پنجر (ناول)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
پنجر
مصنف امرتا پريتم
اصل عنوان ਪਿੰਜਰ
مترجم خشونت سنگھ (انگريزي ۾)
Denis Matringe (فرانسيسي ۾)
ملڪ ڀارت
ٻولي پنجابي ٻولي
صنف سماجي
شايع ڪندڙ تارا پريس (نئون ڇاپو)
ڇاپي جي تاريخ
2009 (نئون ڇاپو)
ابلاغي ذريعي جو قسم ڇپيل
آئي ايس بي اين 978-81-83860-97-0

پنجر (سنڌي: پنڃرو, انگريزي ٻولي: The Skeleton) هڪ اغوا ٿيل هندو ڇوڪريءَ ۽ هندو مسلم تڪرار سال 1950 جو پنجابي ناول آهي. هي ناول ڀارت جي مشهور ليکڪا، ناول نگار ۽ شاعرا امرتا پريتم جو جڳ مشهور ناول آهي.[1] انهيءَ عنوان سان هڪ فلم پڻ ٺهي چُڪي آهي.

آکاڻي[سنواريو]

انساني جبلّت جو ٽڪراءُ جڏهن انساني قدرن سان ٿيندو آهي تہ وڏو الميو جنم وٺندو آهي. اهو ئي الميو امرتا پريتم جي ناول پنجر ۾ پڻ نظر اچي ٿو. ليکڪا پاڻ چوي ٿي تہ ’الميو هي ناهي تہ زندگي جي ڊگهي سفر تي سماج جا ٻنڌڻ پنهجا ڪنڊا وکيريندا رهن ۽ اسان جي پيرن منجهان سموري عمر رت وهندو رهي، پر الميو هي ٿيندو آهي تہ توهان رتورت پيرَن سان هڪ اهڙي مقام تي بيٺا هجو، جنهن لاءِ اڳتي ڪوبہ رستو توهان کي سڏيندو ئي نہ هُجي‘.[2]

پِنجر جي ڇوڪري پڻ نيٺ هڪ اهڙي ئي چوراهي تي وڃي پهچي ٿي. ساڳئي جوڀن جواني جنهن کي امرتا پريتم ڪُجھ هن ريت عڪاسي ڪئي آهي ’پندرنين سال ڄمار ۾ پارو جي انگ انگ ۾ چُرپُر (هلچل) مچي وئي. گُذريل سال وارا سمورا چولا (قميضون) کيس سوڙها ٿي پيا، ويجهي هڪ پِڙيءَ (بازار، منڊي) تان پارو گُلن واري چتتي وارو نئون چولو (قميض) سُبرايائين، اوڍڻيءَ کي تمام ننڍو ابرق لڳايائين، پارو جي ساهيڙين سندس منڱيندي رام چند کي پري کان پارو ڏيکاري. پارو جي اکڙين ۾ ان جي صورت سموهجي وئي. ان جي باري ۾ سَوچي سَوچي پارو جو مُنهن ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو‘.

بهرحال رام چند بدران ناريءَ جي مُقدّر ۾ هڪ ٻيو همراهه رشيد لکيل آهي: هڪ مسلمان ڇوڪرو جنهن جا گهرڀاتي هڪ پُراڻي خانداني قتل جو بدلو وٺڻ جي لاءِ پارو کي اغوا ڪري آڻين ٿا ۽ رشيد سان زوري پاندَ ۾ وجهي ڇڏين ٿا۔ انهي ءَ دوران مُلڪ جو ورهاڱو ٿي وڃِي ٿو. رشيد پارو سان زبردستي شادي ڪري سندس اسلامي نالو حميدهہ رکي ڇڏي ٿو ۽ پاڪستان وٺي وڃِيس ٿو، پر اهو پارو جي لاءِ ڏکن ڏولاون جو انتُ نہ پر اها تہ شروعات هُئي.

فلم[سنواريو]

ان حقيقت کان انڪار ڏاڍو مُشڪل آهي تہ امرتا پريتم جو هي مختصر ناول ان جي هڪ غير معروف تحرير هُئي، جنهن سان تمام ٿورڙا ماڻهو ئي واقف هيا، پر 2003 ۾ چندر پرڪاش دِويدي انکي اسڪرين پلي جي شڪل ڏني ۽ ان ناول تي فلم تيار ٿي ٻاهر پهتي تہ چئوطرف ان ڪهاڻيءَ جي واکاڻ ٿيڻ لڳي. پارو/ حميدہ جو ڪردار انتهائي مهارت سان ارميلا مٽونڊلڪر نڀايو آهي ۽ ان جي مڱيندي رام چند جي ڪردار ۾ سنجي سوري پنهنجي فن جو ڪمال ڏيکاريو، پر رشيد جو مشڪل ۽ پيچيدہ ڪردار هڪ اهڙو چيلنج هيو، جنهن کي منوج واجپائي کانسواءِ شايد ڪو قبول نہ ڪري سگهي ها.

حوالا[سنواريو]

  1. Dutt, Nirupama (فيبروري 20, 2005). "Pinjar: a novel ahead of its times". The Sunday Tribune – Books. دي ٽريبيون (Chandigarh). http://www.tribuneindia.com/2005/20050220/spectrum/book3.htm. Retrieved مارچ 29, 2012. 
  2. "Always Amrita, Always Pritam". دي ٽريبيون. Chandigarh. نومبر 5, 2005. http://www.tribuneindia.com/2005/20051105/saturday/main1.htm. Retrieved مارچ 29, 2012.