مواد ڏانھن هلو

ٽبيولا پٽنگريانا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٽبيولا پٽنگريانا جو حصو. مٿي کان ھيٺ: ڊالمنیشیئين سامونڊي ڪنارو، ايڊرياٽڪ سمنڊ، ڏکڻ اٽلي، سسلي، آفريڪا جو ميڊيٽرينين ساحل.

ٽبيولا پٽنگريانا (Tabula Peutingeriana) يا "پٽنگر جو نقشو" (Pittinger's map) ھڪ آڳاٽو روم جو روڊ ميپ آھي جيڪو رومي سلطنت جي روڊ نيٽ ورڪ ۾ ڪوريئر ۽ ٽرانسپورٽ سروسز جي ترتيب کي ڏيکاري ٿو.

هي نقشو 13هين صديءَ جي رومن اصل مان ٺهيل پارچمينٽ جی ڪاپي آهي ۽ يورپ کي ڍڪي ٿو (جنهن ۾ جزیرو نما آئیبیریا ۽ برٽش ٻيٽن کان سواءِ)، اتر آفريڪا ۽ ايشيا جا حصا (بشمول وچ اوڀر، ايران ۽ هندستان) شامل آھن. اصل نقشو چوٿين يا پنجين صدي قبل مسیح جو هو، جيڪو خود شهنشاهه آگسٽس (27 ق.م-14ع) بیھر تیار ڪرایو.

هي نقشو 16ھین صدي جي جرمن ڪليڪٽر ڪانراڊ پيٽنگر جي نالي پٺيان رکيو ويو آهي. اڄ، هي نقشو ويانا ۾ آسٽريا جي نيشنل لائبريري ۾ رکيو ويو آهي.