ڏائڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏائڻ (انگريزي:Witch) ڏائڻ جو ڏنڊ ڪٿائي تصور آهي. کيس عورت سمجهيو ويندو آهي. نهايت بدصورت شڪل تصور ڪئي ويندي آهي جنهن جا ڏند ٻاهر نڪتل ۽ ڊگها سمجهيا ويندا آهن. سنڌ جي لوڪ ادب ۾ لوڪ ڪهاڻيون آهن جنهن ۾ ڏائڻ کي خونخوار پيش ڪيو ويو آهي. ڪن روايتن ۾ ته تازي ويايل عورت جو هانءُ ڪڍڻ لاءِچراخ تي چڙهي ايدي آهي. ڏائڻ بابت دنيا ۾ مختلف تصور ۽ ڪٿائون آهن. سنڌ ۾ به صدين کان ڏائڻ جي ڏند ڪٿا رائج آهي.[1] ھندي لفظ چڙيل پڻ ڏائڻ وانگر استعمال ٿيندو آهي پر ٻنھي وچ ۾ تصوراتي ۽ ثقافتي فرق آھي. چڙيل ھڪ انتقام وٺندڙ بدروح جو نالو آهي جيڪو ڪھاڻين مطابق ڪنھن حامله عورت جي موت يا ٻار ڄڻڻ دوران موت مان پيدا ٿيندو آهي. اتر ھندوستان جي رياستن ۾ چڙيل جو رھائشي ھنڌ قبرستان لڳ جھنگ ۾ ھوندو آھي. ڏائڻ کي چڙيل کان وڌيڪ طاقتور سمجھيو ويندو ھو۔[2].

ڏند ڪٿا جو پسمنظر[سنواريو]

ھزارن سالن کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي گھراڻن ۾ وڏي عمر جون عورتون پنھنجي ننڍڙن ٻارڙن کي ڏائڻن وغيره جا لوڪ قصا ۽ ڪھاڻيون رات جو ٻڌائي ننڊ ڪرائينديون آيون آھن. ڏائڻ جو خوف سنڌي ٻھراڙيءَ ۽ خاص ڪري عورت تي ته ايترو ڇانيل ھوندو ھو، جو جڏھن به ٻھراڙيءَ ۾ ڪائي عورت ويم ڪندي ھئي ته جيستائين ان کي رت ايندو رھندو ھو، تيستائين رات جو گھر ۾ روشني ڪئي ويندي ھئي ۽ ھڪ ماڻھو ڏائڻ جي اچڻ جي ڀَوَ کان ساري رات واري تي جاڳندو ئي رھندو ھو[3]. ڏائڻ اصل ۾ سھڻي، پرڪشش ۾ من موھڻي عورت کي سڏيو ويندو ھو، جنھن جو نڪ چھنبدار، چپ سنھڙا ۽ رنگ گورو ھجي. پر ان جي ابتڙ، لوڪ قصن ۽ ڪھاڻين ۾ اھڙي دلفريب ۽ دلربا عورت کي جيڪا مرد کي پنھنجي حسن جو غلام بڻائي کائي کپائي ڇڏي، چٿر مان تشبيھ ڏيندي ڀوائتي، خوفائتي، مرد جو رت چوسيندڙ ۽ پوين پيرن ھلندڙ ڏيکاريو ويو آھي[3]. ڪجهه ڏاھن جو خيال آھي ته ڏائڻ ھڪ عورت کي تصور ڪيو ويندو آھي، جيڪو پدرشاھي سماج جو عورت ڏانھن ناڪاري رويو آھي. ڇو ته مڙداڻو سماج عورت جي بھادري، جرئت ۽ ھمٿ کي برداشت ڪرڻ بجاءِ ان کي حقارت آميز نالن سان سڏڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو[3]. تاج جويو مطابق ننڍي ھوندي سندس 0 ڳوٺ ۾ ھڪ پوڙھي عورت جو ٻڪريءَ جو ٻچڙو اڌ رات جو بگھڙ کڻي ڀڳو ۽ ھوءَ نه رڳو اُن جي پٺيان ڀڳي پر بگھڙ کي ماري ٻچو ڇڏائي واپس آئي. سماج ان سورھيه عورت جي بي ڊپائيءَ ۽ بھادريءَ کي ساراھڻ بجاءِ کيس ڏائڻ جو لقب ڏنو[3]. اسان وٽ نئين آيل ڪنوار کان پوءِ جيڪڏھن ساھرن جي گھر ۾ گھوٽ، ڏير، سس يا سھري مان ڪنھن جو به موت واقع ٿئي ٿو ته اھڙي عورت کي نڀاڳي، بدنصيب ۽ ڏائڻ چيو وڃي ٿو جيڪا گھر ۾ پير رکڻ شرط گھر ڀاتي ڳڙڪائي وڃي[3]. ھندي سماج ۽ ادب ۾ به ڏائڻ کي ”پڇل پيري“ يعني پوين پيرن واري يا کڻي ابتي پيرين ھلڻ واري ڪوٺيو ويو آھي ۽ ڏيکاريو ويو آھي ته ڏائڻ کي چوٽيءَ ڀر جھلي ۽ وارن جي چوٽين ڪٽڻ يا پيرن جون کُڙيون ڏنڀڻ سان سان صحيح ڪري سگھجي ٿو[3]. ڏائڻ جو تصور نه صرف قصن ۽ ڪھاڻين ۾ ملي ٿو پر لوڪ ادب ۾ به ڏائڻ کي ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ دلچسپيءَ واري انداز ۾ پيش ڪيو ويو آھي. ڏائڻ جو ذڪر اياز ھن طرح ڪري ٿو:

