ويدانيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ويدانت جو بنيادي نظريو هي آهي ته آتما (انسان جو نفس) برهما يا روح ڪل آهي، برهما جي ذات ابدي ۽ لامحدود آهي، سندس ئي طاقت سمورين شين ۾ ڪم ڪري رهي آهي، پر اها ذات تقسيم نه ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن برهما جي ذات کي تقسيم ڪبو ته سندس ذات ۾ تغير، ڦيرگير ۽ تبديلي ٿي پوندي. انڪري اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته هر انساني نفس توڙي حيوان، سمورن ۾ خود برهما (رب) آهي. نفس ئي انسان کان سڀ ڪجهه ڪرائيندو آهي، جيڪڏهن نفس تي ضابطو آهي ته خدا انسان ۾ وسي ٿو، رب انسان کان الڳ ناهي، پر هُو پنهنجي بندن سان گڏ آهي. هن ڪائنات ۾ صرف رب جي هستي هميشه رهڻي آهي. باقي سڀ شيون فنا آهن. ويدانت ۾ شنڪر اچاريه ئي ان نئين خيال کي متعارف ڪرايو هو. شنڪر اچاريه جي خيال مطابق ئي صرف خدا جي هستي وڏي آهي، سڀ الله جي پيدا ڪيل ڪائنات آهي، ڪابه ذات پات ڪابه اوچ نيچ ناهي، بهترين اهو آهي، جنهن جا اخلاق سٺا آهن، باقي سڀ هڪجهڙا آهن. جيڪو لوچي سو لهي واري ڳالهه آهي. فتح الله صديقي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي انسائيڪلو پيڊيا“ ۾ لکي ٿو ته:

”ادويت جي مقدس ويدن جو هيڪڙائي وارو نظريو، جنهن ۾ وحدانيت جي تعليم ڏنل آهي. ويدن جي تعليم کي شنڪر اچاريه نظرياتي طور تي پيش ڪيو هو. هن نظريي موجب سڀئي انسان ۽ دنيا جون ٻيون شيون محض اضافي يا ظاهري حقيقتون آهن، هن ڪائنات جو خالق هڪ ڪامل ذات آهي جيڪو ٻاهرين دنيا جي بجاءِ خود انسان جي پنهنجي ذات اندر واسو ڪندڙ يا سمايل آهي. هن نظريي موجب اردگرد سڀئي انسان دنياوي خوشين، مايا جي موھ کان پاسو ڪري ڪنڊ پاسو وسائي اڪيلائي ۾ تپسيا ڪن ته کين ان ڪامل ذات تائين رسائي حاصل ٿي سگھي ٿي.“

— (فتح الله صديقي، 2014ع: صہ 18)، سنڌي انسائيڪلوپيڊيا

[1]

"ويدانت فلسفي جا ٻه ڀاڱا آهن، ”اترممانسا“ ۽ ”پوروممانسا“. ممانسا لفظ شروعات ۾ ويدن جي ترجمانيءَ ۽ معنيٰ جي ويچار کان ڪتب آندو ويندو هو، جنهن جي پوءِ معنيٰ ڦري ٿي ”پوتر ويچار“. ان بعد ان جو مطلب وڃي بيٺو ”سچ يا حق جي ذات بابت ڪابه ٽيڪا يا ڇنڊڇاڻ“. انهيءَ لحاظ کان اترممانسا انهيءَ معنيٰ سان ٺهي ٿا اچن."[2]”ويدن جو پهريون ڀاڱو ”منت“ ۽ ”برهمڻا“ گڏي ڪرم ڪانڊ جي حصي ۾ اچن ٿا. جن ۾ انسان جا فرض بيان ڪيل آهن، پويون ڀاڱو جنهن کي ”اُپنشيد“ ڪوٺجي ٿو، ان کي ”گيان ڪانڊ“ سڏين ٿا. هن ۾ وري سچ يا حق نسبت ڄاڻ ڀريل آهي. ويدانت لفظ جي معنيٰ آهي ”ويدن جو انت“ يعني ويدن جي پوئين ڀاڱي ۾ ٻڌايل مت ۽ ويچار اهو ويدن جو پويون ڀاڱو اُپنيشد آهن. اترممانسا ۾ تنهنڪري اُپنشدن جي فلسفي جو تت اچي وڃي[3].

ويدانت __(Vedanta): هندو مت ۾ ”الک“ جي ايڪائي ۽ ان سان لئون لائڻ جو فلسفو. هند سنڌ ۾ سڀ کان آڳاٽا ڪتاب ويد آهن، جن کي هندو مذهب جا بنيادي ڪتاب مڃيو ويو آهي، انهن ۾ موجود فڪر جو مجموعي علم جيڪو تصوف وانگر هڪ واحد هستيءَ کي مڃي ٿو، جنهن کي ’برهما‘ ٿو چيو وڃي. ويدانتي شاعرن انهيءَ فڪر کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي. سنڌيءَ ۾ ’سامي‘ جي شاعري ان فڪر کي پيش ڪري ٿي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڊاڪٽر عصمت فاطمہ ويسر جو مضمون "ويدانيت" ، رسالو مھراڻ 2018 شمارو 1۽ 2، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
  2. {پروفيسر بي.ايم. ناگراڻي جو ڪتاب ”سامي جا سلوڪ“ ڀاڱو ٻيون، 2015، صفحو 122}
  3. {پروفيسر بي.ايم. ناگراڻي جو ڪتاب ”سامي جا سلوڪ“ ڀاڱو ٻيون، 2015، صفحو 122}
  4. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي