هڪ بهترين مضمون ڪنهن به عنوان بابت قابل تصديق حوالن سان بهترين ڄاڻ فرهام ڪندو آهي، جيتوڻڪ بهترين مضمون چونڊ مضمون جي معيار کان ڪجهه گھٽ هوندو آهي، پر اهڙو مضمون مقرر معيار تي پورو لهندڙ هجي ٿو ۽ بهترين مضمون جي چونڊ لاءِ پهرين اميدوار طور نامزد ڪيو ويندو آهي. اهڙن مضمونن ۾ لڳاپيل تصويون شامل هونديون آهن، ۽ انهن جي اجازتنامي بابت پڻ معلومات ڏنل هوندي آهي.
هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 18,396 مضمون آهن، جن مان 132 مضمونن کي بهترين مضمون طور چونڊيو ويو آهي. جيڪي ڪُل مضمونن (140 مان 1 مضمون) ٿي ٿو. وڪيپيڊيا تي جنهن مضمون جي ساڄي طرف هي () نشان هجي، ان مان مراد، اهو مضمون هڪ بهترين مضمون آهن. موبائيل ۾ اهو نشان نظر نه اچي ته، مضمون جي بلڪل هيٺين طرف ميزڀر کي ڪلڪ ڪري ڏسي سگھو ٿا.