يا قطار آهي. اهڙي طرح ڏيپاولي يا سنڌي ۾ ڏياري جو مطلب ڏيئن جي قطار يا بتين جو قطار آهي. ان موقعي تي لکين ڏيئا گهر جي اڱڻ، امارتن ۽ ان مُلڪ ۾ جتي اهو ڏهاڙو ملاهيو ويندو آهي اتي ٻاريا ويندا آهن.

تاريخ

[سنواريو]

ڏياري جي تاريخ انتهائي قديم آهي. هي ڏهاڙو گرمي جي موسم کان پوءِ ايندو آهي. هندي ڪلينڊر جي مطابق ڪارتيڪ مهيني ۾ ملاهيو ويندو آهي. هِن ڏهاڙي جو ذڪر پدم پران، اسڪند پرانا ۽ ٻين سنسڪرت هندو ٻولي جي ڪتابن ٿيل آهي. ديوي يا ڏيئي جو ذڪر اسڪند پرانا ۾ سج لاءِ ڪتب ايل آهي. اهو ئي سج جيڪو نظام شمسي جي مختلف سيارن کي روشني ڏيندو آهي. اها ئي شمسي موسم ڪارتيڪ مهيني ۾ تبديل ٿيندو آهي.[15][16]
قديم دور هند جي بادشاهه ”هرش“، ستين صدي جي سنسڪرت ٻولي ۾ لکيل هڪ ڊرامي ۾ ڏياري جي باري ۾ ڪجهه هئين لکي ٿو ”ديپاپراتيپادُتساوا“ جتي ڏيئا ٻاريا ويندا آهن. جنهن ڏينهن تي شادي جا رشتا طئي ٿيندا آهن انهي جوڙن کي تفعا ڏنا ويندا آهن.[17][18] راج شيکر نائين صدي ۾ پنهنجي شايع ٿيل ڪااوياميمامسا ۾ ڏياري کي ديپاماليڪا ڪوٺي ٿو. ان ۾ هِن لکيو ته هي گهرن کي صاف سٿرو رکڻ، رات جو ڏيئا ٻارڻ، گھٽين ۽ بازارن جي صاف ڪرڻ جو موسم آهي.[17] فارسي سفير ابو ريحان البيروني يارنهن صدي ۾ هندستان جو سفر ڪيو ۽ لکي ٿو ته هندو پوئلڳ، ڪارتيڪ مهيني جي نئين چنڊ جي رات ڏيئا ٻاريندا آهن.[19]

اهميت

[سنواريو]

دنيا جي ڪيترن مُلڪن سميت هندوستان توڙي سنڌ ۾ تمام گھڻي سان هي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هِن ڏهاڙي جون تياريون تمام گھڻي دلچسپي سان ڪيون وينديون آهن. ماڻهو گهرن، دڪانن، ڪارخانن، آفيسن کي صاف سٿرو ڪري سينگاريندا آهن. ڏياري هندستان ۾ هڪ وڏو خريداري جو موسم پڻ آهي. گھر جي ضرورت جون شيون خريد ڪيون وينديون آهن. سون ۽ زيور به هِن موسم ۾ خريد ڪيا ويندا آهن.[20] ماڻهو پنهنجي قريبي ماڻهن، دوستن ۽ نوڪر چاڪرن کي تعفا ڏيندا آهن. ڪارخانن جا مالڪ ۽ تجارتي ماڻهو ڪم ڪندڙ نوڪرن ۽ مزدورن کي بونس جي صورت ۾ هڪ مهيني جي پگهار تعفي ۾ ڏيندا آهن. ڏياري جي موسم کي فصل لڻڻ جو موسم پڻ چيو ويندو آهي. ان فصل جي فائدي ۾ ٻين ويجهي ساٿين کي ڀائيوار سمجهي ان جي حقن کي ڄاڻي انهن کي ادا ڪندا آهن. ڪجهه گهر اهڙا به آهن جن جي سرگرمين ۾ روحاني ماحول نظر ايندو آهي. پنهنجي ايمان ۽ عقيدي مطابق پوڄا ۽ عبادت ڪندا آهن. خوشي خاطر ڦٽاڪا ڦاڙيندا آهن. [21][22]

روحاني اهميت

[سنواريو]

ڏياري هندو، جين ۽ سک ڌرم جا پوئلڳ ملهائيندا آهن. سندن عقيدن ۾ ڪيترن ئي قصن، ڪهاڻين بابت الڳ الڳ وضاحتون موجود آهن، پر مُکيه سبب اهو بيان ڪيو ويندو آهي ته ڏياري اونداهي کان روشنيءَ. ناداني کان دانشوري، برائي کان بهتري ۽ مايوسي کان اميد ڏانهن اچڻ جو ڏڻ آهي. يوگا، ويدانتا، ۽ سانکيه هندو فلسفي، جي مطابق ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي جسم ۽ ذهن کان بالاتر آهن. جيڪو بنا کوٽ، بي انتها، لافاني جنهن کي روح يا آتما چوندا آهن. ڏياري کي ملهائڻ جو مقصد خرابي تي بهتري کي حاوي ڪرڻ آهي. اهڙي طرح روشني کي تاريخي طور تي فتح جي علامت تصور ڪيو ويو ويندو آهي. [4][23][24]

