سج گرهڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Solar eclipse.svg
Solar eclipse.jpg
Solar eclipse.png
Solar eclipse.gif

سج کي گرهڻ لڳڻ جو سبب اهو آهي جو چنڊ سج جي آڏو اچي وڃي ٿو ۽ سج ڍڪجيو وڃي ۽ چوڌاري اوندهه ڇانئجيو وڃي. ڏهه ٻارهن منٽن کان پوءِ چنڊ، سج جي آڏو هٽي ويندو آهي ته وري ڏينهن روشن ٿي ويندو آهي.

سج گرهڻ ۾ سج طرف نه ڏسجي. مڪمل نموني سج ڍڪجي وڃي ته به ان ڏي اُگهاڙين اکين يا عام ڪاري چشمي سان به نه نهارجي، ڇو جو سج مان نڪرندڙ انفرا ريڊ شعاع (Radiation) جيڪي نظر نٿا اچن، اکين جي ماڻڪي (Retina) تباهه ڪري سگهن ٿا. سج گرهڻ وقت سج جي ان اونداهي ٿالهه کي خاص ڪارن چشمن ۽ تصديق ڪيل (Certified) اوزارن (Instruments) سان ڏسي سگهجي ٿو.[1] [2] [3]

  1. چنڊ چوانءِ سچ (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
  3. ڪتاب: چنڊ چوانءِ سچ