وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 36
ڏيک
- ... تہ ڄام انڙ فيروزالدين سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو باني ھيو.
- ... تہ شاھہ جي رسالي کي ارنيسٽ ٽرمپ (تصوير) سڀ کان پهرئين جرمني کان 1886ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھو.
- ... تہ سکر ريل حادثي سبب 307 مسافر فوت ٿيا ۽ ان کي پاڪستان ريلويز جي تاريخ جو خطرناڪ حادثو قرار ڏنو ويندو آھي.
- ... تہ پنجاب قتل عام ۾ سک علحدگي پسندن ريل بيھاري 80 کان 126 تائين ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيو.
- ... تہ تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنھن کي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب تصور ڪيو ويندو آهي.