ڏيھ ڏڪاري ڏائڻ جو

جي ڪِرندي ڪنڌ ڀڄي

ته منھنجو ھيانءٌ ٺري.

— شيخ اياز

شيخ اياز کي خبر ھئي ته لفظ ”ڏائڻ“ جو صحيح اچار ۽ مفھوم ڇا آھي پر ٻولين ۾ ڪي لفظ اھڙا ھوندا آھن جيڪي عوام الناس جي زبان جي چرخيءَ تي چڙھي پنھنجي اصل شڪل وڃائي غلط العام واري چَڪيءَ ۾ پيسجي ھڪ نئين شڪل وٺي ظاھر ٿيندا آھن، جيڪي پوءِ ٻوليءَ واري لغت ۾ درست سمجھيا ويندا آھن[3]. ھن ديويءَ لاءِ يوناني خوش الحانن کان اھا پروپئگنڊا ڪرائي ويندي ھئي ته ھن ديويءَ جو ڪم اھو آھي ته شڪار ڪرڻ، تير اندازيءَ ڪرڻ ۽ انھن سنڌي عورتن جي مردن کي مارڻ ۽ سندن ڪچو ھيانءُ ڪڍي کائڻ جيڪي يونين خلاف جنگ ۾ حصو وٺندا[3]. ھن لاءِ ھڪ ڪتاب پڙھي ٻڌايو ويندو ھو ته وڏي انتقامڻ ديوي آھي. پنھنجو انتقام وٺي رھندي آھي ۽ ڪنھن کي به ڪونه بخشيندي آھي. ھڪ دفعي ھوءَ ڪنھن تلاءَ ۾ وھنجي رھي ھئي ته اپالو ديوتا جي پوٽي اڪيٽو پنھنجي ڪتن سميت شڪار سانگي تلاءَ تي کيس اگھاڙو وھنجندي ڏسي ورتو، جنھن تي ھن ديويءَ ڪاوڙ ۾ اچي اڪيٽو کي ماڻھوءَ منجھان ڦاڙھو بڻائي ڇڏيو ته سندس ئي ڪتن اُن کي چيري ڦاڙي کائي ڇڏيو[3]. جڏھن ڊيليا يا ڊائنا ديويءَ جون اھي خبرون سنڌي مائرن، ڀينرن ۽ زالن کي پيون ته گھَر گھَر سنڌي جوڌن جي وڙھڻ جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا ته اھا ڊائنا جيڪو لفظ سنڌي لھجي مطابق ڏائڻ ۽ ڏائڻا استعمال ٿيڻ لڳو، ته سڀن جا ھيانوَ ڪچائي کائي ماري ڇڏيندي، اھڙيءَ طرح سنڌي عورت يونانين جي پروپئگنڊا کان ايتري ته حراسجي وئي جو ھن پنھنجي ڪنھن به ڀاتيءَ کي يونين خلاف ڳالھائڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ ان پروپئگنڊا جو ڊپ اڄ تائين ڪا به عورت ڏائڻ جي روپ ۾ ھٿ ڪونه آئي آھي جنھن کي ڏسي اھو يقين ڪجي ته اھا حقيقي ڏائڻ آھي. ڏائڻ محض ھڪ يوناني ڏند ڪٿا ئي چئي سگھجي ٿي، جنھن جو ڊپ اڃا تائين پڙھيل توڻي اڻ پڙھيل عورتن ۾ جيئن جو تيئن برقرار رھندو پيو اچي. ھن لفظ کان ايتري ته نفرت ڪئي ويندي آھي جو جيڪڏھن ٻه عورتون پاڻ ۾ وڙھندي سخت ٿي وينديون ته ھڪ ٻئي کي ڏائڻ جھڙن لفظن سان سڏينديون آھن[3]..

