ٿانور داس ليلا رام واسواڻي
- ٿانورداس ليلارام واسواڻي عرف ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي داداجي 25 نومبر 1879ع ۾، حيدرآباد شهر ۾ ڄائو هو. ٿوري وقت ۾ اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم ختم ڪري، ايم اي جي ڊگري ورتائين، ۽ ڪلڪتي جي ميٽرو پاليٽن ڪاليج ۾ تاريخ ۽ انگريزيءَ جو استاد مقرر ٿيو. اهو ڪاليج هن وقت وديا ساگر ڪاليج جي نالي سان سڏجي ٿو. ان زماني ۾، ٽيهن سالن جي عمر ۾، برلن ۾ ڪوٺايل دنيا جي مذهبن جي ڪانگريس ۾ هندستان پاران شريڪ ٿيو. هن جي اتي ڪيل تقرير ۽ پوءِ يورپ ۾ ڪيل ٻين تقريرن، هندستان جي مذهب ۽ خيالن بابت گهڻي دلچسپي پيدا ڪئي. ان کان پوءِ، ڪجهه وقت لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو پرنسپال ٿي ڪم ڪيائين ۽ وري ڪوچ بهار جي وڪٽوريا ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. آخر ۾ مهاراجا پٽيالا کيس مهيندرا ڪاليج جي پرنسپال ٿيڻ لاءِ ڪوٺ ڏني، پر هن ان وقت نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي، اچي سنڌ ۾ رهائش اختيار ڪئي. ان وقت مهاتما گانڌيءَ جي ستياگرھ تحريڪ شروع ٿي هئي، جنهن جي حمايت ۾ هن ڪيترا ڪتاب لکيا. انهن مان مکيه ڪتاب هئا: ”انڊين ارائيز“ (Indian Arise) ، ”اويڪ ينگ انڊيا“ (Awake, Young India) ، ”انڊيا ائڊوينچر“ (India Adventure)، ”انڊيا اِن چينس“ (India in Chains) ، ”سيڪريٽ آف ايشيا“ (Secret of Asia)، ”ماءِ مڌرلئنڊ“ (My Motherland)، ”بلڊرس آف ٽومارو“ (Builders of Tomorrow) ۽ ”اپاسٽلس آف ٽومارو“ (Apostles of Tomorrow) هن سنڌ ۾ مهاتما گانڌيءَ جي ”عدم تعاون تحريڪ“ جي حمايت ۾ به زوردار ڪم ڪيو. قومي هلچل جي انهن سلسلن ۾ هو، تعليم جي اهميت ۽ ان جي روشنيءَ کي ڦهلائڻ طرف راغب ٿيو. پهرين، شاستريءَ جي مدد سان، راجپور ۾ شڪتي آشرم کوليائين، ۽ پوءِ نوجوانن ۾ بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيڻ لڳو. آخر، حيدرآباد ”سينٽ ميرا اسڪول کولي، ان ذريعي ٻارن کي دل، دماغ ۽ هٿ جي تربيت ڏيڻ جو انتظام ڪيائين. اُهو اسڪول اڄ به، گورنمينٽ جي انتظام هيٺ، زناني تعليم جو هڪ مکيه ادارو آهي. واسواڻي صاحب ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ڏي ويو ۽ اتي پوني ۾ رهي، پنهنجون ساڳيون قومي، روحاني ۽ تعليمي سرگرميون جاري ڪيائين. پنهنجو آشرم قائم ڪري، ان ذريعي هڪ ئي وقت تي انگريزي، هندي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيتريون ئي مخزنون ۽ ڪتابي سلسلا شروع ڪيائين، جي سندس وفات تائين هلندا رهيا آهن. سينٽ ميرا اسڪول جي مخزن ”ميران“ اتي به انگريزيءَ ۾ ڪڍندو رهيو ۽ سنڌيءَ ۾ ”سنت مالا“ مخزن جو سلسلو هر مهيني باقاعديءَ سان جاري رهيو. اخلاقي ۽ روحاني عالم جي حيثيت سان، هو سچو صوفي، ديش ڀڳت، حقيقي درويش، پريم جو ساگر بزرگ هو. هن دنيا ۾ رهي مايا- ڄار ۾ ڦاسڻ کان آزاد رهڻ جي تعليم ڏني آهي. دنيا جي سڀني مذهبن جي تعليم جو اڀياس ڪيو هئائين، ۽ دنيا جي مکيه درويشن جي حالات کان واقف هو. کيس مذهب جي ڪثرت پويان بنيادي وحدت جو پتو پيل هو، تنهن ڪري سڀ جاءِ پرين پَسي، هو پيار ۽ ايڪتا جو پرچار ڪندو رهيو. ڪتابن ۽ مخزنن ذريعي، هن هزارين صفحا لکيا آهن. سندس ”تارن“ ۾ ”تيرن“ جهڙو تاثير هو، جنهن سان نهاريندڙ کي موهي ڇڏيندو هو. سنڌ جي سرزمين سوين ساڌو ۽ درويش پيدا ڪيا آهن، پر هن قحط الرجال جي زماني ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو دم غنيمت هو. سندس مجلس ۾ روح کي راحت ۽ من کي آسيس ملندي هئي. سنڌ جي هن سپوت 16 جنوري 1966ع تي، وفات ڪئي . مرڻ وقت وصيت ڪيائين ته سندس هاٺيون، سنڌ ۾، سنڌو نديءَ ۾ پرواهه ڪيون وڃن. 13 اپريل 1966ع تي اها رسم حيدرآباد ۾ ادا ڪئي ويئي ۽ گدوءَ وٽ سندس خاڪ سنڌوءَ کي سونپي ويئي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو