چانگ ھينگ
چانگ ھينگ (Zhang Heng) ھڪ اچار "زھينگ ھينگ" بہ استعمال ۾ آھي جيڪو چيني اچار ناھي. چانگ ھينگ 78 عيسويءَ ۾ ھينان صوبي جي شهر، نان ينگ ۾ پيدا ٿيو. هو هڪ ماهر فلڪيات، سائنسدان ۽ انجنيئر هو. ھن دنيا جو سڀ کان پھريون زلزلي کي ماپيندڙ اوزار، سيسمو ميٽر ٺاھيو.[1] ھن پاڻي تي ھلڻ وارو ڪائناتي گولو (armillary) ٺاھيو جيڪو اسماني جسمن جو ھڪ نمونو ھو.
چانگ ھينگ | |
---|---|
چانگ ھينگ جي تصوير واري ٽپال جي ٽڪلي جيڪا چيني حڪومت 1955 ۾ جاري ڪئي | |
پيدائش | AD 78 نان يانگ، ھينان، چين |
وفات | AD 139 (aged 60–61) لوئيانگ، چين |
شھرت جو ڪارڻ | سيسمو ميٽر ھائڊرالڪ پاور، پائي (pi)، ڪائنات جو ماڊل، سج گرھڻ ۽ سج گرھڻ جو نظريو |
چانگ ھينگ 78 عيسويءَ ۾ ھينان صوبي جي نان ينگ شھر ۾ پيدا ٿيو ان وقت چين تي ھان خاندان جي حڪمراني ھئي. سترھن سالن جي عمر ۾ اديب بڻجڻ لاءِ پنھنجو شھر ڇڏي لوئيانگ اچي تعليم حاصل ڪئي پر اتي جي مختلف علمن جو ماهر ٿي ويو جن ۾ فلڪيات، رياضي، انجنيئرنگ وغيره شامل آهن. ھي ھڪ شاعر، سائنسدان ۽ موجد بڻجي ويو. ھن کي معمولي سرڪاري نوڪري ملي پر ھن جي مشھور ٿيڻ سان 115 عيسويءَ ۾ چين جي شھنشاھ آن تي ھو کيس طلب ڪري درٻار ۾ چيف فلڪياتدان (astronomer) مقرر ڪيو. جتي بعد ۾ شھنشاھ جي درٻار جو امير پڻ بڻيو. ھن پاڻي تي ھلڻ وارو ڪائناتي گولو (armillary) ٺاھيو جيڪو اسماني جسمن جو ھڪ نمونو ھو.
ھن دنيا جو سڀ کان پھريون زلزلي کي ماپيندڙ اوزار (seismometer) ٺاھيو.[2]
ان ايجاد تي 138 تائين ھن جو مذاق اڏايو ويو پر ان سال جڏھن 400 ڪلوميٽر پري ايندڙ زلزلي کي رڪارڊ ڪرڻ سان سڀ چپ ٿي ويا. ھن ھڪ اوڊوميٽر بہ ايجاد ڪيو جيڪو جانورن جي مدد سان ھلندڙ گاڏين جي پنڌ کي ماپيندڙ ھيو.
ھن ھڪ غير مقناطيسي قطب نما پڻ ايجاد ڪيو جنھن جي سئي ڏکڻ طرف رھندي ھئي. ھي چيني ٻوليءَ جو ھڪ وڏو شاعر پڻ ھيو. 120 عيسويءَ ۾ ھن ڪائنات جي روحاني زبان جي نالي سان ھڪ ڪتابچو مرتب ڪيو جنھن ۾ ھن لکيو تہ آسمان ڪڪڙ جي انڊي وانگر آهي جنھن ۾ زمين انڊي جي زردي مثل آهي جيڪا مرڪز ۾ اڪيلي آھي. آسمان وڏو ۽ زمين ننڍي آھي. ھن 2,500 چمڪندڙ تارن ۽ 124 تارن جي جھرمٽن جي ھڪ فھرست مرتب ڪئي ان کان علاوه ھن لکيو تہ 11,520 ننڍا تارا پن آھن. ھن جو خيال ھو تہ سج باھه وانگر ۽ چنڊ پاڻي وانگر آھن. باھه روشني ڪڍندي آهي ۽ پاڻي ۾ وري ان جو عڪس ٺھندو آھي اھڙي طرح چنڊ جي چمڪ سج جي تيز روشني جي ڪري آھي. ھن جو خيال ھو تہ چند جي اونداهي سج جي روشني جي رڪاوٽ ڪري ھوندي آھي. چنڊ جو جيترو رخ سج طرف ھوندو آھي اوترو اھو روشن ھوندو آھي ۽ جيڪو حصو سج کان پري آهي اوترو اونداهو هوندو آهي. ھن چنڊ گرهڻ لاءِ ٻڌايو ته سج جي روشني زمين جي وچ ۾ اچڻ جي ڪري چنڊ تي نہ ٿي پھچي تنھن ڪري چنڊ گرهڻ ٿيندو آهي. ھن مطابق سيارا بہ پاڻي وانگر آھن جيڪي روشني کي موڙيندا آھن ان ڪري گرھڻ ۾ ايندا آهن ۽ جڏھن چنڊ سج جي رستي ۾ ايندو آهي تہ سج گرھڻ ٿيندو آهي. ھن رياضي ۾ پائي (pi) جي مروج چيني ملھه ۾ غلطي کي دور ڪري درست ڪيو ھي 139 عيسويءَ ۾ وفات ڪري ويو.[3]