ٽبيولا پٽنگريانا
ڏيک

ٽبيولا پٽنگريانا (Tabula Peutingeriana) يا "پٽنگر جو نقشو" (Pittinger's map) ھڪ آڳاٽو روم جو روڊ ميپ آھي جيڪو رومي سلطنت جي روڊ نيٽ ورڪ ۾ ڪوريئر ۽ ٽرانسپورٽ سروسز جي ترتيب کي ڏيکاري ٿو.
هي نقشو 13هين صديءَ جي رومن اصل مان ٺهيل پارچمينٽ جی ڪاپي آهي ۽ يورپ کي ڍڪي ٿو (جنهن ۾ جزیري نما آئیبیریا ۽ برٽش ٻيٽن کانسواءِ)، اتر آفريڪا ۽ ايشيا جا حصا (بشمول وچ اوڀر، ايران ۽ هندستان) شامل آھن. اصل نقشو چوٿين يا پنجين صدي قبل مسیح جو هو، جيڪو خود شهنشاهه آگسٽس (27 ق.م - 14ع) بیھر تیار ڪرایو.
هي نقشو 16ھین صدي جي جرمن ڪليڪٽر ڪانراڊ پيٽنگر نالي پٺيان رکيو ويو آهي. اڄ هي نقشو ويانا، آسٽريا ۾ آسٽريا جي نيشنل لائبريري ۾ رکيو ويو آهي.