وڪيپيڊيا:بهترين مضمون/2018/مهينو سيپٽمبر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھاجرہ پيغمبر ابراهيم جي زال جو نالو، جنھن مان کيس اسماعيل پيدا ٿيو. جينيسز، توريت مطابق مصري نسل جي هاجره ساره جي ٻانهي هئي. ساره، هاجره کي ابراهيم کي ٻار ڄڻڻ لاءِ ڏنو. اسلام جي مطابق هاجره ابراهيم جي زال هئي. ھاجرہ جو نالو ڪتاب جينيسز، توريت مان ورتل آهي، هن جو ذڪر توريٿ کان سواءِ سمورن ابراهيمي مذهبن ۾ ملي ٿو. ھاجرہ اصل ۾ لفظ ھاغار جي بگڙيل صورت آهي جنھن جي معني بيگانو يا اجنبي آهي. ھاجرہ جو اصل وطن مصر ھيو ان ڪري اھو نالو مٿس پئجي ويو. ابراهيم نبي ار شھر جو رھندڙ ھو، جتي تبليغ دوران ان جي زال سارہ ۽ ڀائيٽيو لوط مسلمان ٿيا ۽ ٻنھي کي ساڻ ڪري لڏي فلسطين آيو، جتان پوءِ مصر ويو. ھاجرہ مصر جي بادشاھ يا فرعون جي ڌيءَ ھئي. فرعون ابراهيم جي بزرگي مان متاثر ٿيو ۽ پنھنجي ڌيء جي شادي ابراهيم سان ڪيائين.