وفاقي انتظامي قبائلي علائقا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
فاٽا
نشان
ايراضي: 27,220 km²
آبادي: 5,600,000

تصغیر|پاڪستان جو نقشو، قبائلي علائقا ڳاڙھي رنگ ۾ پڌرا آھن وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا، پاڪستان جا قبائلي علائقا چئني صوبن کان الڳ حيثيت رکندڙ ھڪ خطو ھيو جيڪو وفاق جي انتظام ھيٺ ھيو. 2018ع ۾ آئيني ترميم ھيٺ ھن علائقي کي صوبي خيبر پختونخوا ۾ ضم ڪيو ويو. قبائلي علائقا 27 ھزار 220 چورس ڪلوميٽرن جي علائقي تي پکڙيل ھيا.

اولھ ۾ ھن علائقن جي سرحد افغانستان سان ملي ٿي جتي ڊيورنڊ لائين انھن کي افغانستان کان جدا ڪري ٿي. قبائلي علائقن جي اوڀر ۾ پنجاب صوبو ۽ ڏکڻ ۾ بلوچستان صوبو آھي.

2000ع جي مطابق قبائلي علائقن جي ڪل آبادي 33 لک 41 ھزار 70 ھئي، جيڪا پاڪستان جي ڪل آبادي جو تقريبن 2 سيڪڙو پئي ٿي.

ھي قبائلي علائقا مختلف پشتون قبيلن ۾ ورھايل آھي. ھنن علائقن کي مختلف ايجنسين ۾ ورھايو ويو ھو.

قبائلي علائقن جو ايجنسيون[سنواريو]

ھن ڀاڱي ۾ نئين معلومات جي ضرورت آھي.

تصغیر|وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقا قبائلي علائقا ھنن 7 ايجنسين/ضلعن تي مشتمل ھيا.

  • خيبر ايجنسي
  • ڪرم ايجنسي
  • باجوڙ ايجنسي
  • مھمند ايجنسي
  • اورڪزئي ايجنسي
  • اتر وزيرستان
  • ڏکڻ وزيرستان

ان کان علاوه پشاور، ٽانڪ، بنون، ڪوھاٽ ۽ ڊيرا اسماعيل خان سان ملندڙ 6 سرحدي علائقا بہ موجود آھن.

  • سرحدي علائقو بنون
  • سرحدي علائقو ڊيرا اسماعيل خان
  • سرحدي علائقو ڪوھاٽ
  • سرحدي علائقو لڪي مروت
  • سرحدي علائقو پشاور
  • سرحدي علائقو ٽانڪ

قبائلي علائقن جي اھم شھرن ۾ پاره چنار، ميران شاھ مير علي، باجوڙ، وانا ۽ دره بازار شامل آھن.

تعليم[سنواريو]

ھن وقت پاڪستان جا حڪمران پنھنجي دولت وڌائڻ ۾ ڪا ڪسر نٿا ڇڏين تہ ٻي طرف ھنن انھن غريب ماڻھن کي تعليمي سھولتن کان بہ پري رکيو آھي. نہ ئي انھن جي لاءِ اسڪول ۽ نہ ئي ڪاليج بڻايا ويا آھن اھا ئي وجھ آھي تہ ھنن ماڻھن جي نسبت پاڪستان جي ٻين علائقن جا ماڻھو خصوصاً پختونخوا ۽ پنجاب تعليم ۾ قبيلن کان تمام اڳتي آھن پر قبائلي جيڪي پاڪستاني قوم جو باقاعدو حصو آھن ھو انھن سھولتن کان محروم رھيا آھن.

لاڳاپيل مضمون[سنواريو]

  • پاٽا (صوبائي انتظام هيٺ علائقا)
  • پاڪستان جون انتظامي ايڪائيون
  • گلگت بلتستان