حوالا

[سنواريو]
  1. Charles M Townsend, TheOxford Handbook of Sikh Studies, Oxford University Press, ISBN 978-0199699308, p. 440
  2. 2.0 2.1 The New Oxford Dictionary of English (1998) ISBN 0-19-861263-X – p.540 "Diwali /dɪwɑ:li/ (also Divali) noun a Hindu festival with lights.۔۔"۔
  3. Diwali Encyclopedia Britannica (2009)
  4. 4.0 4.1 Diwali – Celebrating the triumph of goodness Hinduism Today (2012)
  5. Jean Mead, How and why Do Hindus Celebrate Divali?، ISBN 978-0-237-53412-7
  6. Vera, Zak (فروری 2010). Invisible River: Sir Richard's Last Mission. ISBN 978-1-4389-0020-9. http://books.google.com/?id=8HhVcspIBU4C&pg=PA179&dq=lamps+kept+on+diwali+lakshmi+evil+spirit#v=fjhfgyuiuyuiyuuiyii99wtwtyeryyywruiuhyuiyy&q&f=false. Retrieved 26 اکتوبر 2011. "First Diwali day called Dhanteras or wealth worship. We perform Laskshmi-Puja in evening when clay diyas lighted to drive away shadows of evil spirits." 
  7. Pramodkumar (مارچ 2008). Meri Khoj Ek Bharat Ki. ISBN 978-1-4357-1240-9. http://books.google.com/?id=6A9EZRQIT9kC&pg=PA109&dq=lamps+kept+on+diwali+lakshmi#v=onepage&q&f=false. Retrieved 26 اکتوبر 2011. "It is extremely important to keep the house spotlessly clean and pure on Diwali. Goddess Lakshmi likes cleanliness, and she will visit the cleanest house first. Lamps are lit in the evening to welcome the goddess. They are believed to light up her path." 
  8. Solski, Ruth (2008). Big Book of Canadian Celebrations. S&S Learning Materials. ISBN 978-1-55035-849-0. http://books.google.com/?id=ni2z5Z35htkC&pg=PA54&dq=lamps+diwali+evil+spirits#v=onepage&q=lamps%20diwali%20evil%20spirits&f=false. Retrieved 26 2011. "Fireworks and firecrackers are set off to chase away evil spirits, so it is a noisy holiday too." 
  9. India Journal: ‘Tis the Season to be Shopping Devita Saraf, The Wall Street Journal (اگست 2010)
  10. Karen Bellenir (1997)، Religious Holidays and Calendars: An Encyclopedic Handbook, 2nd Edition, ISBN 978-0-7808-0258-2, Omnigraphics
  11. Sharma, S.P.; Gupta, Seema (2006). Fairs and Festivals of India. Pustak Mahal. p. 79. ISBN 978-81-223-0951-5. http://books.google.com/?id=wPPr9HdmnHcC&pg=PA79&dq=diwali+mahavira+527. 
  12. Upadhye, A. N. (Jan–Mar 1982). Cohen, Richard J.. ed. "Mahavira and His Teachings". Journal of the American Oriental Society (American Oriental Society) 102 (1): 231–232. doi:10.2307/601199. 
  13. [http://www.bbc.co.uk/religion/religions/sikhism/holydays/diwali.shtml BBC – Religions – Sikhism: Diwali
  14. "Indian Government Holiday Calendar". National Portal of India. حاصل ڪيل 15 مارچ 2010.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  15. Pintchman, Tracy. Guests at God's Wedding: Celebrating Kartik among the Women of Benares، pp. 59–65. State University of New York Press, 2005. ISBN 0-7914-6596-9.
  16. Lochtefeld, James G. "Kartik" in The Illustrated Encyclopedia of Hinduism، Vol. 1: A–M, p. 355. Rosen Publishing. ISBN 0-8239-3179-1.
  17. 17.0 17.1 BN Sharma, Festivals of India, South Asia Books, ISBN 978-0-8364-0283-4, pp. 9-35
  18. Varadpande, Manohar Laxman (1987). History of Indian Theatre, Volume 1. Abhinav Publications. p. 159. ISBN 9788170172215. 
  19. R.N. Nandi (2009)، in A Social History of Early India (Editor: B. Chattopadhyaya)، Volume 2, Part 5, Pearson Education, ISBN 978-81-317-1958-9, pp. 183-184
  20. Dianne MacMillan (1997)، Diwali: Hindu Festival of Lights, Enslow Publishers, ISBN 978-0-89490-817-0
  21. Deborah Heiligman, Celebrate Diwali, ISBN 978-0-7922-5923-7, National Geographic Society, Washington DC
  22. Suzanne Barchers (2013)، The Big Book of Holidays and Cultural Celebrations, Shell Education, ISBN 978-1-4258-1048-1
  23. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Jacobi1884
  24. Jean Mead, How and why Do Hindus Celebrate Divali?، ISBN 978-0-237-53412-7, pages 8-12