پٽيل اکيون پوريل اکيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
پٽيل اکيون پوريل اکيون
اصل عنوان پٽيل اکيون پوريل اکيون
مترجم مرزا قليچ بيگ
ملڪ سنڌ, پاڪستان
ٻولي سنڌي
موضوع ڪھاڻيون
انگريزي ادب
صنف ڪھاڻي


پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون(انگريزي: Patiyal Akhiyoon Pooriyal Akhiyoon) مرزا قليچ بيگ جي ڪتاب جو نالو آهي. ڊاڪٽر تھمينہ مفتي مطابق ھن ڪتاب ۾ پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون هڪ مضمون آهي، ٻيو آکاڻي ”سگهڙ پائي ۽ ڇيڳرائي“ ۽ ٽين آکاڻي ”مصيبت جي وقت صبر ۽ تحمل“ جي نالي سان ڏنل آهي، جيڪي انگريزي ادب تان ورتل آهن، جن جو اصل ڏنل نه آهي. ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ هڪ سهڻو مضمون آهي، جنهن جو موضوع سنڌ جي فطري سونهن آهي. هي مضمون استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ مڪالمو آهي ۽ اُهو مڪالمو، جنهن جي فني هيئت مضمون واري آهي. هن ۾ مڪالمن جي هئڻ ڪري دلچسپيءَ جو پهلو نمايان آهي. اهڙي علمي ۽ سائنسي موضوع رکندڙ مضمون کي اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تي سنڌيءَ جي ڪورس تي رکي سگهجي ٿو. هن مضمون ۾ پکين، ساين ولين، جهنگلي گُلن گاهن، جبلن ۽ ٽڪرين، نانگن، ڪوڏين، ڪڪرن ۽ سنڌو درياءَ جي ڪنارن جي ساوڪ جو ذڪر ٿيل آهي. هن مضمون جو تت هي آهي ته ”دنيا ۾ هڪڙو ماڻهو اکيون پٽي ٿو هلي ۽ ٻيو اکيون پوري ٿو هلي. هڪڙو گهڻو ئي ڪي ڏسي وائسي سگهي ٿو ۽ ٻيو ڪجهه به ڪين ٿو ڏسي ۽ ڄاڻي.“ هن مضمون ۾ موضوع کي جنهن ترتيب سان تحرير ڪيو ويو آهي، اُهو مرزا صاحب جي اظهار جي قوت جو مظهر آهي. هن ۾ ڪتب آندل نج ٻوليءَ، اُن جي ذريعي اُڀاريل سونهن جو احساس، تشبيهن ۽ چونڊيل لفظن ۾ برملا محسوس ڪري سگهجي ٿو. مضمون مان چند ورتل سٽون ٻوليءَ جي اصلوڪي رنگ ۽ سادگيءَ ۽ رنگينيءَ کي پيش ڪن ٿيون. ”اُها بي پاڙي ول اَٿئي. اِها اُن لاءِ مشهور آهي ته پنهنجي منهن نه ٿيندي آهي، پر ٻين وڻن تي ٿيندي آهي. اُنهن جي پنن ۽ ٽارين مان رس ۽ پاڻي پي وڌندي ۽ پکڙندي ويندي آهي، جنهن ڪري اُهو وڻ سڪي ويندو آهي، پر پاڻ تازي رهندي ايندي آهي. پاڻيءَ جي بدران اُها هوا تي به جي سگهندي آهي. عشق پيچ به اِنهيءَ قسم جي هڪڙي ول آهي.“ هن ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي ”سگهڙ پائي ۽ ڇيڳرائي“ هڪ نصيحت ڀريل آکاڻي آهي. هن جا ڪردار مقامي آهن. هن ۾ تصوراتي ڪردار پڻ آهن، جيئن پريون وعيره. ٽين ڪهاڻي آهي ”مصيبت جي وقت صبر ۽ تحمل“ هن ۾ ڪردارن جا نالا ۽ ماحول اصل ترجمي وارا آهن. هي ڪهاڻي انساني جاکوڙ ۽ محنت جي ڪاهڻي آهي. انگلينڊ جي ٻهراڙيءَ جي پس منظر ۾ هي آکاڻي لکيل آهي، جنهن ۾ انگريزن جي سامونڊي سفر سان رغبت ظاهر ٿئي ٿي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ڀونچ سمنڊ جي مسافري، موراڪو شهر ۽ جبرالٽر جو ذڪر اچي ٿو. هن آکاڻي جو مقصد مصيبت ۾ ڪيئن صبر ڪجي. تنهن جي باري ۾ نصيحت ٿيل آهي. ننڍن وڏن لاءِ هن ۾ وڏو مقصد سمايل آهي. ڊاڪٽر تھمينہ مفتي وڌيڪ لکي ٿي تہ:هن ڪتاب ۾ شامل ٻاراڻين آکاڻين کي ڌار ڪري ۽ معلوماتي مضمون کي جدا ڪري ڇپائجي. هونئن به مرزا صاحب ڪيترائي مضمون ترجما ڪيا آهن، جن جو تعداد ٽيويھ آهي ۽ اُهي منگهارام ملڪاڻي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي نثر جي تاريخ“ ۾ (ص 188) تي درج ڪيا آهن. مرزا صاحب جي ڪيترين ئي تحريرن کي اهڙي نموني ۾ ڇپرايو ويو آهي، جو تاثر اهو ملي ٿو ته اِهوئي ٻارن لاء ڇپيل مواد آهي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي. مثلاً ”شهزادي قدم برگ“ ۽ ”وامق عذرا“ جي ڪتابڙن اڳيان ۽ پويان هڪ ننڍي نينگر، لالٽين کنيو گوڏن ڀر ويٺل آهي ۽ پويان رسالي ”گل ڦل“ جو اشتهار ڏنل آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اِهي ٻارن لاءِ آهن، پر حقيقت ۾ اِهي عشقيه موضوع رکندڙ قصي نما آکاڻيون آهن، تنهن ڪري اهڙي مواد جي لاءِ ويچار جي ضرورت آهي، ته جيئن موضوعن جي حوالي سان مواد کي پنهنجن پنهنجن خانن ۾ رکي سگھجي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڊاڪٽر تھمينہ مفتي جو مضمون:"”پائي وائي ۽ پائي وزو“ ۽ ”پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون“ (هڪ اڀياس)", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}