ڀڳونتي ناواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڀڳونتي ناواڻي
قوميت ھندستاني
پيشو ڳائڻي، فنڪارا
شھرت جو ڪارڻ ڳائڻ
مشھور ڪم آٿيلو ڊرامو ۾


ڀڳونتي ناواڻي (انگريزي ٻولي: Bhagwanti Navani) ،سنڌ جي ڳائڪا ھئي[1]. ڪماري ڀڳونتي ناواڻي، 1 فيبروري 1940 تي نصرپور مٽياري سنڌ ۾ پيدا ٿي[2][3][4]،پرائمري تعليم ڪراچيءَ ۾ ورتائين[5]. پاڪستان ۽ ھندستان جي ورھاڱي کان پوءِ واري لڏپلاڻ جي ڪري ڪماري ڀڳونتي جو ڪٽنب به ھندستان لڏي ويو جتي ممبئي انڊيا ۾ رھائش اختيار ڪيائون، ڀڳونتي ميٽرڪ جي تعليم ممبئي انڊيا ۾ پوري ڪيائين، پاڻ ننڍپڻ کان ئي سر سنگيت سان شوق رکندي هئي ڳوٺن گھرن ۾ شادي جا لاڏا شاھ لطيف، سچل،سامي، اياز،ماسٽر چندر ۽ ٻين سنڌي شاعرن جون شاعري[6] ڳائي ھند ۽ سنڌ ۾ ھڪ جھڙي مقبوليت ماڻي، کيس دبئي لنڊن آمريڪا مان دعوتون اچڻ لڳيون جتي وڃي فن جو مظاهرو ڪيائين، سنڌ مان به دعوتون موڪليون ويون پر ويزا نه ملڻ جي سبب سنڌ نه اچي سگھي سندس ذاتي شوق به ھيو ته سنڌ جي ڳوٺن شھرن ۾ وڃي ڳائي، جيڪا سڪ سندس سڪ ئي رھجي وئي. ڀڳونتي ناواڻي کي سنڌي ساھتيڪار گوبند مالهي پنھنجي سنگيت گروپ ۾ گڏ وٺي سنڌين جي ھر بستيءَ ۾ سنڌيت جو پرچار ڪيو[5]. ڀڳونتي ناواڻي پلي بيڪ سنگر، فلم ڊائريڪٽر سترام روھڙا سان پڻ گيت ڳاي[7]ا.

ڀڳونتي ڳائڻ سان گڏ فلمن ۽ اسٽيج ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو وڏي مڃتا ماڻي،ھندي بنگالي فلمن جون به آڇون اچڻ پر ڀڳونتي انڪار ڪيو،

سندس فلمي ڪيريئر[سنواريو]

شيڪسپيئر[8] جو سنڌي ترجمو ٿيل ڊرامو ,آٿيلو، ڏاڍي مڃتا ماڻي،

ھڪ سنڌي فلم٫سنڌو جي ڪناري،۾ به ڪم ڪيو, باقي فلم ۾ پلي بيڪ سنگر طور ڪم ڪيو، وڌيڪ جن فلمن ۾ ھن ڪم ڪيو، تِن جا نالا ھن ريت آھن:

  • جھولي لعل،
  • لاڏلي،
  • سنڌوءَ ڪناري،
  • شل ڌيئرون نه ڄمن،
  • ھوجمالو،
  • ھل ته ڀڃي ھلون،
  • پرديسي پريتم،

سميت ڪُل 22 فلمون شامل آھن.

ديھانت (وفات)[سنواريو]

ڀڳونتي ناواڻي 22 آڪٽوبر 1986ع تي پرلوڪ پَڌاري (وفات ڪري) وئي. [4]


حوالا[سنواريو]

  1. "List of Sindhi Singers , Sindhi Artists, Sindhi Kalakar". SindhiKalakar.com. حاصل ڪيل 2024-03-31. 
  2. "Bhagwanti Navani - Encyclopedia of Sindhi". sindhiwiki.org. حاصل ڪيل 2024-03-31. 
  3. "Bhagwanti Navani's Profile, Bio-Data, Sindhi Artists, Sindhi Kalakar". SindhiKalakar.com. حاصل ڪيل 2024-03-31. 
  4. 4.0 4.1 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named :Sindhianaسنڌيانا
  5. 5.0 5.1 "Bhagwanti Nawani Famous Sindhi Singer". www.sindhigulab.com. حاصل ڪيل 2024-03-31. 
  6. "Sindhi Folk Singer: Bhagwanti Navani: Famous Sindhi Woman: Sindhi Folk Music: Sindhi Lada: Sufi Kalams | The Sindhu World". thesindhuworld.com. حاصل ڪيل 2019-10-19. 
  7. "Satram Rohora – سنڌي ادبي بورڊ". حاصل ڪيل 2024-03-31. 
  8. "ڀڳونتي ناواڻي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-10-19. 

ٻاھران ڳنڍڻا[سنواريو]