ومشنو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ومشنو: اُهي هندو، جي وشنوءَ جي پوڄا ڪندا آهن ۽ ڪي شِوَ جي پوڄا ڪندا آهن. ويشنئن جا ٽي قسم آهن: هڪڙا ولبچاري، ٻيا رامانندي ۽ ٽيان سوامي نارائڻ جا پيروي ڪندڙ.پشڪرنا برهمڻ ۽ ڪي سرسوت برهمڻ ۽ سڀ ڀاٽيا ۽ ڪي کتري ۽ ڪي لوهاڻا ولبچاري آهن. رامانندي اڪثر ڪري بيراڳي آهن، جي رام جي پوڄا ڪندا آهن ۽ انهيءَ لاءِٺاڪر دوارا اٿن. سوامي نارائڻ وارا اڪثر ڪڇي ڪاسبي ماڻهو آهن. اُهي ڪرشن ۽ راڌا جي پوڄا ڪندا آهن. انهيءَ جا مندر هوندا آهن. شِوَ جي پوڄا فقط برهمڻ ۽ جوڳي ۽ سنياسي ۽ گوسائين ڪندا آهن. اُهي لُنگ جي پوڄا ڪندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. قديم سنڌ -ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو. مصنف: مرزا قليچ بيگ. ايڊيشن: چوٿون 1999ع. ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو