پاڪستان ۾ غيرت جي نالي تي قتل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪارو ڪاري يا پاڪستان ۾ غيرت جي نالي ۾ قتل عام (انگريزي: Honour killings in Pakistanپاڪستان ۾ غيرت جي نالي ۾ ٿيل قتل عام جي لاءِ استعمال ڪيل اصطلاح آهي، ڪارو ڪاري جا واقعا سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌي پاڪستان ۾ ٿين ٿا؛ سڄي دنيا ۾ ڪارو ڪاري جي نالي ۾ 5 هزار قتل ٿيا، جنهن ۾ صرف پاڪستان ۾ هڪ هزار قتل ڪيا ويا.[1] ڪارو ڪاري مردم ڪشي آهي، جيڪو هڪ سماجي گروهه يا خاندان ٻي سماجي گروه يا خاندان خلاف ڪري ٿو، سندس خيال موجب برادري يا خاندان جي ڪنهن فرد جي هاڻ معاشري ۾ عزت باقي ناهي رهي.[2] جنهن لاءِ کيس قتل ڪيو وڃي ته جيئن معاشري ۽ برادري ۾ عزت ٻيهر بحال ٿي سگھي.[3]

پاڪستان ۾ شامل علائقن ۾ هزارين سالن کان اها رسم هلندي اچي،[2] توڙي جو ويجهي ماضي ۾ ان ڏوهه کي روڪڻ لاءِ قانون ضرور پاس ٿيا آهن، پر اڄ به اها رسم عام آهي.[4] انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمون، ۽ ڪارڪن مسلسل جدوجهد ۾ مصروف آهن ته اها رسم ڪنهن صورت ۾ ختم ٿي، پر سندن خيال آهي جيسيتائين عام ماڻهو ان جي مذمت نٿو ڪري ان وقت تائين ڪارو ڪاري کي روڪڻ مشڪل آهي.[5]

پسمنظر[سنواريو]

غير جي نالي ۾ قتل، خون ڪرڻ جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ ڪنهن انسان کي سندس نامناسب رويي، جنسي خيال پيش ڪرڻ، خاندان جي مرضي مطابق شادي نه ڪرڻ، طلاق وٺڻ، جنسي ڏاڍي جهڙن مسئلن کي سامهون رکي ڪنهن عورت يا اڪثر ان سان گڏ ڪنهن مرد کي قتل ڪيو ويندو آهي.[6]:44.[6]

مخصوص ريتن ۽ رسمن موجب، عورتون اڪثر اتنهائي پابندي واري خانداني ضابطن موجب زندگي گذارين ٿيون. عورت پاڻ کي عزتدار ثابت ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته معاشري يا خاندان جي ضابطن جي پاسداري ڪري، جيئن پردو ڪرڻ وغيره. ڪارو ڪاري جو مسئلو انتهائي پيچده آهي، جتي ڪا عورت ضابطن جي خلاف ورزي نه به ڪري ته سندس کي نشانو بڻائي سگھجي ٿو، جيئن خانداني جهڙن ۾ عورتن کي قتل ڪرڻ، ٻي شادي ڪرڻ لاءِ الزام هڻي زال کي قتل ڪرڻ وغيره جهڙا مسئلا ڪنهن عورت کي ڪاري ڪري قتل ڪرڻ لاءِ عام آهن. پاڪستان جي انساني حقن جي تنظيمن مطابق اڪثر ڪارو ڪاري جا واقعا ان وقت پيش ايندا آهن جڏهن ڪا عورت سندس مرضي مطابق شادي ڪرڻ چاهي،.[6]:41 اهڙن موقعن تي مرد نه چاهيندا آهن ته عورت جي ورثي ۾ آيل ملڪيت جو ڪو ٻيو مالڪ بڻجي[7]

1999ع تي ايمنسٽي انٽرنيشل جي هڪ رپورٽ موجب، ادارا ڪارو ڪاري کي روڪڻ، جوابدان کي سزا ڏڻ وارن معاملن ۾ ناڪام ثابت ٿيا آهن.[8] عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙن جي مطابق، عورت کي ذاتي ملڪيت سمجهڻ، معاشري ۾ عزت، سياسي ۽ معاشي حال پاڪستان ۾ هڪ ٻي سان ڳنڍيل مسئلا آهن. ان لاءِ اڪثر ڪري، اهڙن واقعن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.[9] اڪثر قبائلي علائقا نيم خودمختيار آهن، جتي اصل حڪمراني انتهاپسندن جي آهي، ۽ سرڪاري ادارن پاران ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ پڻ انتهائي مشڪل آهي.[10]

اصطلاح[سنواريو]

ڪارو ڪنهن به مرد کي ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن ڪاري مان مراد عورت هجي ٿي،[2]عام وصف ۾ جڏهن ڪو مرد ۽ عورت شادي کان سواءِ جنسي لاڳاپا قائم ڪن ته کين ڪارو ۽ ڪاري ڪوٺيو ويندو آهي.[11] عام طور غيرت جي نالي ۾ قتل کي ان لاءِ ڪارو ڪاري ڪوٺيو ويندو آهي.[2] ڪارو ڪاري جو اصطلاح سنڌ ۾ وڌيڪ استعمال ٿيندو آهي.[12]

جڏهن هڪ دفعي ڪنهن عورت کي ڪاري قرار ڏنو وڃي، ته خاندان کي اها اجازت ملي ويندي آهي ته ڇوڪري ۽ ان سان گڏ ڪارو قرار ڏنل مرد کي قتل ڪري عزت ٻيهر بحال ڪن.[6]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Statistics & Data". Honour Based Violence Awareness Network. حاصل ڪيل 2018-04-02. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 Jafri, Amir H. (2008). Honour killing : dilemma, ritual, understanding. Oxford: Oxford University Press. ISBN 9780195476316. OCLC 180753749. https://www.worldcat.org/oclc/180753749. 
  3. Goldstein, Matthew (2002). "The Biological Roots of Heat-of-Passion Crimes and Honor Killings". Politics and the Life Sciences 21 (2): 31. 
  4. Ijaz, Saroop. "'Honor' Killings Continue in Pakistan Despite New Law". Human Rights Watch. حاصل ڪيل 2018-03-01. 
  5. Siddiqi, Muhammad Khursheed. "The Punjab Protection of Women against Violence Act 2016: A Legislative Review". LUMS Law Journal 3: 100-118. https://sahsol.lums.edu.pk/sites/default/files/adjudicating_family_law_in_muslim_courts.pdf. Retrieved 2018-10-24. 
  6. 6.0 6.1 6.2 6.3 Khan, Ayesha (November 1999). "Mobility of women and access to health and family planning services in Pakistan". Reproductive Health Matters (Elsevier) 7 (14): 39–48. doi:10.1016/S0968-8080(99)90005-8. https://dx.doi.org/10.1016/S0968-8080(99)90005-8. 
  7. "Pakistan rejects pro-women bill". BBC News. 2005-03-02. http://news.bbc.co.uk/2/hi/south_asia/4311055.stm. Retrieved 2010-01-01. 
  8. "Pakistan: Honour killings of women and girls". Amnesty International. وقت 2015-01-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  9. Hassan, Yasmeen (March 25, 1999). "The Fate of Pakistani Women". New York Times. https://www.nytimes.com/1999/03/25/opinion/25iht-edhass.2.t.html?pagewanted=1. Retrieved April 25, 2012. 
  10. Gardi, Balazs (March 22, 2007). "The Truth About Talibanistan". Time Magazine. http://www.time.com/time/magazine/article/0,9171,1601850,00.html. Retrieved April 25, 2012. 
  11. Anthony., Appiah, (2010). The honor code : how moral revolutions happen (1st ed.). New York: W.W. Norton. ISBN 9780393071627. OCLC 601094356. https://www.worldcat.org/oclc/601094356. 
  12. McKensie, N. O. (2017). Grassroots Islamic Solution to Achieving and Advancing Honour Killing Reform in Pakistan (Doctoral dissertation). Retrieved from https://search.proquest.com/comdisdome/docview/1868415349?pq-origsite=primo

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]