ڪارو ڪاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪارو ڪاري يا غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ (انگريزي: Honour Killing) قديم دور جو جاهلاڻي دستور آهي. ڪارو ڪاريءَ جو نالو بدڪاري يا زناڪاريءَ جي الزام هيٺ آيل مرد ۽ عورت تي رکيو ويندو آهي. ’ڪارو ڪاري‘ اصطلاح مختلف علائقن ۽ خطن ۾ مختلف ڪم ايندو آهي. ٻولين مطابق رکيو ويو آهي. مثلاً بلوچستان ۾ انهيءَ کي ”سياه ڪاري“ چيو ويندو آهي. سنڌ ۾ ”ڪارو ڪاري“، پنجاب ۾ ”ڪالا ڪالي“ ۽ خيبرپختونخواه ۾ ”طور طوره“ مشهور آهي. سنڌي ادب جي سماجي حقيقت نگاريءَ واري لاڙي تحت شاعرن ۽ اديبن جو ڪارو ڪاري خاص موضوع رهيو آهي، جنهن کي جديد اديبن ننديو آهي ۽ هن لاڙي کي سنڌ کان ٻاهر جي رسم سڏيو آهي.[1].

تاريخ[سنواريو]

سنڌ ۾ عربن جي حڪومت واري دؤر جي عرب سياح سليمان تاجر جي بيان مان ڄاڻ ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ ڪارو ڪاريءَ (Honor Killing) کي مارڻ جي رسم قديم زماني کان موجود آهي. هو وھانءَ جي رسمن ۽ ڪارو ڪاري (Kaaro Kaaree) جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: "جڏهن شادي يا وهانءُ ڪندا آهن، تڏهن پهريائين سلام دعا شروع ڪندا آهن، ۽پوءِ سوکڙيون پاکڙيون موڪليندا آهن پوءِ طبل ۽ جهانجهه وڄائي شاديءَ جو اعلان ڪندا آهن، جيتري قدر به ٿي سگهندو اٿن، مال ۽ دولت ڏيندا آهن. جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت کي وٺي اچي بدڪاري ڪري، ته بدڪاري ڪندڙ عورت ۽ مرد ٻئي قتل ڪرڻ سڄي ملڪ ۾ ضروري سمجهيو ويندا آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ زبردستي عورت سان زنا ڪئي، ته اڪيلو مرد قتل ڪيو ويندو آهي؛ پر جيڪڏهن عورت جي رضامنديءَ سان بدڪاري ڪيائين، ته مرد ۽ عورت ٻئي قتل ڪيا ويندا آهن.“[2] هتي زنا جي ڏوھ لاءِ جيڪا سخت سزا ڏني وڃي ٿي، تنهنجو مکيه ڪارڻ هي آهي ته سنڌ جي ماڻهن جون جسماني حالتون نراليون هونديون آهن..... هتي زالون مردن کان وڌيڪ جنسي خواهش رکن ٿيون. تنهنڪري هتي جي ڪيترن ئي ڏيهي ڪتابن ۾ عورتن کي گھٽ وڌ ڳالهايل آهي....... جيتوڻيڪ سنڌ جون زالون، حقيقت ۾ سڀاءُ، چال چلت ۾ شريف آهن.... پر ٽالپرن جي دور ۾ جيڪو ماڻهو پنهنجي زال کي زنا جي حالت ۾ ماريندو هو، تنهن کي سدائين ساراهيندا هئا. جيڪڏهن مڙس زالن جي خطا در گذر ڪندو هو ته هن جي يار تي سرڪاري ڏنڊ پوندو هو. ان کان سواءِ جيڪڏهن هو گھٽ ذات وارو هوندو هو ته کيس چهبڪ هڻندا هئا يا ٻئي نموني جي سزا ڏيندا هئا. جڏهن ته ڪاري کي ماريو ويندو هو، تڏهن ڪاري کان سندس ڀيڻ، ڌي يا ٻي مائٽياڻِي جي گهر ڪندا هئا، ”ڪاري ڪاريءَ“ کي ورلي ڇڏبو هو،۽ انهي حالت ۾ ڪاري کي سدائين سڱ ڏيڻو پوندو.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سنڌ- سياحن جي نظر ۾--ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي (قسط- 1)؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد ۱ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  3. رچرڊ برٽن؛ حيدرآباد ۽ ان جون ريتون رسمون ; ڪتاب:حيدرآباد جي تاريخ؛مصنف :حُسين بادشاهه؛ ايڊيشن:پهريون 2003ع؛ ڇپيندڙ:فائين ڪميونيڪيشن, حيدرآباد روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌ

حوالا[سنواريو]