پوٺو
پوٺو (وارھ) ديھ پوٺو | |
---|---|
ديھ | |
Deh Potho | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°27′57″N 67°52′34″E / 27.46583°N 67.87611°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 6,330 |
ديھ پوٺو (انگريزي: Deh Potho) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھه تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا ڪلر تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1880 کان 1930ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ ڳوٺ ڏاتو لاکو، ڳوٺ حاجي رب رکيو، ڦٽل ڳوٺ تنين جو، ڦٽل ڳوٺ ڳڙهي موندر لاکو، ڦٽل ڳوٺ محمد مسلم لاکو، ڦٽل ڳوٺ گرگيز، ۽ ھڪ غيرمعروف ڳوٺ واقع ھيا. پنھور شاخ تي ھڪ بيراج بنگلو پڻ واقع ھيو. ھاڻي ان ديھ ۾ ڳوٺ ٺوڙڪي چانڊيو، ڳوٺ عبدالرزاق چانڊيو ۽ ڳوٺ قاضي بروھي معروف ڳوٺ آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ ديھ باغ جاگير ۽ ديھ غيبي ديرو جاگير 4 ، اوڀر ۾ ديھ ڪنور، اولھ ۾ ديھ غيبي ديرو جاگير 5 ۽ ڏکڻ ۾ ديھ ڪلر ۽ ديھ کنڊو واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ھن ديھ مان پنھور ڊسٽري وھندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 6,330 ھئي جيڪا 1,021 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].