ڏائڻ لفظ جي شروعات[سنواريو]

سنڌ ۾ سڪندراعظم جي آمد بعد يوناني ديوين جا قصا پڻ آيا انھن ۾ آرٽمس ديوي جيڪا ڊيلوس ٻيٽ تي سنٿ جبل وٽ پيدا ٿي ھئي ان جا قصا پڻ شامل هئا، ان کي ڊيلوس ٻيٽ جي ڪري ڊيليا، ڊائنا ۽ سنٿا جي نالن سان به سڏيو ويندو ھو، پر سنڌ ۾ سندس نالو ڊيليا يا ڊائنا گھڻو مشھور ٿي ويو ھو[3]. جيئن ھندي زبان جو لفظ ڊولي سنڌي زبان ۾ ڏولي ٿي ويو. زبان جي ان ئي قائدي مطابق يونانين جي ساڙولي، انتقامي ۽ شڪارڻ ديوي آرٽيمس جنھن کي سنڌ اندر ڊيليا يا ڊائنا مان تبديل ٿي ڏائڻا ۽ پوءِ ڏائڻ ٿي ويو[3]. ڏائڻ لفظ سنسڪرت جي لفظ ڊاڪني Dakini مان نڪتل آهي جيڪو پٽالا جي ھڪ غيرمعمولي ھستي جو نالو آهي جيڪا ڪالي ديوي جي ٽوليءَ ۾ ھڪ آدمخور زنانو شيطاني روح ھو. ان جو ذڪر وچولي دور جي پراڻن ۾ ٿيل آھي جن ۾ ڀڳوت پراڻ، برھما پراڻ، مارڪنڊيہ پراڻ ۽ ڪٿاسارتساگر شامل آهن [4].

حوالا[سنواريو]

  1. "ڏائڻ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-10-22. 
  2. "Chudail (Daayan) - کہانی ہندوستانی جادوگرنی اور جادوگرنی". 
  3. 3.00 3.01 3.02 3.03 3.04 3.05 3.06 3.07 3.08 3.09 3.10 3.11 [ رسالو: سرتيون؛ مضمون: ڏائڻ بابت ڏند ڪٿا؛از: رفعيہ ملاح؛ اپريل 2005؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو]
  4. monier-williams , A Sanskrit dictionary 1899